Wednesday , May 12 2021
تازاترين
Home / ڪهاڻيون / اي ميل ـ سردار احمد ٻرڙو ـ قسط 01

اي ميل ـ سردار احمد ٻرڙو ـ قسط 01

جڏھن ھوائن ۾ تنھنجي زلفن جي خوشبو ناھي ايندي ـ
پري پري تائين تنھنجي غيرموجودگي جو احساس وڪوڙي ويندو آھي، جڏھن اڪيلائي جي ڪُنَ ۾ غوطا کائيندي ڪنارو تلاش ڪندو آھيان، جڏھن چنڊ کي تنھنجا نياپا ڏئي ڏئي رڪجي پوندو آھيان، جڏھن مينھن جي بوندن جي آواز ۾ تنھنجي رقص جو عڪس ناھي ملندو، سج ۾ جھونائپ ڏسي ڏسي ٿڪجي پوندو آھيان ته شايد تون اچين وڃين، ڇاڪاڻ اڳي جڏھن سج ۾ تائي نہ ھوندي ھئي ته تنھنجو درشن ٿيندو ھو، چنڊ جي جوڀن وارن ڏينھن ۾ ھڪ چنڊ ۽ ٻيو مون کي تنھنجو درشن نصيب ٿيندو ھو، شايد چنڊ منھنجو ساڙولو يار آھي، جڏھن آء تنھنجي چھري تي ھٿ ڦيريندو ھيس تہ ھو ڳاڙھو ٿي ويندو ھيو ـ
مَن توکي خبر آ ھي؟ چنڊ به تنھنجو عاشق ٿي پيو ھو، پر مون ھن کي پنھنجي ننڍپڻ جي ياري جا قسم ڏنا ھئا، جڏھن آء پنجن سالن جو ھيس رات جو ته لال ٽين جي روشني اڳيان بيھي پوئتي نھاريندو ھيس تہ منھنجو قد ڪاٺ پاڇي ۾ وڏو لڳندو ھيو ۽ پوء مان خوشي منجھ ڪپڙن ۾ نه ماپندو ھيس ۽ ڪُڏ ڏئي چوندو ھيس مان ابا کان به وڏو ٿي ويس، انھن ئي ڏينھن ۾ منھنجي ياري چنڊ سان ٿي ھئي ـ
مَن توکي ته خبر آھي؟ اسان ٻھراڙي جا مالوَند ماڻھو، کير سان لولو کائي سمھي هوندا آھيون، مان کٽ تي سمھي چنڊ کي تڪيندو ھيس، جھڙ جي گھرائي ۾ ھن کي سفر ڪندي ڏسندو، ان سفر منجھ چنڊ سان منھنجي ياري پڪي ٿي ـ
مَن؛ چنڊ مون لاء تو وانگي محبوب ھوندو ھيو، ساڳيا تو وارا نکرا ھوندا ھيس اڄ تائين ائين آھي، مھيني جا پھريان ڏينھن درشن ڪرائيندو ھو وري اڌ مھينو گذرڻ کانپوء وري لڪندو ويندو ھو، پھرين ته مان ھُن تي شڪ ڪندو ھيس ـ
ته شايد ھو ٻئي ڪنھن سان کريل آھي ۽ اھا ڳالھ مون ھن سان به ڪئي ھئي ھن جيڪو جواب ڏنو مون کي اڄ تائين سمجھ نه آيو ـ
مَن؛ جڏھن چنڊ پنھنجي جوڀن تي ايندو ھيو ان رات آء ڏاڍو خوش ھوندو ھئس، پر منھنجا وڏا ان رات منھنجي محبوب جي اچڻ جو فائدو وٺندا ھئا، ان رات اسان چانڊوڪي ۾ ڪڻڪ جي وَل گڏ ڪندا ھئاسين، منھنجي خوشي مٽي ۾ ملي ويندي ھئي، مونسان گڏ چنڊ به سڏڪا ڀريندو ھو ۽ پنھنجي جوڀن ئي جوڀن ۾ لڪي ويندو ھو، ائين ڏينھن گذرندا ويا چنڊ ۽ منھنجي سنگت ھلندي رھي پنھنجون ته جام رھاڻون آھن ڪيتريون لکي ڪيتريون لکجن ـ
مَن توکي ته چنڊ جا قصا ٻڌائي ٻڌائي ٿڪي پوندو آھيان پر تون ھميشه چوندي آھين ته اِھي تنھنجا حوال آھن. ھائو بلڪل، بيشڪ اھي حوال ئي ھوندا ـ
شايد مون کي اڄ ڊائري ۾ پنھنجا حوال ئي لکڻا ھئا جيڪي ھميشه مون تنھنجي لاء لکيا آھن، پر اڄ چنڊ جو جوڀن ڏينھن آھي، اڄ ھو به تيل ڦليل ڪري آسمان جي بادلن ۾ رقص پيو ڪري ٻيو ته منھنجي ننڍپڻ جو يار آھي وڏي ڳالھ تہ جڏھن چنڊ پنھنجي جوڀن تي ھوندو ھو ته اسان جي ملاقات ٿيندي ھئي، چنڊ اسان جي تاريخي محبت جي لاڳاپي جو اکين ڏٺو شاھد بہ آھي، اڄ لاء گھڻو ٿيو، اڄ ڪڻڪ جي ول گڏ ڪرڻي آھي، ھميشه جيان مون کي تنھنجي اي ميل جي جواب جو انتظار رھندو ! ـ

Check Also

عبدالواحد آريسر جو ڌرتي جو دلير پٽ..! ـ علي عاجز

علي عاجز هو جيڪو روپلي ڪولهي ۽ اڌي سنگھ سوڍي جي پچاڙڪي پناھ گاه رهيو. …