Saturday , May 15 2021
تازاترين
Home / تازاترين خبرون / ڪراچي پريس ڪلب آڏو مذهبي ڌرين جي حملي خلاف ۽ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪيو ويو

ڪراچي پريس ڪلب آڏو مذهبي ڌرين جي حملي خلاف ۽ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪيو ويو

ڪراچي (پريس رليز) ڪراچي پريس ڪلب آڏو سنڌ سڀا جي ڪئمپ تي مذهبي ڌرين جي حملي خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مظاهرا، يڪجهتي طور مختلف سياسي، سماجي ۽ قومپرست ڌرين جا اڳواڻ پهتا، ان موقعي تي سنڌي انعام چيو ته اسان جي احتجاج کي 106 ڏينهن ٿي ويا آهن، جڏهن ته لڳاتار ڌرڻي کي 25 ڏينهن ٿي ويا آهن، اسين پنهنجي پيارن جي آزادي لاءِ احتجاج ڪيون پيا، اسان کي ڪڏهن سنڌ پوليس گرفتار ڪري ٿي ته ڪڏهن اسان ملان اچي حملو ڪن ٿا، پر اسين انهن طاقت کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا، اسين ڪنهن صورت پنهنجي پيارن جي آزادي کان هٿ ڪو نه کڻنداسين، هوڏانهن گولاڙچي جسقم اڳواڻ امير آزاد پنھور، اسماعيل نوتڪاڻي جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ٿيو جڏهن راڻي پور ۾ ڊاڪٽر نذير، پڪا چانگ ۾ الطاف شر جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، جڏهن ته پڊعيدن ۾ به قومي ڪارڪنن احتجاج ڪيو ويو، ڪراچي پريس ڪلب تي جسقم اڳواڻ الاهي بخش بڪڪ سنڌ سڀا جي ڪئمپ تي پهچي يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته احتجاج هر انسان جو بنيادي حق آهي، پر سنڌي قوم جو پنهنجي پيارن جي آزادي لاءِ احتجاج ڪرڻ به ڄڻ ته ڏوھ بڻجي ويو آهي، مذهبي ڌرين جو ڪئمپ تي حملو مذمت جوڳو عمل آهي، پر شرم جوڳو عمل اهو به آهي ته حڪمرانن هن جو ڪو به نوٽيس نه ورتو آهي، امير آزاد پنھور ڪئمپ تي پهچي چيو ته رياست هڪ پاسي ته عدم تشدد جي سياست ڪندڙ قوم پرست جماعت تي پابندي مڙهي ٿي ڇڏي ٿي پر عالمي سطح تي پابندي مڙهيل تنظيمن کي سرعام هٿيارن جي نمائش ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، سنڌ سڀا جي ڪئمپ تي ٿيل حملو رياستي سوچ جي عڪاسي ڪري ٿو، ڪي ڊي ايف اڳواڻ وقار لغاري چيو ته اسين حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، جڏهن ته ڪئمپ تي ڪراچي بار جو ترجمان انور ميمڻ، کنڀي گم ڪيل محفوظ نوتڪاڻي جي فيملي، منصور نوتڪاڻي، مقبول نوتڪاڻي سميت ڪيترن ئي ماڻهن شرڪت ڪري کنڀي گم ڪيلن جي آزادي جي گهر ڪندي چيو ته اسان جي نوجوانن کي بنا ڪنهن ڏوهه جي کنڀي گم ڪيو ويو آهي, جيڪو سراسر ظلم آهي،اسان ان ظلم خلاف هتي پنجويهن ڏينهن کان ڌرڻو هڻي ويٺل آهيون پر اسان جو داد فرياد ٻڌڻ وارو ڪو نه آهي نه ئي ڪو حڪومتي نمائندو لڙي آيو آهي, اسان جي پيارن کي آزاد ڪرايو وڃي ۽ انهن کي کنڀي گم ڪندڙن کان پڇاڻو ڪيو وڃي ته هنن اسان جي نوجوانن کي غيرقانوني طور کنڀي ڇو گم ڪيو آهي ـ

Check Also

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي ـ علي عاجز

علي عاجز قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي …