
نوابشاھ (رپورٽ: مزمل چانڊيو) پاڪستان پيپلز پارٽي شھيد ڀٽو تعلقه نوابشاھ پاران شھيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي قتل ڪيس کي ٻيھر کولڻ ۽ سندس قاتلن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ اعجاز ميراڻي، غازي نجيب چانڊيو، منظور جلباڻي، بابر مغيري، شاھڪار ملاح، مختيار سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نوابشاھ پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن مظاهري کي خطاب ڪندي چيو ته شھيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي قتل ڪيس کي 24 سال گذري ويا آھن ۽ اسان 24 سالن کان سراپا احتجاج رھيا آھيون پر ھن وقت تائين اسان جي قائد شھيد مير مرتضيٰ ڀٽو جا قاتل گرفتار نه ٿي سگھيا آھن، اڳواڻن مطالبو ڪيو ته اسان جي قائد شھيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي قتل جو ڪيس ٻيھر کولي قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي ـ