Saturday , May 15 2021
تازاترين
Home / ويڊيوز / جبري گمشدگي خلاف مورو پريس ڪلب ۾ جسقم آريسر طرفان احتجاج

جبري گمشدگي خلاف مورو پريس ڪلب ۾ جسقم آريسر طرفان احتجاج

جيئي سنڌ قومي محاذ آريسر طرفان انساني حقن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان سنڌ مان سياسي، سماجي، قومي ڪارڪنن، شاعرن، اديبن ۽ پروفيسرن جي جبري گمشدگين جي خلاف مورو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاج ۾ ويٺلن جي ھٿن ۾ پلي ڪارڊ ھئا، جن تي لکيل هو ته سنڌ مان سياسي جبري گمشدگيون بند ڪيو ۽ رياست ھٿان کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن، اديبن پروفيسرن ۽ نوجوانن شاگردن کي آزاد ڪيو. احتجاج ۾ مختلف سياسي، سماجي، علمي، ادبي ۽ قومي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔ احتجاج جي اڳواڻي جيئي سنڌ قومي محاذ آريسر جي سينيئر اڳواڻ شاھنواز سنڌي، ڀيرومل ڪري رهيا هئا، جڏهن ته جيئي سنڌ محاذ جي سينيئر وائيس چيئرمين ھاشم کوسو، ايس اين پي جي اڳواڻ بلاول ڏاھري، جئي سنڌ تحريڪ جي ابرار مورائي، مھراڻ ابڙو، استاد حسين بخش لغاري، ذاڪر حسين لغاري، اشفاق پنھور، مھراڻ سنڌي، ماجد شيخ، حفيظ ڪلھوڙو، سنڌي ظفر، خادم سابقي، خادم لنڊ، اڪرم چانڊيو، رشيد نول، دانش ميمڻ ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. اڳواڻن موکي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته سنڌ مان سوين ماڻهو جبري طور گم آهن. ايوب ڪانڌڙو، مسعود شاھ، سھيل رضا ڀٽي، اعجاز ڳاھو، الھ وڌايو مھر، جنيد شاھ، گلشير ٺڳڙ سميت سوين سنڌ جا پٽ گم آھن. جن تي ڪوب ڪيس ۽ ڏوھ وغيرھ ناھي۔ اسان سنڌ قوم وٽ کنڀيلن جي دانھن رکون ٿا ۽ اسان دنيا جي عالمي عدالتن ۽ مهذب ملڪن کي اپيل ڪيون ٿا ته سنڌ مان کنڀي گم ڪيلن جو نوٽيس وٺي فورن آزاد ڪرايو وڃي ـ

Check Also

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي ـ علي عاجز

علي عاجز قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي …