Friday , March 5 2021
تازاترين
Home / تازاترين خبرون / خبرون / چئن سالن کان گم حفيظ الله محمد حسني جي 3 سال پراڻي لاش ظاهر

چئن سالن کان گم حفيظ الله محمد حسني جي 3 سال پراڻي لاش ظاهر

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي شهر چاغي ويجهو دالبندين جي رهواسي جي ٽي سال پراڻي لاش ملي آهي، جنهن جي سڃاڻپ حفيظ الله محمد حسني نالي شخص جي ٿي آهي، جيڪو چار سال اڳ 30 آگسٽ 2016 تي گم ڪيو ويو هو ـ
سندس ڀاءَ نعمت الله چيو ته مون لاش جي سڃاڻپ جوتن ۽ ڪپڙن ذريعي ڪئي، جنهن کان پوءِ اسپتال انتظاميا لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو ـ
نعمت الله چيو ته سندس ڀاءَ جي بازيابي لاءِ 68 لک رپيا ادا ڪرڻ جو چيو ويو جيڪي ڏيڻ کانپوءِ به آزاد نه ڪيو ويو ـ
دالبندين جي ڊاڪٽر جو چوڻ هو ته هي لاش تقريبن ٽي سال پراڻي آهي، جنهن کي ٽي گوليون سيني تي ۽ هڪڙي ٽنگ ۾ هڻي ماريو ويو ـ

Check Also

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي ـ علي عاجز

علي عاجز قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي …