Wednesday , May 12 2021
تازاترين
Home / مضمون / ڊسمبر جا درد ۽ اسان جون ذميواريون ـ ظفر ٻگهيو

ڊسمبر جا درد ۽ اسان جون ذميواريون ـ ظفر ٻگهيو

دنيا جي گولي تي نظر وجهڻ ۽ تاريخ جا ورق اٿلائڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته اسلامي تاريخ جو پهريون مهينو محرم ۽ عيسوي سال جو آخري مهينو هميشه ڳورا رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته اسلامي تاريخ ۾ محرم سال جو پهريو مهينو جنهن ۾ يزيد حضرت امام حسين عليه اسلام سان ميدان ڪربلا ۾ جنگ جوٽي، سندس خاندان ۽ جانثارن کي شهيد ڪيو، خيمن کي باهيون ڏنيون ۽ امامن کي قيدي بڻايو، ان محرم پاڪ کي جيئن مسلمان ظلم ۽ بربريت جو مهينو چوندا آهن، اهڙي نموني سال جي پڇاڙڪي واري عيسوي سال جي ڊسمبر مهيني به اسان سنڌي ماڻهن کي هميشه گهرا گهاءَ ڏنا آهن، هن مهيني ۾ اسان جا ڪيترا ئي ڪونڌر شهيد ڪيا ويا ۽ ڪن جو جيڪڏهن فطري موت به ٿيو ته رياست جي ناڪاره پاليسي سبب ٿيو آهي. اسان رڳو صرف ڊسمبر مهيني جي تاريخن جا ورق اٿلائينداسين ته رڳو درد ئي درد ملندا ـ
سائين جي ايم سيد جي بهادر نياڻي ڊاڪٽر درشهوار سيد جو وڇوڙو، شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي شهادت، ناميارن شاعرن شيخ اياز، تاجل بيوس ۽ بادل ٻگهيو جي اچانڪ جدائي قومي ڪارڪنن فهيم ڀٽو ۽ سرويچ پيرزادو جي شهادت، البيلي راڳي سرمد سنڌي جو المناڪ موت، ڪامريڊ سوڀو گيانچانداڻي جو ديهانت، مزدورن جو هڏ ڏوکي مخدوم رشيد جو ڪملهو موت، نامياري شاعره پروين شاڪر، انقلابي شاعر فيض احمد فيض، فنڪاره نورجهان جي هميشه لاءِ موڪلاڻي، جاهل طالبانن هٿان پشاور ۾ معصوم ٻارڙن جون آهون ۽ دانهون ۽ ٿر ۾ سوين معصوم ٻارڙن ۽ ماڻهن جو بک ۽ بيماري وگهي موت ڏاڍا دل ڏکائيندڙ واقعا آهن، اچو ته انهن سڀني واقعن جا پيرا کڻون ته سندن موت جو آخر ذميوار ڪير آهي ؟
ڊاڪٽر درشهوار سيد :ڊاڪٽر درشهوار سيد سائين جي ايم سيد جي نياڻي آهي جنهن ڏيساور مان پي ايڇ ڊي حاصل ڪئي، سندس موت ڌرتيءَ جا درد ۽ ناانصافيون هونءَ ته سندس وڇوڙو فطري آهي پر رياست پاران ڏيساور مان سندس علاج لاءِ اجازت نه ڏيڻ سندس موت جو مک سبب آهي ـ
محترم بينظير ڀٽو:محترم بينظير ڀٽو ذوالفقار ڀٽي جي نياڻي آهي، سندس موت راولپنڊي ۾ حملي ۾ شهيد ٿي سندس موت جا ذميوار مذهبي جنونيت رکندڙ وحشي جانورن ۽ سندس خون جي بدلي ۾ اقتدار جون موجون ماڻيندڙ حڪمران آهن ـ
سرمد سنڌي:سرمد سنڌي پنهنجي قومي انقلابي گيتن وسيلي سنڌي قوم کي شعور ڏنو ۽ ڦوهه جواني ۾ هيءُ ٻيجل جو ٻيو جنم اسان کان زوري جدا ڪيو ويو جنهن جا قاتل به هن رياست جا نااهل ادارا آهن ـ
شيخ اياز:ڌرتي جو اهو قومي انقلابي شاعر جنهن ون يونٽ کان وٺي پنهنجي آخري دم تائين قومي شعور لاءِ شاعري سرجي سندس موت به رياست پاران سندس مٿان ڪيل ظلم ۽ ڏاڍ آهي، ڇاڪاڻ ته هن هميشه ڌرتيءَ جا ڳيچ ڳايا ـ
تاجل بيوس:ڌرتي جو اهو وڏو شاعر هو جنهن سنڌ جي ماروئڙن ۽ ثقافت کي اجاگر ڪيو ۽ هن پنهنجي سڄي ڄمار ڌرتي لاءِ وقف ڪئي هوءَ ته سندس موت فطري آهي پر سندس موت جي ذميوار هيءَ رياست آهي ـ
ڪامريڊ سوڀو گياچنداڻي:هيءَ اهو عظيم انسان آهي جنهن ورهاڱي وقت پنهنجي ماتر ڀومي سنڌ ڇڏڻ کان صاف انڪار ڪيو ۽ آخري دم تائين سنڌ سان محبت ڪندو رهيو، کيس ڪيترائي ڀيرا ملڪ کان ٻاهر ڀارت وڃڻ جو موقعو ڏنو ويو پر هن مانجهي مرد پنهنجي سنڌ ڌرتي سان محبت جي اظهار ۾ سنڌ ۾ پنهنجا پويان پساھ پورا ٿيڻ کي ترجيح ڏني هوءَ ته سندس فطري موت پر حڪمرانن پاران سندس علاج نه ڪرائڻ ۽ مالي سهائتا نه ڪرڻ به موت جا سبب آهن ـ
پروين شاڪر:پروين شاڪر پيار ۽ خوشبو جي اها شاعره هئي جنهن پنهنجي جواني ۾ پنهنجي خوشحال گهراڻي جو خوشيون ٺڪرائي ڏکن جي راھ جي راهي ٿي. سندس موت جو سبب به رياست پاران ٽريفڪ جو ناڪاره نظام هجڻ آهي ـ
مخدوم رشيد احمد:مخدوم رشيد احمد پورهيتن جي حقن لاءِ سرمائيندارن سان مهاڏو اٽڪايو هوءَ ته وطن دوست انقلابي پارٽي سان لاڳاپيل هو پر خاص ڪري النور شگر مل جي پورهيتن جي لاءِ پنهنجي زندگي جا ڏينهن وقف ڪيا ۽ پورهيت يونين جو بنياد وڌو، توڙي جو موت فطري ٿيو پر سرمائيدارن ۽ جاگيردارن پاران غريب پورهيتن ۽ هارين تي ظلم ۽ زيادتي کي برداشت نه ڪرڻ جو صدمو به سندس موت جو سبب آهي ـ
ترنم نورجهان:ترنم نورجهان هڪ سادي ۽ سٻاجهڙي فنڪاره جنهن پيار ۽ انقلاب جا گيت ڳائي پنهنجو فرض نڀايو، ان جي موت جو ذميوار رياستي حڪمران ٽولو آهي ـ
فيض احمد فيض:فيض احمد فيض دنيا جو اهو انقلابي شاعر هو جنهن پوري دنيا جي مظلوم انسانن جي لاءِ شاعري وسيلي آزادي جو پيغام ڏنو ۽ ظالمن کي للڪاريو ۽ ان سچ جي ڏوھ ۾ جيل جون مصيبتون به سٺيون سندس جدائي به حڪمرانن پاران ڪيل ظلم ۽ زيادتي آهي ـ
ٿري ماروئڙا:ٿر جي سوين معصوم ٻارڙن جو بک ۽ بيماري وگهي سنڌ جهڙي معدني وسيلن سان مالا مال خطي ۾ مري وڃڻ وقت جي حڪمرانن جي يزيديت جو چٽو مثال آهي ۽ معصوم ٻارڙن جي موت جي ذميوار پڻ رياست ۽ سنڌ سرڪار آهي ـ
پشاور سانحو:پشاور جي اسڪول ۾ معصوم گلڙن جو ڪومائجڻ جا ذميوار جهاد جي نالي ۾ اهي فسادي ملا آهن، جن نفرت جو ٻج پکيڙي سڄي دنيا کي جهنم بڻائي ڇڏيو آهي ۽ اسلام جهڙي مقدس دين جو غلط تعارف ڪري اسلام ۽ انسان دشمني ڪري رهيا آهن، پشاور سانحي ۾ شهيد ٿي ويل معصوم ٻارڙن جي شهادت پڻ رياست تي آئد ٿئي ٿي ۽ مٿي ڄاڻايل مهان انسانن خاص سواءِ هن ڌرتيءَ تي بي موت مرندڙ مسڪين ماڻهو، قومي ڪارڪن، شهيد راجا ڏاهر کان سائين جي ايم سيد تائين، شهيد بشير خان کان سرائي قربان کهاوڙ، شهيد مقصود قريشي ۽ سلمان وڌو تائين، ۽ ڊاڪٽر خالد محمود سومرو کان سرويچ پيرزادي تائين سڀني شهادتن جا درد اسان جي دلين ۾ چٽيل آهن ۽ اهي سڀ اسان جي ديس جا درد آهن، جنهن جو درمان آزاد سنڌ جو روشن صبح آهي ـضرورت ان ڳالھ جي آهي ته سنڌ جي قومي شهيدن جي شهادت جي غم کي طاقت ۾ تبديل ڪري سنڌ جون سڀئي قومپرست جماعتون، سڄاڻ ڌريون ۽ اسان سڀئي سنڌ دوست سال جي پڇاڙڪي مهيني ڊسمبر ۾ سنڌ ڌرتيءَ تان پنهنجي جان گهور ڪندڙ مهان ڏاهن جي نقش قدم تي هلي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي سنڌ جي آزادي، خوشحالي ۽ سنڌ ۾ رياست پاران سنڌين جي نسل ڪشي خلاف هڪ آواز بڻجون، تڏهن ئي اسان پنهنجي ڌرتي، ثقافت، ٻولي، تهذيب ۽ تمدن، حدون ۽ وجود بچائي سگهنداسين ـ

Check Also

ايڪويھين صدي ۽ ڦر لٽ جو نئون نظام! ـ اويس فيض

اويس فيض جيتوڻيڪ ايڪوھين صدي سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جو دور آھي جنھن کي سائنسي ۽ …