
نوابشاھ (رپورٽر مزمل چانڊيو) تعلقي دوڙ جي ڳوٺ الھ ڏتو زرداري جي رھواسي پيرسن غلام رسول زرداري پنھنجي پٽ دائم ۽ سوئٽ منٺار سان گڏ پنھنجي ڀاءُ جي ظلمن خلاف نوابشاھ پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي دانهيون آھي ته گذريل رات ھڪ وڳي اسان پنھنجي گھر ۾ ستا پيا ھئاسين ته منھنجو ننڍو علي مردان زرداري ھٿياربندن سان گڏ اچي مونتي حملي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اسان جي رڙين تي ھو فرار ٿي ويا، ھن چيو ته منھنجو ڀاءُ بلاجواز منھنجي جان جو دشمن بڻجي ويو آهي، مونکي ان مان جان جو خطرو آهي، ھن چيو ته منھنجي ڀاءُ منھنجي ٻن پٽن سليم ۽ حليم کي باھه جي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسائي انھن کي جيل موڪلي ڇڏيو آھي، ھن چيو ته مان پيرسن ڀاءُ جي خوف کان دربدري واري زندگي گذاري رھيو آھيان، ھن چيو ته مان پوليس وٽ شڪايت کڻي ويو آھيان پر پوليس به منھنجي ھڪ نٿي ٻڌي جنھن ڪري مان سخت پريشان آھيان، ھن ڊي آئي جي، ايس ايس پي شھيد بينظير آباد ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته منھنجي ڀاءُ علي مردان خلاف ڪارروائي ڪري مونسان انصاف ڪيو وڃي ۽ مونکي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ـ