Wednesday , March 3 2021
تازاترين
Home / مضمون / ڪاوڙ واري رويي کي مثبت انداز ۾ سوچڻ! ـ اويس فيض

ڪاوڙ واري رويي کي مثبت انداز ۾ سوچڻ! ـ اويس فيض

ڪاوڙ يا چڙ واري رويي کي ايڪوھين صدي جھڙي ڏاھپ ۽ سائنسي دور ۾ سمجڻ ھڪ عجيب ۽ نفي قسم جا خيال انساني ذھن ۾ ايندا ھوندا تہ ڪاوڙ ڪرڻ خراب، ڪاوڙ ۾ جاني ۽ مالي نقصان ٿئي ٿو وغيرہ جھڙا سوال ذھن ۾ سائيڪل جي ڦيٿي وانگر پيا ڦرند آھن. پر انھيءَ انساني ذھن ۾ گھمندڙ ڦيٿي کي ھڪ ھنڌ بيھاري انھيءَ جي باري ۾ سوچجي تہ مختلف سبب انھي ڦرندڙ ڦيٿي ڦيرائڻ ۽ ھلائڻ جي باري ۾ ملندا ـ
مادي جدليات جو ھڪ اصول آھي شيون سماج ۾ شين تبديلي جي نتيجي ۾ ظاھر ٿين ٿيون ۽ اھي سماجي شيون انساني زندگيءَ سميت ٻين غير جاندار شين تي اثر ڪن ٿيون. ائين پوءِ شين کي نومينيزم فلسفي ۽ سماجي ھٿرادو پيدا ڪيل قانونن ۾ ماپيو وڃي ٿو. ائين ئي ڪاوڙ بہ ڪا فطري عمل نہ جيڪو انسان ماءُ جي پيٽ کان کڻي ايندو آھي. پر اھا ھڪ سماجي شين ۾ تبديلي جي کوٽ ۽ بدحالي جي ڪري پيدا ٿئي ٿي. اھا بک ۽ بدحالي واري حالت ئي ھوندي آھي، جنھن جي ڪري اھو رويو انساني صورت ۾ گھر ٺاھي ويندو آھي جو ھو اھي بک برداش نہ ڪرڻ جي حالت ۾ ھوڪرون ۽ دانھڻ شروع ڪندو آھي، جنھن اسانجي جھڙن پسماندہ سماجن ۾ ڪاوڙ جي نالي طور سڃاتو وڃي ٿو. پر اھو رويو رڳو گھريلو ننڍڙن معاملن ۽ ڦڏن، جنگين ۽ انقلاب جھڙن تحرڪن ۾ ظاھر ٿئو آھي. جنھن مثال اوھان دنيا جي يورپن، ايشيا، ۽ آفريڪا جھڙن انقلاب ۾ سمجھي سگھو ٿا. يا ھن وقت جيڪي دنيا ۾ انقلاب آيا آھن، اھي شين جي تبديلي ۽ انساني زندگيءَ ۾ بدحالي، بک، تنگي ۽ بيزاريءَ واري حالت ۾ آيا. جيڪڏھن اھي يورپين ۽ ايشائي ماڻھو گڏيل طور ڪاوڙ نہ ڪن ھا تہ شايد اھي ھن وقت بہ پنھنجي اندورني تضاد ۾ پاڻ وڙھندا رھن ھا ـ
انھن انھيءَ ڪاوڙ واري رويي کي مثبت ۽ حقيقي انداز اجو ثابت ڪري ڏيکارئيو تہ ڪاوڙ جي ڪري تبديلي آڻي سگھجي ٿي. جڙ ۽ ڪاوڙ جھڙي روي کي ائين ھٿي وٺرائي ماڻھن کي بدحال ۽ بک جھڙي جيوڙي کان زندگين جو رت چوسائيو وڃي ٿو. ڪاوڙ ڪيو ۽ اھي رويا ھڪٻئي تي ڪڍڻ کان بجاءَ گڏجي انھيءَ جيوڙي تي ڪڍو تہ جيئن اھڙي رت پياڪ جيوڙي جو خاتمو ڪري انھيءَ جيوڙي ۽ ڪاوڙ کان جند ڇڏائي سگھجي ـ

Check Also

سدا واھ شاخ جي پڇڙي تي جوڊيشل ميجسٽريٽ ون جج شفيق احمد کرل جو مختلف واٽرن جو دورو

شهدادپور(رپورٽ: رجب رند) شھدادپور لڳ آبادگارن جي شڪايت تي سول جج جو سدا واھ شاخ …