Sunday , June 20 2021
تازاترين
Home / تازاترين خبرون / ڳوٺ الهڏنو پنهور جي 13 سالن جي معصوم نينگري شڪيلان رند تحفظ لاءِ ڊپٽي ڊائريڪٽوريٽ وومين سيل نوابشاھ پهتي

ڳوٺ الهڏنو پنهور جي 13 سالن جي معصوم نينگري شڪيلان رند تحفظ لاءِ ڊپٽي ڊائريڪٽوريٽ وومين سيل نوابشاھ پهتي

نوابشاھ (رپورٽ: مزمل چانڊيو) بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ الهڏنو پنهور جي 13 سالن جي معصوم نينگري شڪيلان رند پنهنجي امڙ ۽ والد سان گڏ زبردستي سندس شادي ڪرائڻ جي حوالي سان تحفظ لاءِ ڊپٽي ڊائريڪٽوريٽ وومين سيل نوابشاهه پهتي، جتي معصوم نيينگري شڪيلان رند ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجو زبردستي ياسر رند سان نڪاح ڪرايو پيو وڃي، جڏهن ته ياسر رند وارا بااثر ماڻهو آهن، اُهي منهنجي ماءُ پيءُ کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته منهنجي عمر پڻ ننڍي آهي انهيءَ جي ڪري مان تحفظ لاءِ هتي آئي آهيان، جڏهن ته نينگري جي والد رضا محمد رند ۽ ماءُ سڪينه رند چيو ته اسان جي نينگري جي عمر 13 سال آهي پر ان جي باوجود گل حسن رند وارا ذبردستي شادي شده شخص ياسر رند سان منهنجي نياڻي جي شادي ڪرائڻ گهرن ٿا ۽ اسان کي ڌمڪيون ڏنيون آهن ته جيڪڏهن توهان اسان کي نينگري نه ڏني ته توهان کي نقصان پهچائينداسين، هنن چيو ته اسان غريب آهيون اسان تحفظ لاءِ ڊپٽي ڊائريڪٽوريٽ پهتا آهيون، هوڏانهن ڊپٽي ڊائريڪٽوريٽ جي نسيم حسن مستوئي چيو ته قانون موجب نينگري جي عمر ننڍڙي آهي شادي نٿي سگهي ان جي ڪري هنن جي جان کي خطرو آهي ان جي ڪري اڄ اسان انهن کي شيلٽر هوم ۾ رهائينداسين ۽ بعد ۾ عدالت ۾ پيش ڪنداسين ـ

Check Also

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي ـ علي عاجز

علي عاجز قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي …