Tuesday , March 2 2021
تازاترين
Home / تازاترين خبرون / ڳوٺ حاجي تاج محمد جي رھواسڻ مسمات حسينه پنھنجي ڀائرن جي ظلمن خلاف احتجاج ڪندي

ڳوٺ حاجي تاج محمد جي رھواسڻ مسمات حسينه پنھنجي ڀائرن جي ظلمن خلاف احتجاج ڪندي

نوابشاھ (رپورٽ: مزمل چانڊيو) تعلقي فيض گنج جي ڳوٺ حاجي تاج محمد جي رھواسڻ عورت مسمات حسينه زال محمد انور راڄپر پنھنجي سڳن ڀائرن جي ظلمن کان تنگ ٿي نوابشاهه پريس ڪلب ٻاھران احتجاجي مظاهرو ڪندي دانھيون آھي ته منھنجي والد حبيب الله راڄپر جي ديھه امن ۾ 26 ايڪڙ زرعي زمين آھي ۽ اسان پاڻ چار ڀائر ۽ ٻه ڀينرون آھيون، ھن چيو ته ھڪ ڀاءُ اسان جو فوت ٿي ويو آھي، جڏھن ته مان پنھنجي حصي جي زمين گھران ٿي ته منھنجا ڀائر ھيلٿ آفيسر نوابشاهه الله بخش راڄپر، پڊعيدن ٿاڻي جو وڏو منشي ممتاز راڄپر ۽ رياض راڄپر مونکي ۽ منھنجي اولاد ۽ مڙس کي قتل جون ڌمڪيون ڏين ٿا منھنجي مڙس خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪن ٿا، ھن چيو ته منھنجا ڀائر پئسي وارا آھن ۽ مونکي پنھنجو حق نٿا ڏين، ھن چيو ته مونکي ۽ منھنجي گھر وارن کي ڪوبه نقصان ٿيو ته ان جا ذميوار منھنجا ڀائر ھوندا، ھن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته مونکي پنهنجي حصي جي زمين ڏياري وڃي ۽ جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري مونسان انصاف ڪيو وڃي ـ

Check Also

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي ـ علي عاجز

علي عاجز قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي …