Saturday , May 15 2021
تازاترين
Home / تازاترين خبرون / ڳوٺ وسايو جمالي جي رھواسڻ ڪائنات جمالي ويم دوران فوت ٿي وئي، جنھن کي ميڊيڪل سينٽر عملو اطلاع بغير پي ايم يو اسپتال ۾ ڇڏي ھليا ويا

ڳوٺ وسايو جمالي جي رھواسڻ ڪائنات جمالي ويم دوران فوت ٿي وئي، جنھن کي ميڊيڪل سينٽر عملو اطلاع بغير پي ايم يو اسپتال ۾ ڇڏي ھليا ويا

نوابشاھ (رپورٽ: مزمل چانڊيو) ائيرپورٽ ٿاڻي جي حد غريب آباد ۾ واقعي ھڪ خانگي ميڊيڪل سينٽر تي تعلقي سڪرنڊ جي ڳوٺ وسايو جمالي جي رھواسڻ ڪائنات جمالي ويم دوران فوت ٿي وئي، جنھن کي ميڊيڪل سينٽر جو عملو وارثن کي ناري جي فوت ٿيڻ جي اطلاع بغير پي ايم يو اسپتال جي آئي سي يو وارڊ ۾ ڇڏي ھليا ويا، جتي فوت ٿيل ناري ڪائنات جي والد محمد حسن ميڊيا آڏو احتجاج ڪندي چيو ته منھنجي نياڻي ڪائنات جو ڊيليوري جو مسئلو ھيو، جنھن کي اڄ صبح اسان گل ميڊيڪل سينٽر تي ڊاڪٽر عابده ميمڻ وٽ بلکل ٺيڪ ٺاڪ حالت ۾ کڻي آياسين، جتي ان جو آپريشن ڪيو ويو ۽ بعد ۾ اسان کي ڪجھه به ٻڌائڻ کان بغير منھنجي نياڻي ڪائنات کي ايمبولينس ۾ وجھي سول اسپتال جي آئي سي يو وارڊ ۾ داخل ڪرائي ھليا ويا، ھن چيو ته اسان جڏهن سول اسپتال پھتا سين ته ڊاڪٽرن اسان کي چيو ته توھان جي ناري فوت ٿي وئي آهي، ھنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته مذڪور سينٽر جي عملي ۽ ڊاڪٽر عابده ميمڻ خلاف قانوني ڪاروائي ڪري اسان کي انصاف فرآھم ڪيو وڃي، جڏھن ته ٻئي طرف آئي سي يو وارڊ جي ڊاڪٽرن ميڊيا کي ٻڌايو ته جڏهن اسان وٽ مريض پھتو ته ان جي ساھ بند ھيو ۽ مريض جي موت واقعي ٿي چڪي ھئي ٻئي طرف جڏهن ميڊيا جي ٽيم گل سينٽر تي پھتي ته اتي ڊاڪٽر عابده موجود نه ھئي ۽ سينٽر جي عملي مؤقف ڏيڻ کان انڪار ڪندي چيو ته اسان کي معاملي جي ڪا ڄاڻ ناھي ـ

Check Also

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي ـ علي عاجز

علي عاجز قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي …