Wednesday , March 3 2021
تازاترين
Home / تازاترين خبرون / گهوٽڪي واقعي خلاف مورو ۾ سنڌ پروگريسو ڪميٽي طرفان مظاهرو

گهوٽڪي واقعي خلاف مورو ۾ سنڌ پروگريسو ڪميٽي طرفان مظاهرو

  مورو: مورو ۾ سنڌ پروگريسو ڪاميٽي طرفان مذھبي انتھاپسنديءَ ۽ گھوٽڪيءَ ۾ مندرن جي بي حرمتي، اسڪولن جي ڀنڄ ڊاهه خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. مظاھري کي خطاب ڪندي جيئي سند محاذ جي وائس چيئرمين هاشم کوسو ۽ عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ يونس راھو چيو تہ ھڪ نابالغ ڇوڪري جي صرف سوشل ميڊيا بيان تحت ھڪ سينئر پروفيسر تي توهين جو ڪوڙو الزام ھنيو ويو ۽ ان جي نتيجي ۾ گھوٽڪي شھر ۾ ھندن جي عبادتگاھن، اسڪولن ۽ ذاتي ملڪيتن کي تمام گھڻو نقصان پھچايو ويو ـ
هنن وڌيڪ چيو ته گهڻي عرصي کان ملڪ ۾ خاص طور تي سنڌ جي انهن علائقن ۾ جتي هندو آبادي جي اڪثريت رهي ٿي انهن علائقن ۾ مذهبي بنياد پرستن کي اڀاريو پيو وڃي، هندو عورتن کي جبري مذهب تبديلي، عبادت گاهن تي حملن جو سلسلو تيز ٿيندو پيو وڃي. سنڌ پروگريسو ڪميٽي اھڙي عمل کي سنڌ جي وحدت جي خلاف ھڪ سازش سمجھي ٿي. سنڌ جا ھندو سنڌ جا اصلوڪا وارث آھن جن سان اھڙو ورتاءُ فلسطين ۽ ڪشميري قوم وارو ڏيک ڏئي رھيو آھي. اڳواڻن اھو مطالبو ڪيو تہ اھڙي ڪڌي عمل م ملوث ڌرين کي سزائون ڏئي ۽ مستقبل لاءِ رياست ۽ مذھب کي الڳ ڪيو وڃي. جڏھن تہ احتجاج ۾ وزير فرھاد سولنگي، منظور خاصخيلي، امير لغاري، جاويد احمد ڪيريو، سڪندر ڪورائي، مرتضي لغاري، احمد خيام، ياسر ٻرڙو، مهراڻ سنڌي ۽ ٻيا پڻ شريڪ هئا ـ

Check Also

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي ـ علي عاجز

علي عاجز قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي …