Wednesday , May 12 2021
تازاترين
Home / تازاترين خبرون / خبرون / پشاور ۾ گل پانرا ٽرانسجينڊر 6 گوليون لڳڻ کان پوءِ قتل

پشاور ۾ گل پانرا ٽرانسجينڊر 6 گوليون لڳڻ کان پوءِ قتل

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور ۾ شادي جي تقريب کان پوءِ گاڏي ۾ نڪرڻ دوران پلوسي علائقي ۾ اڻ ڄاڻ ٻٽ ٻڌل ماڻهو ٻن ٽرانسجينڊرن مٿان فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ٽرانسجينٽر گل پانرا موقعي تي فوت ۽ ٻيو زخمي جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ـ
اسپتال انتظاميا جو چوڻ آهي ته زخمي ٽرانسجينڊر جي طبعيت گهڻي خراب ۽ جڏهن ته گل کي 6 گوليون لڳل آهن ـ
ياد رهي ته ان کان اڳ ۾ به ڪيترن ٽرانسجينڊرن کي قتل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ پشاور جي عليشاھ کي پڻ 6 گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، ان کان علاوه جولي نالي ٽرانسجينڊر کي پڻ تشدد جو نشانو بڻايو ويو آهي ـ
سوشل ميڊيا تي گل پانرا جي قتل کان پوءِ انصاف لاءِ ٽرينڊ هلايا پيا وڃن ـ

Check Also

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي ـ علي عاجز

علي عاجز قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي …