Wednesday , March 3 2021
تازاترين
Home / مضمون / ڪلهوڙا دور حڪومت جو نامور حڪمران ميان غلام شاھ ڪلهوڙو ـ اسلم عباسي

ڪلهوڙا دور حڪومت جو نامور حڪمران ميان غلام شاھ ڪلهوڙو ـ اسلم عباسي

سنڌ جي تاريخ ۾ ڪلهوڙا دور حڪومت کي سونهري دور ليکيو وڃي ٿو جيڪو لڳ ڀڳ 82 سال رهيو. سمن جي سلطنت کانپوءِ ۽ ڪلهوڙا حڪمران ٿيا جيڪي مقامي ۽ ڏيهي باشندا هئا. ڪلهوڙا قبيلي جي مک ٽن بزرگن ميان آدم شاھ ڪلهوڙو، ميان شاھل محمد ڪلهوڙو ۽ ميان دين محمد ڪلهوڙي يعني ٽن پيڙهين جي شهادتن، قربانين ۽ ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي ڪامياب تحريڪ ميان وال بعد مغلن سنڌ جون واڳون 1701ع ڌاري ميان يار محمد ڪلهوڙي حوالي ڪيون. ڪلهوڙا دور حڪومت ۾ سنڌ جي آزاد حيثيت، سنڌي ادب جي اوسر، سنڌ ۾ زراعت، آبپاشي نظام، سنڌ جي جاگرافيائي حيثيت، سنڌ جي سونهن ۽ ثقافت ۾ واڌارو آيو، فن تعمير سان گڏوگڏ سنڌي ٻوليءَ جي عظيم شاعر حضرت شاھ عبدالطيف ڀٽائي رح جو جنم پڻ ٿيو. ان ڪري هن دور کي سونهري دور پڻ چون ٿا. 1719ع ڌاري هن ئي دور جو مدبر حڪمران ميان نور محمد ڪلهوڙو حاڪم بڻيو ۽ سنڌ مٿان 35 سال حڪومت ڪئي. جيڪو ميان غلام شاھ ڪلهوڙي جو والد هو. 1740ع ۾ نادر شاھ سنڌ مٿان ڪاھ ڪئي ۽ ميان نور محمد ڪلهوڙو عمرڪوٽ هليو ويو، جنهن جو پيڇو ڪندي نادر شاھ کيس مات ڏئي ان مٿان خراج مقرر ڪرڻ کانسواءِ سندس ٻه پٽ ميان مرادياب ڪلهوڙو ۽ ميان غلام شاھ ڪلهوڙو پاڻ سان ايران وٺي ويو ۽ سنڌ کي ٽن حصن ۾ ورهائي سبي ۽ ڪڇي (محبت خان بروهيءَ کي) شڪارپور (صادق محمد خان دائود پوٽي کي ) ۽ باقي سنڌ ميان نور محمد ڪلهوڙي کي ڏئي واپس ايران موٽي ويو، اهڙيءَ طرح سنڌ جي وحدت وکرجي ويئي. 1747ع ۾ ايران ۾ پيدا ٿيل اندروني وڳوڙن جو فائدو وٺندي ميان نور محمد ڪلهوڙي جا پٽ ميان غلام شاھ ڪلهوڙو ۽ عطر خان ڪلهوڙو اتان ڀڄي سنڌ پهتا ـ
ميان نور محمد ڪلهوڙي جي وفات 1753ع ڌاري ٿي ۽ سندس پٽ ميان مرادياب کي حڪومت جون واڳون مليون، جنهن بعد ڀائرن جي پاڻ ۾ اڻبڙت ۽ اختلافن سبب سنڌ کي تمام گهڻو نقصان پهتو. آخرڪار 1756ع ڌاري 13 ذوالحج 1170 هجري ۾ ميان غلام شاھ ڪلهوڙو سنڌ جون واڳون سنڀاليون ۽ حڪمران بڻيو. ميان صاحب پنهنجي ڀائرن سان به سخت اختلافات رکيا ۽ وطن سنڌ خاطر ڌارين سان به پڻ جنگيون ڪيون. سنڌ جي سرحدن جي حفاظت ڪيائين، راجستان، جيسلمير، ڪڇ ڀڃ جي راءِ، بهاولپور، خان آف قلات، لسٻيلي، سبي ڍاڍر، ديراجات ويندي بنون تائين سنڌ جي سرحدن کي تحفظ ڏيارڻ لاءِ نه رڳو انهن علائقن جي حاڪمن سان تعلقات رکيا پر جنگيون به جوٽي سنڌ جي وحدت ۽ وجود کي برقرار رکيو ۽ ٽڪرن ۾ ورهايل سنڌ کي نيئن سر سان منظم ۽ متحد ڪيو ۽ تاريخ ۾ گم ٿيل سنڌ کي نمودار ڪيو. نامور مورخ مير علي شير قانع پنهنجي ڪتاب تحفته الڪرام ۾ ڪلهوڙا حڪمرانن بابت راءِ ڏيندي لکي ٿو ته ميان غلام شاھ ڪلهوڙو سنڌ جو مدبر حڪمران هو جنهن پنهنجي ڀائرن سان به جنگ ڪئي ۽ سنڌ کي خودمختيار بڻائڻ ۾ ڪا به ڪسر ڪانه ڇڏي. مشهور تاريخدان پرفيسر ڊاڪٽر غلام محمد لاکي پنهنجي ڪتاب ڪلهوڙا دور حڪومت ۾ راءِ ڏيندي لکيو آهي ته هن ئي دور ۾ اڪثر تعميراتي ڪم ٿيا. ان پسمنظر ۾ ميان غلام شاھ ڪلهوڙي کي سنڌ جو شاهجهان پڻ سڏيو وڃي ٿو ـ
ميان غلام شاھ ڪلهوڙي حيدرآباد شهر (نيرون ڪوٽ) ۽ پڪو قلعو تعمير ڪرايو ۽ ان سان گڏوگڏ سنڌ جا ڪيترائي تاريخي ماڳ مڪان، ڪوٽ قلعه، مسجدون ۽ مقبرا تعمير ڪرايا جيڪي اڄ تاريخي آثارن واري حيثيت والارن ٿا ۽ سنڌ جي تاريخ ثقافت ۾ فني تعمير جو نادر نمونو آهن جن ۾ مقبرو ميان آدم شاھ ڪلهوڙو، ميان شاهل محمد ڪلهوڙو، شاھ بهارو، ميان نصير محمد ڪلهوڙو، ميان يار محمد ڪلهوڙو، جامع مسجد خدآباد، مقبرو ميان نور محمد ڪلهوڙو ۽ ٻيا ڪيترائي ننڍا وڏا آثار اچي وڃن ٿا. جن ۾ خاص طرح پنهنجي عقيدت مندي سان حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحمت الله جو روضو پڻ جوڙايو. ان کان علاوه ٺٽي ضلعي لاڙ ۾ سنڌ اندر تعمير ڪرايل بندر، شاھ ڳڙھ ۽ شاھ بندر پڻ آهن. جتي ڏيساور کان مال ايندو هو ۽ سنڌ جي لاهري بندر، اورنگا بندر، شاھ بندر تي لهندو هو ۽ اتان ملتان، پنجاب، مارواڙ، بيڪانير، جيسلمير، ڪشمير، سرحد، بلوچستان ۽ افغانستان موڪليو ويندو هو. ميان غلام شاھ ڪلهوڙي ايسٽ انڊيا ڪمپني کي سنڌ ۾ واپار جي پڻ اجازت ڏني ـ
سنڌ جي دانشور انعام شيخ لکيو آهي ته سنڌ 1500 سالن ۾ ٻه عظيم وڏا ماڻهو پيدا ڪيا. هڪ شاھ لطيف جنهن سنڌي ٻولي کي زنده ۽ جاويد بڻائي ڇڏيو ٻيو غلام شاھ ڪلهوڙو جنهن کي مڪمل آزاد ۽ خودمختيار بڻايو، سنڌ جي آزادي جو سج جيڪو راءِ سهاسي جي دور ۾ اروڙ ۾ لهي ويو هو، اهو آزادي جو سج سچ پچ ميان غلام شاھ ڪلهوڙي جي دور ۾ اڀريو. ميان صاحب سنڌ مٿان 16 سال حڪمراني ڪئي ۽ سنڌ کي مڪمل خودمختيار ۽ آزاد رياست بڻايو ۽ پاڻ 2 آگسٽ 1772ع ڌاري وفات ڪئي، سندس مقبرو حيدرآباد شهر جي سينٽرل جيل ڀرسان ڪلهوڙا ڪالوني ۾ واقع آهي. 2 نومبر 2002ع تي حيدرآباد شهر ۾ ڊاڪٽر شفقت حسين عباسي ۽ محمد نواز جي گڏيل ڪوششن سان هڪ ڏينهن وارو قومي سيمينار ٿي گذريو جنهن جي صدارت سائين محمد ابراهيم جويو ڪئي. جڏهن ته هن موقعي تي ايم ايڇ پنهور، ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، ڪليم لاشاري، انعام شيخ، اشتياق انصاري، قاضي اسد عابد، تاج جويو ۽ ٻين ڪيترن ئي نامور تاريخدانن، عالمن پنهنجا مقالا پڙهيا ۽ ويچار ونڊيا ۽ حڪومت کي سفارش ڪئي ته ميان غلام شاھ ڪلهوڙي جي مقبري جي طبعي عمر ختم ٿي چڪي آهي ان جي مرمت، بحالي ۽ خوبصورتي لاءِ ترت اپاءُ ورتا وڃن. لڳ ڀڳ 15 سالن بعد انڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ جي سربراھ عبدالحميد آخوند ۽ سندس ٽيم جي گڏيل ڪوششن سان اندازن 3 ڪروڙ رپين سان مقبري جي مرمت ۽ خوبصورتي وارو ڪم جاري آهي،جنهن بعد هن مقبري جي سونهن نکري ايندي ۽ سنڌ جي تهذيب، ثقافت ۽ سونهن ۾ اضافو ٿيندو ۽ سنڌ جي تاريخ ۾ اهم حيثيت رکندڙ مقبرو ميان غلام شاھ ڪلهوڙو ڏسڻ وٽان هوندو ـ

Check Also

سدا واھ شاخ جي پڇڙي تي جوڊيشل ميجسٽريٽ ون جج شفيق احمد کرل جو مختلف واٽرن جو دورو

شهدادپور(رپورٽ: رجب رند) شھدادپور لڳ آبادگارن جي شڪايت تي سول جج جو سدا واھ شاخ …