Wednesday , May 12 2021
تازاترين
Home / ڳاله ٻوله / عورت کي هر بدمعاش ۽ بدمعاشي خلاف خود اعتمادي ۽ بهادري سان ميدان تي اچڻ گهرجي: ڪامريڊ مرڪ منان

عورت کي هر بدمعاش ۽ بدمعاشي خلاف خود اعتمادي ۽ بهادري سان ميدان تي اچڻ گهرجي: ڪامريڊ مرڪ منان

ڪامريڊ منان چانڊيو ۽ سندس نياڻي ڪامريڊ مرڪ منان

زندگي جون چاليھ بھارون عوامي تحريڪ کي ارپيندڙ عوامي تحريڪ جو سينيئر روح روان ڪامريڊ منان چانڊيو جنھن مثبت ڪردار ادا ڪندي وارھ جھڙي پس ماندہ علائقي ۾ پنھنجين نياڻين کي شعوري تعليم ڏئي جديد سياست ۾ آندو، اچو ته سندس نياڻي ڪامريڊ مرڪ منان سان سندن سياسي سفر بابت ڳالھ ٻولھ ڪيون ـ

سردار احمد ٻرڙو: توھان جي بابا ڪامريڊ منان چانڊيو جي ڪرت ڇا آھي؟
ڪامريڊ مرڪ: بنيادي طور تي هاري، پر پنهنجي زمين وارو ـ
سردار احمد ٻرڙو: توھان سياسي طور عوامي تحريڪ جي عورت ونگ سان جڙيل آھيو، انجو منشور ڇا آھي؟
ڪامريڊ مرڪ: جيئن ته سنڌياڻي تحريڪ عوامي تحريڪ جو برادر محاذ يا زيلي تنظيم آھي تنهنڪري عوامي تحريڪ جو منشور ئي سنڌياڻي تحريڪ جو منشور سمجهيو وڃي، عوامي تحريڪ جو منشور ملڪ ۾ قومي، عوامي، جمهوري، سامراج دشمن، انقلاب آڻڻ آھي ـ
سردار احمد ٻرڙو: توھان جي تعليم ڪيتري آھي؟
ڪامريڊ مرڪ: مان بي اي سي پارٽ ون جي شاگردياڻي آھيان ـ
سردار احمد ٻرڙو: توھان ھن وقت ناري محاذ ۾ ڪھڙي عھدي تي آھيو؟
ڪامريڊ مرڪ: آءُ هنيئر صرف بنيادي ممبر آھيان، ان کان اڳ ٻه ڀيرا مرڪزي ڪميٽي جي ميمبر رهي چڪي آھيان ـ
سردار احمد ٻرڙو: عوامي تحريڪ کي جيڪي سينئر سياسي اڳواڻ ڇڏي ويا انھن ٻيون تنظيمون وڃي ٺاھيون، سنڌ ۾ قومي توڙي ليفٽ جي تنظيمن ۾ اھو مرض عام آھي ان جا ڪھڙا ڪارڻ آھن؟
ڪامريڊ مرڪ: سوال صرف عوامي تحريڪ کي ڇڏيندڙ سينئر اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جو ڪونهي پر سويت يونين ٽٽڻ کانپوءِ سڄي دنيا جي پارٽين ۾ ٽوڙ ڦوڙ شروع ٿي وئي جنهن جي منفي اثرن کان پاڪستان سنڌ جي ٻين پارٽين سميت عوامي تحريڪ به بچي ڪو نه سگهي ـ
سردار احمد ٻرڙو: سياسي طور ڪنھن کان متاثر آھيو؟
ڪامريڊ مرڪ: ظاهر ڳالھ آھي پليجو صاحب کان ئي متاثر آھيان ـ
سردار احمد ٻرڙو: ميرا جسم ميري مرضي نعري بابت توھان جي ڇا راء آھي؟
ڪامريڊ مرڪ: ميرا جسم ميري مرضي جا ڪيترا ئي پهلو آھن، اسان هر فحاشي جا مخالف آھيون پر ان جو مطلب هرگز منفي نه سمجهيو وڃي ـ
سردار احمد ٻرڙو: پسنديده ڪتاب ڪھڙو آھي؟
ڪامريڊ مرڪ: محترم رسول بخش پليجو صاحب جو ترتيب ڏنل ڪتاب ”جيڪي بنگال سان ٿيو” ـ
سردار احمد ٻرڙو: ھن وقت پوري ملڪ ۾ جبري جنسي ڏاڍائي جا ڪيس عام ٿين ٿا ڪجھ اھڙا ڪيس به آھن جيڪي منظر عام تي نٿا اچن ٻين کي انصاف نٿو ملي ڇا ان جا ھڪ شعوري عورت تي اثر پون ٿا ؟
ڪامريڊ مرڪ: بلڪل جنسي ڏاڍائين جا منفي اثر شعوري عورت تي پون ٿا، پر ان جو مطلب اهو ناهي ته عورت حوصلو هاري ويهي رهي، هر بدمعاش ۽ بدمعاشي خلاف خود اعتمادي ۽ بهادري سان ميدان تي اچڻ گهرجي ـ
سردار احمد ٻرڙو: پسنديده ليکڪ ڪھڙو آھي ؟
ڪامريڊ مرڪ: امر جليل، پليجو صاحب ـ
سردار احمد ٻرڙو: پسنديده شاعر ؟
ڪامريڊ مرڪ: جون ايليا
سردار احمد ٻرڙو: وارھ شھر ۾ ڪيترو سيڪڙو نياڻيون تعليم حاصل ڪن ٿيون؟
ڪامريڊ مرڪ: پرائمري ۾ ته 50 سيڪڙو ٻارڙيون وڃن ٿيون، هائير سيڪنڊري تائين 20 کان 30 سيڪڙو ۽ ڪاليج ۽ يونيورسٽين تائين وڌ ۾ وڌ 5 سيڪڙو ـ
سردار احمد ٻرڙو: چيو وڃي ٿو ته ھاڻ عورت آزاد آھي ھن کي ھر شي جي آزادي آھي پر ”عورت آزادي“ بابت توھان جو ذاتي خيال ڇا آھي؟
ڪامريڊ مرڪ: آزادي مان مراد ڇڙواڳي نه هئڻ گهرجي باقي هن وقت ڪافي حد تائين ٻني ٻاري جي ڪم ڪار، سرڪاري ۽ پرائيويٽ نوڪري کان ويندي شھر جي مارڪيٽن ۾ خريداري تائين عورت تي گهڻي ڀاڱي پابندي ڪو نه آهي ـ

ڪامريڊ مرڪ منان تقريب کي خطاب ڪندي

سردار احمد ٻرڙو: سنڌ جون نياڻيون جيڪي تعليم آفتہ آھن اھي سياست کي برو ڇو ٿيون سمجھن ان جو سبب ڪھڙو آھي؟
ڪامريڊ مرڪ: اصولي سياست کي برو ڪو نه ٿو سمجهيو وڃي باقي چالو سياست کان مون کي پاڻ نفرت آھي ڇو ته اڄ ڪالھ اقتداري پارٽين ۽ ڀوتارن سياست کي ميرانجهو ڪري ۽ لڄائي ڇڏيو آ ـ
سردار احمد ٻرڙو: سنڌ جي سياست ۾ عورت جي کوٽ جو پورائو ڪيئن ڪجي؟
ڪامريڊ مرڪ: ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ جيڪي به سياسي پارٽيون آھن ويندي جماعت اسلامي تائين انهن ۾ عورت ونگ قائم ٿيل آھي باقي عملي طور تي سياسي ميدان ۾ عورتن جو تعداد حوصلا افزا ڪو نه آھي، رهيو سوال ان کوٽ کي پورو ڪيئن ڪري سگهجي ٿو، ته فلحال اهو ڪم سولو ڪو نه آھي پر پوءِ به سنڌ ۾ جيڪي نظرياتي کاٻي ڌُر، ترقي پسند ۽ قوم پرست ڌريون ۽ پارٽيون آھن اهي اها کوٽ پوري ڪري سگهن ٿيون ـ
سردار احمد ٻرڙو: جاگيرداري نظام مان آچبو ڪيئن حاصل ڪجي؟
ڪامريڊ مرڪ: هن وقت سنڌ ۾ ڪا به جاگيرداري قائم ڪو نه ٿيل آھي باقي وڏيون زمينداريون جام آھن. سوال انهن زميدارين جون زمينون ضبط ڪرڻ جو ڪو نه آھي پر جاگيرداري يا زمينداري دقيانوسي ۽ مدي خارج سوچ کي ختم ڪرڻ لاءِ وري به سنڌ جي نظرياتي ۽ فڪري پارٽين مان اميد ڪري سگهجي ٿي
سردار احمد ٻرڙو: سنڌ ۾ وڏي ۾ وڏو مسئلو تعليم جي کوٽ جو آھي ۽ ان کوٽ جو شڪار نياڻيون وڌيڪ ٿين ٿيون، ان لاءِ ڪھڙا اپاءَ وٺڻ گھرجن؟
ڪامريڊ مرڪ: سوال کوٽ سان گڏوگڏ غير معياري تعليم جو پڻ آھي، ٻئي ڳالھ ته موجوده وقت ۾ نجي تعليمي ادارا تمام گهڻا آھن جن جي فيس ڀرڻ هاري مزدور ۽ ٻئي پورهيت طبقي جي نياڻين جي وس جي ڳالھ ڪو نه آهي ان کانسواءِ سرڪاري ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي به مختلف فيس ۽ خرچ کاٻارا عام ماڻھو جي نياڻين جي مالي حيثيت کان وڌيڪ آھن. نياڻين جي تعليم تڏھن ممڪن ٿي سگهي ٿي جڏھن سنڌ جي ننڍن شھرن ۾ ڪاليج ۽ هر ضلعي هيڊڪواٽر ۾ يونيورسٽيون قائم ڪيون وڃن جن جي فيس ٻُڙي هئڻ گهرجي ـ

ڪامريڊ مرڪ منان عوامي تحريڪ جي پروگرام تقريب کي خطاب ڪندي

سردار احمد ٻرڙو: ڪھڙي ڳالھ تي وڌيڪ مايوس ٿيندا آھيو؟
ڪامريڊ مرڪ: جڏھن سنڌ جو ڀوتار ۽ ڪرپٽ آفيسر مسڪين ماڻھن تي مختلف قسمن جون ڏاڍايون، بيواجبيون ڪندا آھن ۽ ماڻھو انهن جي جيءُ حضوري ڪرڻ ۾ پورا هجن ـ
سردار احمد ٻرڙو: ماضي جو ڪو اکين ڏٺو اڻ وسرندڙ حادثو؟
ڪامريڊ مرڪ: ڪجھ سال اڳ منهنجي امڙ چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻي جي سرجيڪل وارڊ ۾ داخل ٿيل هئي، ساڳئي ئي وارڊ ۾ هڪ ڇوڪري پڻ داخل ٿيل هئي جنهن جي آپريشن دوران ڪجھ سيکڙاٽ ڊاڪٽرن جي لاپرواهي سبب سندس پيٽ ۾ ڪينچي رهجي وئي جنهن سبب ڇوڪري تڙپندي رهي ـ
سردار احمد ٻرڙو: توھان جي بابا وڏي جرئت سان توھان سڀني کي پڙھائي ۽ سياست ۾ آندو ڇا بابا کي ڪڏھن زميندار طبقي کان ڌمڪيون مليون؟
ڪامريڊ مرڪ: بابا سائين جنهن پارٽي سان گذريل 40 سالن کان واڳيل آھي ان پارٽي جي ڪنهن به ڪارڪن کي ڊيڄارڻ يا هيسائڻ جي ڪنهن به ڀوتار ۽ آفيسر ۾ جرئت ئي ڪا نه ٿيندي آهي باقي مٿي ڄاڻايل ڌريون ۽ فرد ڪيترا ئي ڀيرا بابا سائين تي سياسي بنيادن تي مختلف قسم جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائيندا رهندا پيا اچن جن سڀني ڪيسن کي بابا سائين منهن ڏيندو پيو اچي ـ
سردار احمد ٻرڙو: مذھبي انتھا پسندي جي باري ۾ ڪجھ چوڻ چاھيندؤ؟
ڪامريڊ مرڪ: پاڻ مسلمان آھيون تنهنڪري مذھب اسلام جي اصل عوام دوست خوبين جي پاڻ آجيان ڪندا آھيون ۽ انهن تي عمل پيرا ٿيڻ پڻ گهرجي، باقي اڄ جي پيٽ پرست پيرن ۽ مُلن واري ڏسيل مذھب عوام لاءِ فائدي بدران نقصان ڪار آھي ان ڪري انهن جي مزاحمت ڪرڻ گهرجي ـ
سردار احمد ٻرڙو: زندگي کان ڪا شڪايت؟
ڪامريڊ مرڪ: ڪا به شڪايت ڪونهي، پنهنجي اڀري سڀري حال تي هلندا پيا اچون، مايوس ٿيڻ جي ڪا به ڳالھ ڪو نه آهي ـ
سردار احمد ٻرڙو: ھرروز ذات پرستي جا نوان گروپ ٺھن ٿا، ان جو وڏو سبب ڪھڙو آھي؟
ڪامريڊ مرڪ: ان جو وڏو سبب جهالت ۽ ڪم علمي آھي حقيقت ۾ ذات پرستي سنڌي سماج لاءِ هڪ ناسور بڻجي وئي آھي، باقي ذات کان ڪا به نفرت نٿي ڪري سگهجي ڇو ته ذاتين سان ئي ماڻھو سڃاتا ويندا آھن. ها اسين سڀ کان پهريون سنڌي قوم پوءِ وري ڪنهن قبيلي، ذات ۽ پاڙي سان لاڳاپيل آھيون ـ
سردار احمد ٻرڙو: جيئن ته سماجي رابطن واري ويب سائيٽن تي توھان کي ھر شعوري ماڻھو سڃاڻي ٿو، ان کان علاوه عملي طور سنڌ جون نياڻيون جيڪي تعليم آفتہ آھن انھن لاء توھان ڪو ميسيج ڏيندؤ؟
ڪامريڊ مرڪ: ميسيج اهو آھي ته عورت ۾ خوداعتمادي لازمي ھئڻ گهرجي، پنهنجي والدين جي ڏنل آزادي ۽ ڪيل اعتماد کي ڇڙواڳي بنائي ڇيهو نه رسايو وڃي، سوشل ميڊيا جو غلط استعمال نه ڪرڻ گهرجي انهن جي منفي پاسن کان پري رهڻ گهرجي، اجاين سجاين قولن ۽ فعلن کان پاسو ڪرڻ گهرجي، اسين جنهن تعليمي شعبي سان تعلق رکون ٿيون ان ۾ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. جيڪا عورت سرڪاري اعليٰ يا ننڍن عهدن تي فائز آھي انهن کي ايمانداري ۽ زميواري جا فرض نڀائڻ گهرجن، ڪرپشن اڪربا پروري، پنهنجا نوازيو پاليسي کان پري رهڻ گهرجي، عام ۽ مسڪين ماڻھن جي جائز ڪمن کي اڪلائڻ کي اوليت ڏني وڃي تڏھن ئي عورت جي تعليم يافته هئڻ جو حق ادا ٿئي يا ثبوت ملي سگهي ٿو ـ

Check Also

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي ـ علي عاجز

علي عاجز قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي …