Wednesday , March 3 2021
تازاترين
Home / مضمون / ڪرونا وائرس ۽ سنڌي تعليم جي تباھي ـ اويس فيض

ڪرونا وائرس ۽ سنڌي تعليم جي تباھي ـ اويس فيض

ڪرونا وائرس ھڪ اھڙي فطري وبا آھي، جنھن پوري دنيا جي حضرت انسان کي ذھني ۽ جسماني طور ڪمزور ڪري ڇڏيو آھي جو پوري دنيا جا سائنسدان، ڊاڪٽرس، سياستدان، انھيءَ موتمار وبا کي ختم ڪرڻ جي ڳولا ۾ رڌل آھن تہ ڪيئن ھھڙي رت چوسيندڙ وبا مان جند ڇڏائي سگھجي ۽ ھڪ نئين دنيا ۽ جيون کي جنم ڏئي، خوبصورت زندگين جو آغاز ڪجي. ڪرونا جھڙي وبا سان نہ رڳو سائنسدان ۽ سياستدانن ڀوڳي رھيا آھن، پر انسان گڏوگڏ مقامي ماڻھن جي زندگيءَ ۾ واويلا آڻي ڇڏي آھي جو ھڪ طرف پوري دنيا جي اندر مقامي ماڻھون گھر ويٺي جسماني طور ڪمزور ٿيندو پيو وڃي تہ ٻئي طرف ذھني طور مختلف سوچن ۾ ڀوڳي رھيو آھي. اھڙي ذھني دٻاءُ ۽ جسماني جيون جي موت جو ذميوار نہ رڳو فطري وبا آھي پر انسان گڏوگڏ ھٿرادو پيدا ڪيل وبا رياست آھي، جيڪا سرمائي ۽ الٽي نظام جي آڙ وٺي، مقامي۽ شھري ماڻھن، شاگردن، جي جيون جو رت چوسيندي رھي ٿي. اھڙي ھٿرادو پيدا ڪيل وبا کي پاڪستان جي اندر سمجڻ جي ڪوشش ڪنداسين ـ
جيئن ڪرونا جو پھريون ڪيس فيبروري مھيني ۾ ظاھر ٿيو تہ پاڪستاني رياست اھڙي سيريس معاملي کي ھڪ مذاق سمجھي ٻاھرين ملڪن کان ايندڙ ماڻھن کي ملڪ اندر آندو ويو. جيڪو رياست پاران پڻ ھڪ غيرہ ذميداراڻو قدم ھو. ان غيرہ ذميداراڻي قدم جي ڪري پاڪستان مختلف حدن ۽ صوبن ۾ ڪرونا جي مريضن جي شرح وڌڻ شروع ڪيو. ۽ مقامي ماڻھو اڳي ئي بک، ۽ بدحالي جي واويلا ۾ ڦاٿل ھو، جو يڪدم مٿان وري وزيراعظم پاران پوري ملڪ جي اندر لاڪ ڊائون جو اعلان ڪيو ويو ۽ عام ماڻھو ۽ عوام جو ذھني دٻاءْ ۽ پريشانيون وڌڻ لڳيون جو سياسي ۽ تعليمي ادادرن سميت مقامي ماڻھن کي محفوظ رھڻ جو اعلان ڪيو ويو. جنھن سبب عوام جسماني ۽ ذھني دٻاءُ ۾ ڀوڳي رھيو ھو. جو ہ عوام کي فري ماسڪ، دستانا، احتياطي سھولتون مھيا ڪيون ويو پر الٽي عوام ۽ شاگرد توڙي مقامي ماڻھن جي ذھني دٻاءُ کي وڌائيو ويو، جنھن جا مثال مختلف ليکڪن جي لکڻين ۽ ماھرن جي رپوٽن مان پڙھي ۽ سمجھي سگھجي ٿو. انھيءَ صورتحال سان ساڳيو ذھني دٻاءُ شاگردن مٿان لاڳو ڪيو پيو وڃي. پھريئن جون کان تعليمي ادارن آنلائن ڪلاس ھلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. تعليم جي نالي سان شاگرد جي مستقبل سان راند کيڏي پئي وڃي. ڇو جو شھري شاگردن نسبت ۾ ٻھراڙي جي شاگردن جي شرح وڌيڪ آھي، جن وٽ نہ انٽرنيٽ آھي، نہ ئي ليپ ٽاپ، نہ انڊرائيڊ موبائل ٻھراڙي جي شاگردن وٽ ڪنھن بہ قسم جي نيٽورڪنگ ۽ ٽيڪنڪل سھولت ميسرہ آھي جو شاگرد پنھنجا آنلائن ڪلاس وٺي سگھي. اھڙي طريقي سان يونيورسٽين وري مٿان اھو پڻ اعلان ڪيو تہ سيمسٽر فيس جمع ڪرائيو نہ ٽرم بئڪ ڪيا ويندا. چوندا آھن تہ انڌير ننگري چرٻٽ راجہ ٽڪي سير بوندي ٽڪي سير کاڄا جو پاڪستاني رياست ۽ تعليم نظام سان بہ جنجھال آھي. جو شاگرد ۽ سندن والدين ھھڙي ويل ۾ ويلي لاءِ پريشان آھن تہ ڪئين ھو پيٽ پالي ۽ زندگي جيءُ سگھن ۽ سندن زندگيءَ جو وجود قائم رھي سگھي. ھڪ طرف تہ سنڌ سميت پوري پاڪستان جو شاگرد جسماني بچاءُ جھڙين ڳڻتين ۾ پيل آھي تہ مٿان وري حضرت ازائيل جھڙي رياست شاگردن مٿان ڏندو کئييو بيٺي آھي تہ مان اوھان کي ماريندس مونکي مٿان حڪم آيو آھي. جھڙي نفسياتي ۽ ذھني دٻاءَ ۾ شاگردن آندو پيو وڃي ـ
تعليم نظام ھڪ ٻاراڻي راند نہ آھي جو تعليم کي راند طور کيڏيو پيو وڃي. جو ڪنھن شاعر چئيو تہ ”ہم تو ڈوبے ہیں صنم، تمہں لے ڈبنگے ”جھڙو ورتاءُ شاگردن سان بند ڪيو. تعليمي ادران کي گھرجي تہ ھڪ اھڙو تعليمي نظام جوڙي، جنھن ۾ ٽيڪنيڪل ۽جديد نيٽورڪنگ سسٽم سان گڏوگڏ سڀ سھولتون شھري ۽ مقامي شاگردن کي مھيا ڪري، جيڪي جديد دؤر ۾ ٻاھرين شاگردن وٽ موجود آھن.تہ جيئن سنڌ سميت پاڪستان جو نسل ايڪوھين صدي جي شاگردن سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي سگھي ۽ پنھنجي مستقبل جي صحيح چونڊ ڪرڻ ۾ ڪامياب قدم کڻي ھلي سگھي ـ

Check Also

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي ـ علي عاجز

علي عاجز قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي …