
نوابشاھ (رپورٽ: مزمل چانڊيو) تعلقي دوڙ جي ڳوٺ محمد خان گپچاڻي جي رھواسي مزدور شميم الرحمان گپچاڻي نوابشاھ پريس ڪلب ٻاھران احتجاجي مظاهرو ڪندي دانھيون آھي منھنجي 8 ايڪڙ زرعي زمين آھي جنھن تي جوابدار غلام سرور ۽ گمشاد علي ذبردستي ھٿيارن جي زور تي زبردستي قبضو ڪرڻ چاھين ٿا، ھن چيو ته مان ھوٽل تي مزدوري ڪري پنھنجو ۽ پنھنجي ٻچن جو پيٽ پاليندو آھيان ۽ اھا زمين منھنجي روزگار جو ذريعو آهي جنھن تي مٿيان جوابدار زبردستي ھٿيارن جو زور تي قبضو ڪرڻ چاھين ٿا، ھن چيو ته مان پوليس وٽ ويو آھيان ليڪن پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناھي، ھن چيو ته جوابدار مونکي ۽ منھنجي خاندان کي موتمار ڌمڪيون ڏين ٿا جڏھن ته جوابدارن مان مونکي جان جو خطرو آھي، ھن ايس ايس پي شھيد بينظيرآباد ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري مونسان انصاف ڪيو وڃي ۽ مونکي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ـ