Sunday , July 25 2021
تازاترين
Home / مضمون / پي ٽي آءِ جي مديني واري رياست، غير محفوظ بڻجي ويل عورتون ـ صاحب خان ڀٽي

پي ٽي آءِ جي مديني واري رياست، غير محفوظ بڻجي ويل عورتون ـ صاحب خان ڀٽي

ملڪ ۾ ڏينهون ڏينهن جنسي زيادتين جي واقعن ۾ واڌ ٿي رهي آهي، پوليس اهڙن واقعن کي مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي، زيادتين جي واقعن  بابت رپورٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر معصوم ٻارڙن ۽ عورتن کي ڏيکاريو  ويو آهي،  تنهن باوجود  حڪومت توڙي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا اهڙن واقعن  تي ضابطو آڻڻ  لاءِ ڪا به حڪمت عملي جوڙي نه سگهيا آهن، روز سنڌ ۽  پاڪستان جي ڪنهن نه ڪنهن شهر ۾ ڪو معصوم ٻارڙو   ڪنهن وحشي جي ور چڙهي وڃي ٿو، سارنگ شر کان ويندي لاهور موٽر وي ڪيس  کانپوءِ عوام پنهنجي ٻارڙن توڙي عورتن کي غير محفوظ  سمجهي رهيو آهي، اڳ ۾ ڦورو رڳو ڦرلٽ ڪندا هئا يا وري  مزاحمت زخمي ڪندا هئا يا ماري ڇڏيندا هئا پر هاڻ حالتون ويتر خراب ٿي ويون آهن، هاڻي ڏوهاري ڦر ڪرڻ سان گڏ عورتن کي ٻارڙن سامهون زيادتي ٿا ڪن ۽ سولائي سان فرار ٿي وڃن ٿا، جي ها اهڙو واقعو پنجاب ۾ موٽر وي تي پيش آيو آهي، جتي رات جي اونداهي ۾ گاڏي خراب ٿيڻ تي جوابدارن عورت کان ڦرلٽ ڪرڻ سان گڏ کيس زيادتي جو نشانو بڻايو، جنهن کانپوءِ سڄي ملڪ جي عوام ۾ بيچيني پکڙجي وئي، فنڪار توڙي عام ماڻهو پنهنجي نياڻين ۽ ٻارڙن جي حفاظت لاءِ پريشان ٿي ويا آهن، شايد هي ڪو پهريون واقعو نه هوندو، ان کان اڳ به پنجاب ۾ اهڙا گينگ ريپ جا واقعا ٿيا هوندا، جيڪي اڄ ڏينهن تائين ميڊيا تي نه آيا هجن، پنجاب ۾ ڪجهه عرصو اڳ به زينب نالي معصوم ٻارڙي  کي زيادتي بعد قتل ڪيو ويو هو، جنهن تي پي ٽي آءِ تمام گهڻو سرگرم ٿي وئي هئي ۽ ذميوار پنجاب حڪومت کي قرار ڏنو  ويو هو، ان کانپوءِ ٻيا به کوڙ سارا واقعا پيش آيا  پر پنجاب ۾ عورتن ۽ ٻارڙن جي تحفظ لاءِ ڪا اثرائتي حڪمت عملي هيل تائين ناهي جوڙي وئي ـ
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته رڳو پنجاب  معصوم ٻارڙن ۽عورتن لاءِ غير محفوظ نه آهي، سنڌ ۾ ته ان کان وڌيڪ ويڌن آهن، وڏيرن ۽ سردارن جا پٽ ڪيئن ٻين جون نياڻيون اغوا ڪرائيندا آهن ۽ انهن سان ڪهڙو  ورتاءُ ڪيو ويندو آهي، اها سڀني کي خبر آهي، ڪجهه نياڻين کي ڪارو ڪاري جو الزام هڻي زيادتي ڪئي ويندي آهي ته ڪٿي وري سڱ چٽي جي ڪڌي رسم مان فائدو ورتو ويندو آهي، اهي سمورا فيصلا سنڌ جا وڏيرا، سردار ۽ شاهه ڪندا آهن، جن  خلاف اسان جي سماج ۾ هيل تائين آواز اٿي نه سگهيو آهي، بس فرق ايترو آهي ته  ڪجهه سرعام زيادتي ڪندا آهن، جيئن پنجاب ۾ ٿي رهيو آهي ۽ ڪجهه وري مٿان حربا استعمال ڪندا آهن. يونيورسٽين ۾ وحشي استاد معصوم نياڻين کي  بليڪ ملنگ ڪندا آهن ته ڪجهه وري  معصوم ٻارڙن کي فري ٽيوشن جي بهاني زيادتي بڻائيندا آهن، پنجاب ۾ جيڪڏهن ڪو اهڙو واقعو پيش ٿيندو آهي ته اهو هاءِ لائيٽ ٿي ويندو آهي پر سنڌ ۾ اهڙو ڪو واقعو پيش ايندو آهي ته  متاثرن  کي انصاف ئي ناهي ملندو، نه ئي قاتل پڪڙيا ويندا آهن ۽ نه ئي وري وزيراعظم  يا ڪو ٻيو نوٽيس وٺندو آهي،  جيڪڏهن جوابدارن خلاف وقت سر ڪارروائي ڪري ۽ انهن کي سزائون ڏي ته ڪڏهن به جنسي زيادتين وارا  واقعا پيش نه ايندا ـ
جيئن ته پي ٽي آءِ سرڪار مديني واري رياست جي دعويٰ  لاهور موٽر وي ڪيس واقعي کان پوءِ  رڳو دعويٰ رهجي وئي آهي، ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ معصوم ٻارڙن کي اغوا بعد جنسي زيادتي جو نشانو بڻائڻ ۽ قتل ڪرڻ جا واقعا پيش اچي رهيا آهن، نه ته  سنڌ سرڪار انهن خلاف ڪا ڪارروائي ڪري رهي آهي، نه ئي وري وفاقي سرڪار اهڙن  وحشي جوابدارن خلاف ڪا اثرائتي ڪارروائي ڪئي آهي. جيڪڏهن   اسان جا محفاظ ڪرپشن کان پاڪ هوندا ۽ بي گناهن کي گرفتار ڪرڻ بدران جوابدارن کي گرفتار ڪندا ته يقينن سنڌ توڙي پاڪستان ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي ويندي، پي ٽي آءِ سربراهه  عمران خان چيو هو ته جڏهن منهنجو اقتدار ايندو ته ان وقت پوليس کي سياست کان پاڪ ڪيو ويندو، پر جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن وقت سڀ کان وڌيڪ پوليس اهلڪار انهيءَ پارٽي جي ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز جي سيڪيورٽي لاءِ  مقرر ٿيل آهن، جيڪڏهن اڌ پوليس رڳو پي ٽي آءِ سميت ٻين سياستدانن جي حفاظت ڪرڻ ۾ رڌل هوندي ته پوءِ غريب عوام  ڪٿان محفوظ هوندو؟ جيستائين  سيڪيورٽي جا انتظام سخت نه ڪيا ويندا، تيسائين اهڙيون وارداتون معمول بڻيل هونديون، تازو ئي وزيراعظم  عمران خان  جنسي زيادتين ۾ ملوث جوابدارن کي خصي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي پر  انهن جو ڇا ٿيندو، جن مولوين جون معصوم ٻارڙن سان جنسي زيادتين واريون ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آهن، قوم کي اهو به ٻڌايو وڃي ته مدرسن، مسجدن ۽ تعليمي ادارن ۾ جنسي زيادتين جي واقعن ۾ ملوث ڪيترن جوابدارن کي هيل تائين قانون جي پڪڙ ۾ آندو ويو آهي؟ حڪومت کي گهرجي ته اهڙن وحشين کي خصي ڪرڻ سان گڏ انهيءِ علائقي جي محافظن خلاف به ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن اهڙيون وارداتون نه ٿي سگهن ـ
جيستائين پوليس ڦرون ۽ چوريون ڪندڙن جوابدارن خلاف ڪارروائي نه ڪندي، تيستائين لاهور موٽر وي واقعي جهڙا واقعا پيش ايندا رهندا، ڇاڪاڻ ته جڏهن ڏوهارين ڦرن ۽ چورين وارداتن ۾ قانون هٿان ناهن پڪڙجندا ته اهي وحشي پوءِ عورتن ۽ ٻارڙن کي وحشيت جو نشانو بڻائيندا آهن، ان سان گڏ پوليس اهڙن پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي پڻ ڪئي وڃي، جيڪي فحاشي جا اڏا هلائندڙن جي ونگار ڪري رهيا آهن، تازو ئي سوشل ميڊيا تي ڪجهه پوليس اهلڪارن جون آڊيو وائر ٿي رهيون آهن، جن کي ٻڌي اهو سمجهي سگهجي ٿو ته پوليس ڪيئن فحاشي اڏن تي ڇاپا هڻي انهن عورتن کي ٻين جي حوالي ڪندي آهي. وزيراعظم عمران کي جيڪڏهن هن رياست کي مديني واري رياست بڻائڻو آهي ته پوءِ سڀ کان پهرين اهڙن محفاظن خلاف ڪارروائي ڪن، جيڪي ڏوهارين کي پالي رهيا آهن، جيڪڏهن انهن خلاف ڪارروائي ٿي ته اهي ڏوهاري نه ڦرون ڪري سگهندا، نه ئي وري ڪنهن کي اهڙي جرئت  ٿيندي، ظاهر طور ته لاهور موٽر وي واقعو به ڦر جو لڳي رهيو هو پر بعد خبر پئي ته عورت کي ڦر ڪرڻ سان گڏ لڄالٽ جو شڪار به بڻايو ويو هو. پوليس اهلڪارن کي به پابند بڻايو وڃي ته جيڪڏهن ڪا نياڻي فرياد کڻي ٿاڻي تي پهچي ته ان جي فرياد تي فوري طور قدم کنيو وڃي ۽ ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرائي اصل جوابدارن کي قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي، باقي رهي خصي ڪرڻ وارو مامرو ته سنڌ سرڪار به ڪتن کي خصي ڪرڻ لاءِ فنڊ رکيا هئا پر خبر ناهن، اهي ڪيڏانهن ويا، ڪتا هيل تائين خصي ته ناهن ٿي سگهيا پر رولو ڪتن جو آزار اڃا وڌي ويو آهي. حڪومت کي گهرجي ته عورتن جي تحفظ لاءِ عورت پوليس اهلڪارن جي وڌ ۾ وڌ ڀرتي ڪئي وڃي ته جيئن عورتن جا مسئلا جلد کان جلد حل ٿي سگهن ۽ متاثر عورتون پنهنجي فرياد چڱي ريت ٻڌائي سگهن ـ

Check Also

سدا واھ شاخ جي پڇڙي تي جوڊيشل ميجسٽريٽ ون جج شفيق احمد کرل جو مختلف واٽرن جو دورو

شهدادپور(رپورٽ: رجب رند) شھدادپور لڳ آبادگارن جي شڪايت تي سول جج جو سدا واھ شاخ …