Thursday , February 25 2021
تازاترين
Home / تازاترين خبرون / نوابشاھ جي علائقي محمدي ٽائون جي رھواس ماءُ جي گمشدگي سبب احتجاج ڪندي

نوابشاھ جي علائقي محمدي ٽائون جي رھواس ماءُ جي گمشدگي سبب احتجاج ڪندي

نوابشاھ (رپورٽ: مزمل چانڊيو) نوابشاھ جي علائقي محمدي ٽائون جي رھواسي علي نواز خاصخيلي پنھنجي چاچي نياز حسين، غلام حسين ۽ مسمات زيب النساء سان گڏ نوابشاھ پريس ڪلب ٻاھران احتجاجي مظاهرو ڪندي دانھيون آھي ته منھنجي ماءُ مسمات سڪينه خاصخيلي 14 ڏينھن اڳ مائٽن ڏانهن وڃڻ جو چئي گھران نڪري وئي آھي جيڪا اڃان تائين واپس نه اچي سگهي آهي، ھن چيو ته اسان مائٽن وٽ به ڳولا ڪئي آهي ليڪن اڃان ڪوبه ڏس پتو نٿو ملي، ھن چيو ته اسان تمام گھڻا پريشان آھيون حد جي ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي آھي ليڪن پوليس به اسان جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناھي اسان کي شڪ آھي ته منھنجي ماءُ کي اغوا ڪيو ويو آھي، ھن ڊي آئي جي، ايس ايس پي شھيد بينظيرآباد ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته منھنجي ماءُ جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي ـ

Check Also

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي ـ علي عاجز

علي عاجز قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي …