Thursday , March 4 2021
تازاترين
Home / تازاترين خبرون / سنڌ پروگريسو ڪميٽي طرفان مورو ۾ احتجاج ڪيو ويو

سنڌ پروگريسو ڪميٽي طرفان مورو ۾ احتجاج ڪيو ويو

مورو: سنڌ پروگريسو ڪميٽي پاران موري ۾ جبري گمشدگين ۽ سنڌ جي وڏي شھر ڪراچي کي وفاق جي قبضي جي سازش خلاف احتجاجي مظاھرو ڪري ريلي ڪڍي وئي، جيڪا مورو پريس ڪلب اڳيان پھتي جنھن جي اڳواڻي عوامي ورکرس پارٹي جی اڳواڻ ڪامريڊ يونس راهو، جيئي سنڌ محاذ جي ضلعي صدر منظور خاصخيلي، سيد ارشاد شاھ، ڪامريڊ خالد ٻگھيو ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا، جتي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو تہ ڊگھي عرصي کان پوري ملڪ سميت خاص طور تي سنڌ ۾ سياسي، سماجي ڪارڪنن، اديبن، شاعرن، ليکڪن، وڪيلن ۽ صحافين کي کنڀي گم ڪرڻ پٺيان سازش ان صورت م ظاھر پئي ٿئي تہ سنڌ جي وڏن شھرن تي وفاق جي قبضي ڪرڻ لاءِ حالتون تيار ڪجن، مزاحمت ڪندڙ سياسي ڪارڪنن کنڀي گم ڪري خوف ۽ حراس پيدا ڪيو پيو وڃي، سنڌ جو حڪمران طبقو سردار، پير ۽ وڏيرو مجرماڻا جوڙ توڙ جي سازش ۾ اسٽيبلشمينٽ سان شريڪ آھي، ھنن چيو تہ سنڌ جي حڪمران طبقي جي اھا ئي پارٽي آھي جيڪا اسٽيبلشمينٽ جي سهڪار سان حڪومت ۾ آھي ماضي م اھو ئي طبقو ھر حڪومت جو حصو رهيو آهي ۽ اڄ پيپلز پارٽي سان گڏ آھن سڀاڻي جنهن پارٽي سان اسٽيبلشمينٽ هوندي هي به ان حڪومت سان هوندا ـ

Check Also

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي ـ علي عاجز

علي عاجز قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي …