
نوابشاھ (رپورٽر مزمل چانڊيو) نوابشاھ پريس ڪلب ٻاهران گپچاڻي جي رھواسي گرگلن فقيرن چانڊو مل، ريمان ۽ ٻين جو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي نالي تي فراڊ ڪندڙ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي دانهيو آهي ته علي زرداري جيڪو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو ايجنٽ سڏائي في ڪارڊ تي عورتن کان 3 سو ۽ مردن کان 1 سو في وصول ڪري چيائين ته برسات متاثرين لاءِ راشن ۽ ڪپڙا ڏنا ويندا ۽ اسان جا 2 سو ڪارڊن جا پئسا وصول ڪيا جنھن بعد اسان کي نوابشاهه آفيس گھرايو ۽ ھن وقت ان جو نمبر به بند آھي، ھنن چيو ته اسان فراڊي علي زرداري کي پني پئسا ڏنا ليڪن ھن وقت ھن جو نمبر بند وڃي ٿو جيڪو اسان سان ظلم آهي، ھنن ايس ايس پي شھيد بينظيرآباد ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي نالي تي فراڊ ڪندڙ علي زرداري خلاف ڪاروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي ۽ اسان کي رقم واپس ڏياري وڃي ـ