Saturday , May 15 2021
تازاترين
Home / تازاترين خبرون / ڪيٽيگيري 4 جو انتهائي خطرناڪ سامونڊي طوفان لورا جو آمريڪي رياست لوزيانا تي حملو

ڪيٽيگيري 4 جو انتهائي خطرناڪ سامونڊي طوفان لورا جو آمريڪي رياست لوزيانا تي حملو

لوزيانا ( ويب ڊيسڪ) پرڏيهي خبرن مطابق لوزيانا جي شهر ليڪ چارلس ۾ طوفاني هوائن سان برسات شروع ٿي وئي آهي. جڏهن ته لوزيانا ۾ سامونڊي طوفان جي شدت جي توقع آهي. طوفان لورا لوزيانا ۾ 150 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون هلي رهيون آهن. خبرن جي مطابق ٽيڪساس ۽ لوزيانا علائقي جي 6 لک ماڻهن کي لڏپلاڻ ڪرائڻ جي وارنگ پڻ جاري ڪئي وئي آهي ـ
جڏهن ته ٽيڪساس ۽ لوزيانا جي تمام علائقن ۾ بجلي پڻ بند آهي. گورنر لوزيانا جو چوڻ آهي ته متاثر علائقن ۾ پاڻي جي شدت ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو، تنهنڪري غير ضروري گهرن کان ٻاهر نه نڪرو. ياد رهي ته طوفان لورا هن وقت تائين 24 ماڻهو ماري چڪو آهي ۽ هزارين ماڻهن کي بي گهر ڪري چڪو آهي ـ

Check Also

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي ـ علي عاجز

علي عاجز قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي …