Friday , March 5 2021
تازاترين
Home / تازاترين خبرون / ڳوٺ علي رضا کوسو جي رھواسي مزدور رحيم بخش کوسو شريف شاھ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي

ڳوٺ علي رضا کوسو جي رھواسي مزدور رحيم بخش کوسو شريف شاھ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي

نوابشاھ (رپورٽر مزمل چانڊيو) تعلقي قاضي احمد جي ڳوٺ علي رضا کوسو جي رھواسي مزدور رحيم بخش کوسو پنھنجي معصوم پٽ دادن ۽ ڌي رخسانه سان گڏ نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي دانھيون آھي ته شريف شاهه جيڪو عامل آھي جنھن منھنجي گھر واري زرينه کوسو تي ڪارو علم ڪري ان کي پنھنجو ڪري ڇڏيو آهي، ھن چيو ته منھنجي گھر واري مونکي گھران ڪڍي ڇڏيو آهي ۽ ان گھر تي شريف شاهه قبضو ڪري ڇڏيو آهي، ھن چيو ته شريف شاهه منھنجي گھر ۾ اچي منھنجي گھر واري زرينه کوسو سان گڏ شراب ۽ چرس پيئي ٿو ۽ منھنجي ٻچن تي تشدد ڪري ٿو، ھن چيو ته مونکي ھڪ پٽ ۽ ٽن نياڻين جو اولاد آھي ۽ مان مزدوري ڪري پنھنجو ۽ ٻچن جو پيٽ پاليندو آھيان مونسان شريف شاهه وڏو ظلم ڪيو آھي، ھن چيو ته مان ھن وقت ٻچن سميت مختلف درگاهن تي ڌڪا کائي رھيو آھيان ڪير به منھنجي مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، ھن چيو ته مان قاضي احمد پوليس وٽ شڪايت کڻي ويس ته ان مونکي ڌڪا ڏئي گھران ڪڍي ڇڏيو ۽ ھن وقت مان دربدري واري زندگي گذاري رھيو آھيان، ھن ڊي آئي جي، ايس ايس پي شھيد بينظير آباد ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته عامل شريف شاهه خلاف ڪارروائي ڪري مونسان انصاف ڪيو وڃي ۽ منھنجي گھر واري منھنجي حوالي ڪئي وڃي ـ

Check Also

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي ـ علي عاجز

علي عاجز قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي …