Monday , March 8 2021
تازاترين
Home / تازاترين خبرون / ڳوٺ الھه ڏتو زرداري نوابشاھ پريس ڪلب اڳيان پي ايم سي اسپتال انتظاميان خلاف احتجاج ڪندي

ڳوٺ الھه ڏتو زرداري نوابشاھ پريس ڪلب اڳيان پي ايم سي اسپتال انتظاميان خلاف احتجاج ڪندي

نوابشاھ (رپورٽر مزمل چانڊيو) تعلقي دوڙ جي يوسي جمال شاھه جي ڳوٺ الھه ڏتو زرداري جي رھواسي علي مراد زرداري نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي دانھيون آھي ته 27 ڏينهن اڳ منھنجي نياڻي نصيبان زرداري کي مڙس سليم زرداري، ڏير حليم زرداري ۽ ولي محمد زرداري باھه ڏئي ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪا ڳڻتي ڄوڳي حالت ۾ نوابشاهه جي پي ايم سي اسپتال جي آئي سي يو وارڊ ۾ داخل آھي جتي ھوءَ زندگي ۽ موت جي ڏيواٽي تي بيٺل آھي، ھن چيو ته 27 ڏينهن گذري ويا آهن پر پي ايم سي اسپتال نوابشاهه جي انتظاميا مونکي ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ ڏيڻ لاءِ تيار ناھي، ھن چيو ته جوابدارن جو ويجھو عزيز پي ايم سي اسپتال ۾ ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ ڏيڻ واري آفيس ۾ ملازم آھي جيڪو جوابدارن کي بچائڻ گھري ٿو، ھن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري مونکي منھنجي ڌيءَ جو ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ ڏنو وڃي ـ

Check Also

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي ـ علي عاجز

علي عاجز قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي …