Monday , March 8 2021
تازاترين
Home / ڪهاڻيون / گج گج گوڙ ڪاڇا ٻوڙ ـ سردار احمد ٻرڙو

گج گج گوڙ ڪاڇا ٻوڙ ـ سردار احمد ٻرڙو

ٻوريل وڻ تي جڏھن برسات ڪڙڪي پئي ته ان وقت ٻٻر جي ٽارين مان پيلو پاڻي پاڪ ٿڃ جيان ذايع ٿي رھيو ھو، اھو ڏک اڃا پلجي ئي نه سگھيو ھو ته ھوڏانھن رَڙ ٿي ڳوٺ وارو گاج ۾ پاڻي لھي آيو آھي جيڪو ھيٺئين صحرا ۾ داخل ٿيڻ وارو آھي، ٿوري ئي وقت ۾ اسان کي ٻوڙي وجھندو پر اھو آواز صرف منھنجي ڪنن ئي ٻڌو ھو، اھو پيغام مان پھچائڻ لاء ڳوٺ ڏانھن ڊوڙ پاتم اھڙي ڊوڙ شايد مون ننڍي لاءِ ملان پيرو جي ريوڙين جو ورھائڻ مھل به نه پاتي ھئي، شايد انڪري ته ريوڙيون صرف اسان ٻارن جو وات مٺو ڪنديون ھيون ۽ مسيت ۽ ملان پيرو جي صحبت جي لالچ ھئي پر ھي پيغام پنھنجي وستي جي ڪچن گھرن ۾ پلجندڙ ھزارين جانين کي بچائڻ جي لالچ ھئي، ڊوڙ پائي وڃي وستي ۾ پھتس ميخاني ۽ وستي وچ ۾ تقريباً ٽي فرلانگ سفر ھو، ڪاڇي جي ڌرتي تان گھور وڃان، برسات ۾ ڪا وڏي گپ نه ٿئي، پڪي ٺاٺ زمين ڪوڏر جو لپو ھڻ ته ڪوڏر موٽي نرڙ ۾ لڳي، ڏسان ته ڳوٺ وارا وڏيري شاھو جي اوطاق ڏانھن ڊوڙي رھيا آھن جھڙوڪ اتي به ريوڙيون ورھائجي رھيون ھجن، آء پڇا ڪرڻ لڳس، چاچا مکڻا ڪيڏانھن ٿو وڃين، ابا گاج وري مستي ڪئي آ ٻوڙي وجھندو وڃان ٿو وڏيري شاھو ڏي اسان کي ڪڍي ھلي شھر ڏانھن، مکڻي مايوسي واري انداز ۾ چيو، پر چاچا پنھنجي مڙسي ڇو نٿا ڪيو اچو ته ڏاند گاڏيون ڪڍون مال متاع اڳيان ڪيون جيڪو ضروري سامان آھي کڻي ھلئون، پر ابا وڏيري کان اجازت وٺون، پاڻي وئي کان پوءِ وري ڳوٺ ته اچڻ ڏئي! ـ
ايتري ۾ چار ڳڀرو مڙس وڏيري جي اوطاق تان واپس وري رھيا ھئا، ادا ڏيو حال احوال وڏيري ڪھڙا دلاسا ڏنا؟ ادا اھو ته نه پڇ وڏيرو پنھنجو سامان ٽرالي ۾ پيو وجھرائي چوي پيو پنھنجي مڙسي پاڻ ڪيو، چاچا ڏس تو واري ڳالھ جو جواب ملي ويو سارنگ جي واتان لفظ اڪليا ته چارئي ڳڀرو به آسري ۾ ھئي ته من ڪا سٺي صلاح ڏئي، ھن سڀني کي صلاح ڏني ته پنھنجو قيمتي ۽ ضرورت جو سامان ڏاند گاڏين تي ڪڍي شھر طرف روانا ٿين ۽ جنھن وٽ ڏاند گاڏي ناھي ان کي ساڻ کڻن، بيٺل مان ھڪ جوان ڳالھائيو، ڀايا ڳالھ ته من کي لڳي ٿي پر اھا مڙسي اسان تڏھن ئي ڪري سگھنداسين جڏھن تون ساڻ ھوندين، سارنگ، دلاور جي ڪلھي تي ھٿ رکندي چيو؛ ڀايا اسين ڪاڇي جا پورھيت ھڪٻئي جا ڀرجھلا آھيون، اسان کي ئي مشڪل گھڙيءَ ۾ ھڪٻئي کي ھٿ ڏيڻو پوندو، مکڻي ۽ چئني گڀرن جي چھرن تي مسڪراھٽ اچي وئي اھا مسڪراھٽ جيڪا ڪيوبا جي گوريلا جنگ جي فتح کانپوء ڪيوبا جي عوام جي چھرن تي ھئي ـ
سارنگ فخريه انداز م چيو ته اچو جوانون پنھنجا ماروئڙا بچايون، اڳتي ھلي چئن مان ست ھمراہ ٿي ويا، ست مان ٻارنھن ٿي ويا، سارنگ چار سياڻا ڳوٺ ۾ گھرن ڏانھن موڪليا ته ھو ڳوٺ وارن کي تيار ڪن ۽ ھو بس قيمتي سامان کي پاڻ سان کڻن جيئن ڏاند گاڏين ته وزن نه پئي، ۽ پاڻ ڏاند گاڏين جي سنجن ۽ رسن کي جنبي ويا ٿوري دير ۾ قافلي جي صورت ۾ سارنگ ۽ ساٿين پنھنجي ڳوٺ مان سڀ جانيون ڪڍرائيون، جڏھن آخري ڏاند گاڏي ڳوٺ جي بند ڪراس ڪئي ته ھن جي ذھن ۾ پري جو خيال آيو ھن رڙ ڪري ڏاند گاڏين کي بيھاريو، پاڻ ڊوڙي وڃي پھتو سڀئي ڏاند گاڏيون جاچيائين ڪنھن م به پري نه ھئي، ھن گاڏين کي ھلڻ جو اشارو ڪري پاڻ ڳوٺ ڏانھن ڊوڙ پاڻ لڳو، ھؤ پري جيڪا سندن محبوبه ھئي، پوڙھي پيءَ جي دادلي ڌي جنھن جو پيٽ گذر پوڙھي ۽ سندن جي ھٿ جي مزدوري سان ٺاھيل ڪانون تي ھو، سارنگ ڊوڙندو پري جي گھر پھتو پر پري اتي موجود نه ھئي ھو گھر جو ڪٽھڙو ٽپي ڪم واري اَھاڻَ تي پھتو جتي پاڻ ۽ سندن پيءَ ٺڪر جا ٿانو تخليق ڪندا ھئا، سامھون ڏٺائين ته پري چڪري ته مٽي سان گھڙو تخليق ڪري رھي آھي، ۽ چپن تي ھي وائي اٿس.. گج گج گوڙ ڪاڇا ٻوڙ يار وطن ول آوي ايتري ۾ تيز برسات پوڻ لڳي پري ڪنڌ مٿي کڻي ڏٺو سامھون ھن جو راڻو گنجي گوڏ ۽ چيلھ سان انگوشو ٻڌل بيٺو آھي مٿان سانوڻ جو مينھن مشڪ جيان ھن جي جسم کي ڌوئي رھيو آھي، ٻنھي جون نظرون ھڪٻئي ۾ کپي ويون، ڪاڇي ۾ گجندڙ گوڙ کانسواء ھر آواز به تي ويو، پري ڊوڙي سارنگ کي ڀاڪر ۾ ڀريو ٻہ جسم ورھين جا جھڙوڪر وڇڙيل ملي ھڪ ٿيا، وقت جھڙوڪر رڪجي ويو، ايتري ۾ گاج پنھنجي مستي ۾ ڳوٺن کي ٻوڙيندو اچي ڪنھن وقت ھن ڳوٺ ۾ ڪڙڪيو گج گج گوڙ ڪندو اچي پري ۽ سارنگ سميت ڪچن گھڙن ۽ ٿانون کي لوڙھيندو ڳاريندو منڇر طرف روانو ٿي ويو. دلا، گھڙا، سانگ ۽ پري، سڀ ان لوڙھ ۾ ڳري ويا ـ

Check Also

عبدالواحد آريسر جو ڌرتي جو دلير پٽ..! ـ علي عاجز

علي عاجز هو جيڪو روپلي ڪولهي ۽ اڌي سنگھ سوڍي جي پچاڙڪي پناھ گاه رهيو. …