Sunday , April 11 2021
تازاترين
Home / تازاترين خبرون / ڳوٺ مٺا خان جوکيو ۾ ملڪيت جي تڪرار تان ڀائٽي احمد علي جوکيو پنهنجي چاچي لياقت علي کي گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيو

ڳوٺ مٺا خان جوکيو ۾ ملڪيت جي تڪرار تان ڀائٽي احمد علي جوکيو پنهنجي چاچي لياقت علي کي گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيو

شاهپورجهانيان (رپورٽ اسد جاني) شاهپور جهانيان ڀرسان ڳوٺ مٺا خان جوکيو ۾ ملڪيت جي تڪرار تان جوکيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي دوران ڀائٽي احمد علي جوکيو ھٿان سندس چاچو لياقت علي ولد ارباب علي جوکيو بندوق جي گولي لڳڻ سبب قتل ٿي ويو، اهڙي اطلاع تي دولتپور صفن پوليس ڳوٺ مٺا خان جوکيو پهتي، جتان لاش کڻائي پوسٽ مارٽم جي لاء اسپتال آندو، ڊاڪٽرن پاران لاش جي پوسٽ مارٽم ڪري ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، ذريعن موجب ڄاڻ ملي آهي تہ چاچي ڀائٽي جو ملڪيت تان تڪرار ھلندڙ ھو، جنهن تان سندن پاڻ ۾ منهن ماري پڻ ٿي، جنهن کانپوء ڀائٽي احمد علي جوکيو ولد الهہ اوباھيو جوکيو پنهنجي چاچي لياقت علي ولد ارباب علي جوکيو تي بندوق جا فائر ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کانپوء جوابدار احمد علي جوکيو ولد الهہ اوباھيو جوکيو کي دولتپور پوليس گرفتار ڪري ورتو آھي، ٻئي طرف مقتول لياقت علي جوکيو جي وارثن ٻڌايو تہ ظالمن اسان سان وڏو ظلم ڪيو آهي، لياقت علي جوکيو کي بيگناهہ قتل ڪيو ويو آهي، وارثن اعليٰ اختيارين کان انصاف جي مطالبو ڪيو آهي ـ

Check Also

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي ـ علي عاجز

علي عاجز قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي …