Friday , March 5 2021
تازاترين
Home / تازاترين خبرون / گپچاڻي رهواسي علي حسين گپچاڻي کي پنهنجي پٽن مان زندگي کي خطرو

گپچاڻي رهواسي علي حسين گپچاڻي کي پنهنجي پٽن مان زندگي کي خطرو

نوابشاھ (رپورٽ: مزمل چانڊيو) گپچاڻي جي پيرسن علي حسين گپچاڻي نوابشاھ پريس ڪلب ٻاھران اکين مان لڙڪ لاڙي احتجاج ڪندي چيو ته منھنجا ٻه پٽ مقصود ۽ قبول گپچاڻي نافرمان ٿي ويا آھن، جن مونکي گھر جي دروازي آڏو دسي لتون ۽ مڪون ھڻي تشدد ڪيو آهي، ھن چيو ته مان پٽن کي ٻانھون ٻڌي کين تشدد ڪرڻ کان روڪيندو رھيس پر منھنجي پٽن کي رحم نه آيو، ھن چيو ته منھنجو ھڪ پٽ مقبول حسين جھيڙي ۾ مارجي ويو ھو جنھن جي خون عيوض مونکي زمين ملي جنھن تي منھنجا ٻئي نافرمان پٽ قبضو ڪرڻ چاھين ٿا، ھن چيو ته مان ھن وقت دربدري واري زندگي گذاري رھيو آھيان، منھنجي ڪير به مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناھي، ھن چيو ته مونکي پٽن مان جان جو خطرو آھي، ھن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته منھنجي پٽن خلاف ڪارروائي ڪري مونسان انصاف ڪيو وڃي ۽ مونکي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ـ

Check Also

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي ـ علي عاجز

علي عاجز قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي …