Wednesday , May 12 2021
تازاترين
Home / ڳاله ٻوله / استاد سنجيدہ ٿي تعليم ڏيندو تہ ٻار ان وٽ پاڻھي ايندا بس تعليم ڏيڻ واري عمل کي ٻارن لاءِ دلچسپ بڻايو وڃي ـ مسڪين محمود لغاري

استاد سنجيدہ ٿي تعليم ڏيندو تہ ٻار ان وٽ پاڻھي ايندا بس تعليم ڏيڻ واري عمل کي ٻارن لاءِ دلچسپ بڻايو وڃي ـ مسڪين محمود لغاري

مسڪين محمود لغاري سنڌو درياءَ جي ڪپ تي

ساھتي پرڳڻي جو پس ماندہ علائقو درياء جي ڪپ تي اڏيل ڳوٺ بجراڻي لغاري، جيڪو ڪنھن دور ۾ ٻيلي جي ڌاڙيلن جو علائقو سڏبو ھو ۽ ھاڻ به اتي تعليم دشمن بااثر موجود آھن، تنھن ھوندي ھي مانجھي مڙس جفاڪشون ڪري رضاڪارانه طور تي سوا سئو ٻارن کي تعليم جي زيور سان سينگاري ٿو، علم دوست شخص مسڪين محمود لغاري جنھن عملي ڪم ڪري نئين تاريخ رقم ڪئي آھي، اچو ته سندس سان ڳالھ ٻولھ ڪيون ـ

سردار احمد ٻرڙو: توھان جي تعليم؟
مسڪين محمود لغاري: مئٽرڪ
سردار احمد ٻرڙو: توهان جي بابا جي ڪرت ڇا هئي؟
مسڪين محمود لغاري: هارپو ۽ کيت مزدوري
سردار احمد ٻرڙو: هن وقت توهان جو گذر جو ذريعو ڇا آهي؟
مسڪين محمود لغاري: اسڪول ۽ ٻيو پنڻ يعني دوستن جي مدد
سردار احمد ٻرڙو: توهان جي شادي لوو ميرج آهي يا ارينج؟
مسڪين محمود لغاري: ارينج ميري، منهنجي ڏئي مائٽن بدي ۾ منهنجي زال ورتي
سردار احمد ٻرڙو: اولاد ڪيترو آهي؟
مسڪين محمود لغاري: چار پٽ ۽ ٻه نياڻيون
سردار احمد ٻرڙو: توھان بجراڻي لغاري ۾ رضاڪارانه طور مستقبل جي معمارن کي تعليم جي زيور سان سينگاريو پيا ان اسڪول جو تعارف، پڙھندڙ ٻارن جو تعداد ڪيترو آھي ۽ اسڪول جو خرچ ڪٿان ٿو اچي؟
مسڪين محمود لغاري: منھنجي اسڪول جو نالو جاڳرتا پبلڪ اسڪول آھي سو سوا سو ٻار اچن ٿا. اسڪول جا خرچ ٿيندا آھن ڇا..؟
سردار احمد ٻرڙو: توھان شعور جي لاٽ جو آغاز پنھنجي گھر ۽ ڳوٺ کان ڪيو ان ۾ سڀ کان وڌيڪ ساٿ ڪنھن ڏنو ؟
مسڪين محمود لغاري: سڀ کان گھڻو ساٿ خالد ٻرڙو ئي ڏئي رھيو آھي. باقي ھڪ وقت ۾ شاعر رخسانہ پريت چنڙ مونکي اسڪول لاء 40 ڪرسيون وٺي ڏنيون ھيون، ان بعد سرمد لغاري ۽ آصف علي ھر ڏکئي وقت ۾ مدد ڪندا رھيا آھن، شھيد گرداس ڏوڏاڻي اسڪول کي پليٽ پکو ۽ ديوار ڏياري جنھن تي سندن جو 25000 ھزار خرچ آيو ھو، زوھيب ڏاھري 20 پلاسٽڪ جون ڪرسيون وٺي ڏنيون ائين مون وٽ 110 ٻار ويھارڻ جو فرنيچر آھي ـ

مسڪين محمود لغاري اسڪول ۾ ٻارن کي پڙهائيندي

سردار احمد ٻرڙو: سياست ۾ ڪيئن آيئو، ماضي ۾ ڪھڙي سياسي تنظيمن سان واسطو رھيو؟
مسڪين محمود لغاري: 2010 جي ٻوڏ ۾ ڪچي مان ھٿو خالي دربدر ٿي بند تي پھتاسين تہ سڀ کان پھريان ٻارن لاء کير کنڊ ماني جو بندبست ڪندڙ دوستن سان لاڳاپو ٿيو، جيڪي ڪميونسٽ ھئا ان کان پوء ڪميونزم کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪئي سون انھن دوستن جي معرفت 2011 ۾ ڳوٺ ۾ يونٽ کوليوسين جيڪو اڄ بہ آھي ماضي ۽ حال ساڳي پارٽي ۾ ئي رھيو آھي يعني عوامي ورڪرز پارٽي پاڪستان سان ان کان اڳ اھا پارٽي ليبر پارٽي جي نالي سان ڪم ڪندي ھئي ـ
سردار احمد ٻرڙو: شاگردي واري زماني جا ڪي يادگار واقعا؟
مسڪين محمود لغاري: شاگردي ٻالپڻ ۾ گذري ڪو عقل ئي ڪون ھو ڪاليج ۾ ھئاسين تڏهن به اھا خبر نہ ھئي تہ يونيوسٽي ڇا لاء ھوندي آ ـ
سردار احمد ٻرڙو: ڪچي جھڙي علائقي ۾ سياسي طور توھان ھميشه تحرڪ ۾ رھيا آھيو ڇا ڪڏھن توھان تي بااثرن جو حملو ڪيو؟
مسڪين محمود لغاري: ھاھا نه با اثر سڌو حملو ناھي ڪيو باقي سماج ۾ انفرادي عزت کي نقصان ڏيڻ لاء تمام گھڻو تحرڪ ۾ رھندو آيو آھي ۽ پارٽي خلاف بہ نفرت پکيڙڻ لاءِ ڪم ڪندا رھندا آھن ـ
سردار احمد ٻرڙو: توهانجي علائقي بجراڻي لغاري ۾ نياڻيون ڪيترو سيڪڙو تعليم حاصل ڪن ٿيون؟
مسڪين محمود لغاري: بنھ گھٽ آھي نہ جي برابر
سردار احمد ٻرڙو: ڪچي واري علائقي ۾ ماڻھو ٻار گھٽ پڙھائيندا آھن ڇا توھان ڳوٺ وارن ڏي ھلي ويندا آھيو ته پنھنجا ٻار پڙھائيو؟
مسڪين محمود لغاري: ڪچو ڇا ڪٿي بہ ڪو استاد سنجيدہ ٿي تعليم ڏيندو تہ ٻار ان وٽ پاڻھي ايندا بس تعليم ڏيڻ واري عمل کي ٻارن لاءِ دلچسپ بڻايو وڃي ـ
سردار احمد ٻرڙو: توھان جي نظر ۾ مذھبي انتھا پسندي جا ڪارڻ ڪھڙا آھن؟
مسڪين محمود لغاري: جيئن تہ منھنجو تعلق غربت جي لڪير کان ھيٺ جيئڻ وارن سان آھي انڪري منھنجي نظر ۾ سڀ مسئلا معاشي اڻ برابري جي ڪري آھن ـ

مسڪين محمود لغاري پنهنجي نياڻي ڪامريڊ ڪومل ۽ پٽ ڪامريڊ چي سان گڏ

سردار احمد ٻرڙو: توھان ڪنھن کان متاثر ٿي، ڪامريڊ چي، ڪومل ۽ نصيب کي اسڪرين تي آندو؟
مسڪين محمود لغاري: ڪرونہ بعد اسڪول بند ٿيڻ مدد گھٽجي وڃڻ ڪري ٻارن وٽ ڪپڙا جوتا ڪون ھئا انڪري انھن ۾ محروميون جنمڻ لڳيون سو اسڪرين تي آڻي انھن کي ويوز ڏيکار خوش رکندو ھئس پر اھا صورتحال استاد پروفيسر احمد مھر محسوس ڪري ورتي ۽ ان گھر جي راشن جو بندوبست ڪيو پوءِ ايتري ۾ وڊيو بہ وائرل ٿي ويا ڪامريڊ ڪومل ٻہ چڪر ڪي ٽي اين تان ھلي انڪري ان پاسي روزاني بنياد تي ٽائم ڏنوسون ـ
سردار احمد ٻرڙو: ڪامريڊ ڪومل جي ھن وقت عمر گھڻي آھي، ڪھڙي درجي ۾ پڙھي ٿي ۽ ڪيترا بيت ياد اٿس؟
مسڪين محمود لغاري: اوھان جي مھرباني جو اوھان سوال پڇڻ وقت ڪامريڊ ڪومل کي ڪامريڊ لکيو نہ تہ عام صحافي کي،  ٻي ڪنهن کي ڪامريڊ سڏڻ تي ڪاوڙ ايندي آھي ـ
ان جي عمر ڏھ سال آھي ڇھين ڪلاس ۾ ھاڻي داخلا وٺندي. پر ھتي ڪوبہ انگريزي اسڪول ڪونھي سو ڏسو تہ ان کي اڳتي ڪيئن ٿا پڙھائي سگھون، کين گھڻائي سون ۾ بيت ياد اٿس مڪمل تعداد معلوم ناھي ـ
سردار احمد ٻرڙو: پسنديده ليکڪ ڪهڙو آهي؟
مسڪين محمود لغاري: محبت ٻرڙو، نجم عباسي، ارشد محمود ۽ ٻيا سڀ اٿيسٽ
سردار احمد ٻرڙو: شاعري ڪنهنجي پسند آهي؟
مسڪين محمود لغاري: لطيف سائين، حمل فقير، شيخ اياز ۽ اڄ جي شاعرن ۾ علي آڪاش اقبال رند ٻيا جيڪي سٺو لکن ٿا اھي سڀ گلزار سيال ۽ فياض ڏاھري پڻ پسند آھن ـ
سردار احمد ٻرڙو: پسند جو ڪتاب ڪهڙو آهي؟
مسڪين محمود لغاري: شعور(محبت ٻرڙو) ۽ وحشي جيوت جا نشان ترجمو ابراهيم جويو
سردار احمد ٻرڙو: زندگي کان ڪا شڪايت؟
مسڪين محمود لغاري: زندگي مڪمل شڪايت آھي جو زندگي ھوندي ھڪڙا امير ۽ ھڪڙا غريب آھن ـ
سردار احمد ٻرڙو: ڪهڙي ڳالھ تي وڌيڪ مايوس ٿيندا آهيو؟
مسڪين محمود لغاري: کنڊ کٽندي آهي يا سگريٽ نه هوندا آهن ته راشن نه هجڻ ڪري اڪثر پريشاني رهندي آهي
سردار احمد ٻرڙو: جاگيرداري نظام مان ڪيئن آجپو حاصل ڪجي؟
مسڪين محمود لغاري: سياسي پارٽين جو سياسي انسٽيوٽيوٽ ۾ تبديل ٿي وڃڻ سان سماج ڪجھ وڌيڪ اوسر ڪندا ـ
سردار احمد ٻرڙو: ذات پرستي جا ڪهڙا ڪارڻ آهن ۽ ان مان جند ڪيئن ڇڏائجي؟
مسڪين محمود لغاري: سبب هڪو ئي آهي معاشي اڻ برابري
سردار احمد ٻرڙو: جيئن ته سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ۽ عملي طور توھان کي سنڌ جو ھر شعوري ننڍو توڙي وڏو فرد اوھان کي سڃاڻي ٿو، ھن انٽرويو ذريعي توھان انھن کي ڪو ميسيج ڏيڻ چاھيو؟
مسڪين محمود لغاري: سڀ خوش ھجن بس پنھنجن نسلن کي تعليم نہ ڏيڻ، نہ ڏيارڻ وارن مان نہ ٿين ۽ مدرسن جي تعليم کان پرھيز ڪن ـ

Check Also

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي ـ علي عاجز

علي عاجز قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي …