
مورو (رپورٽ علي شير ڏيپر) مورو تعلقي جي نوان جتوئي پوليس ٿاڻي جي حد ڏيپارجا شھر جي رھواسين ارشد علي سومرو، مسمات سڪينه مسمات راڻي نسرين، 7 سالا فرحان سومرو ۽ ٻين نيشنل پريس ڪلب مورو جي آفيس ۾ احتجاجي مظاھرو ڪندي دانھيندي صحافين کي ٻڌايو ته اسان جو معصوم نينگر فرحان سومرو دوڪان تان سامان وٺڻ وڃي رھيو ھو ته روشن سولنگي جاني سولنگي دربان سولنگي ۽ ٻين ھن کان 300 روپيا ڦر ڪيا ۽ مزاحمت تي ھن جي ٻانھن ڀڃي ڇڏي ـ
اسان سولنگي برادري جي ماڻھن کي ڦريل پئسا واپس ڪرڻ جو چيو ته ھنن پئسا واپس ڪرڻ بجاءِ اسان جي گھر تي ڏنڊن سان حملو ڪري ڏنو ۽ ارشد سومرو جي ٽنگ مسمات راڻي جي ٻانھن ڀڄي ڇڏي ۽ اسان سڀني گھر ڀاتين کي ڏنڊا ھڻي ڀڄائي ڇڏيو ۽ آساني سان ھليا ويا اھڙي رپورٽ اسان نوان جتوئي پوليس ٿاڻي تي روشن سولنگي جاني، دربان، گلزار، حبيب الله ۽ 5 نامعلوم جوابدارن تي نوان جتوئي پوليس ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائي آھي. مگر نوان جتوئي پوليس جوابدارن کان ڳري رشوت وٺي انھن کي کلي ڇوٽ ڏئي ڇڏي آھي، جوابدار اسان کي سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن، ھنن ڊي آءِ جي پوليس نواب شاھ ۽ ايس ايس پي نوشھرو فيروز کان مطالبو ڪيوته جوابدارن خلاف ايف آء آر داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان کي تحفظ ۽انصاف ڏنو وڃي ـ