Wednesday , May 12 2021
تازاترين
Home / تازاترين خبرون / عوامي تحريڪ مرڪز طرفان نوابشاھ ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪيو ويو

عوامي تحريڪ مرڪز طرفان نوابشاھ ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪيو ويو

نوابشاھ (رپورٽ: مزمل چانڊيو) عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي سنڌ جي ورھاڱي جي سازش، ڪراچي ڪميٽي، ڌارين جي آبادڪاري، زمينن تي قبضا، پاڻي تي ڌاڙا ۽ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي ڪارڪنن پاران نور احمد ڪاتيار، هرچند لال، ستار رند، سنڌياڻي تحريڪ جي سڀاني ڏاهري، فريد ڪلھوڙو، داود ڏاھري، علي نواز ڏاهري، خان گاڏاهي، ڪائنات ڏاھري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران علامتي بک ھڙتالي ڪئمپ قائم ڪئي وئي ان موقعي تي بک ھڙتال کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ڪنهن کي به اهو اختيار نه آهي ته هو ڪراچي جي الڳ صوبو لاءِ ڳالهه ڪري، ھنن چيو ته سنڌ سنڌي ماڻهن جو پنج هزار سالن جو تاريخي وطن آهن. سنڌ جي وحدت تي وار ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، ھنن چيو ته ڪراچي ڪميٽي سراسر غير قانوني آهي، پيپلز پارٽي جي حڪمرانن ڪرپشن جي ڪيسن کان بچڻ لاءِ غير قانوني ڪراچي ڪميٽي جو سهارو ورتو آهي، ھنن چيو ته ڪراچي جي ڳوٺن کي پڪو ڪري ڳوٺاڻن کي مالڪاڻا حق ڏنا وڃن، ھنن چيو ته پ پ پ حڪمرانن هٿ وٺي سنڌ جي ماڻهن کي ٻوڙائي تباهه ڪيو آهي. سنڌ ۾ 13 سالن کان وٺي پيپلز پارٽي جي حڪومت آهي، ڪرپشن سبب سمورن ادارن کي تباهه ڪيو ويو آهي، انھيءَ موقعي تي اڳواڻن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته حڪمرانن جي هٿرادو ٻوڏ جو پاڻمرادو نوٽس وٺي ٻوڏ متاثر ماڻهن جي مدد ڪئي وڃي ـ

Check Also

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي ـ علي عاجز

علي عاجز قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي …