Wednesday , May 12 2021
تازاترين
Home / اسان بابت

اسان بابت

موکي ميڊيا پهرين براڊ ڪاسٽنگ ۽ ميڊيا پروڊيڪشن ڪمپني آهي، پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ تي نه پهتل مواد “موکي ميڊيا” ذريعي دنيا تائين پهچايو وڃي ٿو، سنڌ جي ترقي، خوشحالي، ثقافتي ورثي کي بچائڻ سميت مذهبي انتهاپسندي جي خلاف جاکوڙيندڙ سماجي اڳواڻن پاران 22 نومبر 2010ع تي سوشل نيٽ ورڪ ذريعي دنيا تائين پيغام پهچائيندڙ ”موکي ميڊيا“ جو بنياد وڌو ويو ـ
موکي ميڊيا سنڌي سماج جا اهي پاسا نروار ڪري رهيو آهي جن کي عام سنڌي نجي چينل يا اخبارون نظر انداز ڪري رهيا آهن، موکي ميڊيا ادارو حقيقي ۽ سچ مواد تي يقين رکي ٿو ـ

شرط ۽ پاليسيون

ليکڪن ۽ قلمڪارن لاءِ

ليکڪَن ۽ قلمڪارن جو مواد (ڪهاڻي، مضمون، رپورٽس، آرٽيڪل وغيره) اداري جي اصولن مطابق پورو هوندو ته مواد شايع ڪيو ويندو، توهان پنهنجي مواد جا ذميوار پاڻ هوندا، اسان تعصب پرست، نفرت انگيز ۽ غير معياري مواد کي قبول نه ڪنداسين، توهان جي اي ميل يا نمبر ڪنهن ٻئي سان شيئر نه ڪيو ويندو، توهان اي ميل مواد ۾ شامل ڪرڻ چاهيو ٿا ته ادارو ان کي شامل ڪندو ـ

اشتهار ۽ اسپانسرشپ لاءِ

موکي ميڊيا هن ڊجيٽل دور ۾ يقين رکندي حڪومتي اشتهار ۽ اسپانسرشپ جو محتاج نه رهندو، اشتهار ۽ اسپانسرشپ ڏيندڙ شخص يا ڪمپني اسان جي اداري جي پاليسي تي پورو هلندو ـ


اسان سان جڙڻ لاءِ