Sunday , June 20 2021
تازاترين
Home / پرڏيهي خبرون / ڀارت ۾ ڪورونا وائرس تي ضابطو نه آيو، ڪيسن جو تعداد 42 لکن ٿي ويو

ڀارت ۾ ڪورونا وائرس تي ضابطو نه آيو، ڪيسن جو تعداد 42 لکن ٿي ويو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي خبرن مطابق ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جو تعداد 42 لک 80 هزار تائين پهچي ويو، ڀارت هن وقت دنيا ۾ ڪيسن جي حوالي سان ٻئين نمبر تي آهي، جڏهن ته روز جي بنياد تي لکن جي تعداد ۾ ڪيسن ۾ اضافو ٿئي ٿو ـ
ڀارت ۾ هن وقت 71 هزار 6 سو کان وڌيڪ فوتگيون ٿي چڪيون آهن ۽ روز جي بنياد تي هزارن کان وڌيڪ ماڻهون ڪورونا وائرس سبب وفات ڪري وڃن ٿا، جڏهن ته 32 لک ماڻهو صحتياب پڻ ٿي چڪا آهن، صحت جي عالمي اداري جو چوڻ آهي ته ڀارت ۾ هر روز ڪيسن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، ڀارتي خبرن جي مطابق ڪيسن ۾ اضافي جو سبب ميٽرو بسن کي کولڻ کان پوءِ ٿيو آهي ـ
ياد رهي ته آمريڪا ڪورونا جي حوالي سان پهرين نمبر تي آهي جتي هن وقت ڪيسن جو تعداد 62 لکن کان وڌيڪ آهي ۽ فوتگين جو تعداد هڪ لک 94 هزار تائين پهچي ويو آهي، آمريڪا ۽ ڀارت کان پوءِ برازيل ڪورونا جي حوالي سان ٽئين نمبر تي آهي ـ

Check Also

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي ـ علي عاجز

علي عاجز قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي …