Saturday , March 6 2021
تازاترين
Home / ڪهاڻيون / پريس رليز ـ هدايت ڏيپر

پريس رليز ـ هدايت ڏيپر

جيئن مان فجر جي نماز لاءِ گهر کان نڪتس ته سامهون مولوي ڀورل شاهه جي حويلي ۽ اوطاق تي پوليس ۽ رينجرز جا اٽالا ڏٺم جيڪي پوزيشن سنڀاليو بيٺا هئا. ڄڻ ڪي دشمن ملڪ جي سرحد تي بيٺل هجن، ائين هڪ رينجرز واري جي مون تي نظر پئي، هڪل ڪري چيائين ”کڙي هو جائو، کون هو تم“ مان بيهي رهيس منهنجي تلاشي ورتائين ۽ مون کي هڪ پوليس موبائيل ۾ ويهاريائين مون چيو منهنجو ڪهڙو قصور آهي، جو مونکي گرفتار ٿا ڪريو؟ مون کي ڇڏيو ته مان نماز پڙهڻ وڃان. جيڪا قضا ٿي ويندي. ٿڦ اولاريندي چيائين ته “اب” ساري نمازين جيل مين پڙهنا” ڏٺم ته هڪ اي ايس آءِ پوليس وارو اچي رهيو آهي، جنهن کي چيائين ته “اس آدمي کي نگراني کرنا” پوليس وارو جڏهن ويجهو آيو ته مون کي شڪ ٿي پيو ته هيءُ پوليس وارو منهنجو ڪلاس فيلو ڪامريڊ سليم آهي. جيڪو بهترين انسان غريبن جو هڏڏوکي هميشه پنهنجي قوم وطن لاءِ بهترين سوچيندڙ. مون پڇيس ڀائو توهان ڪامريڊ سليم آهيو؟ چيائين ها سانول ڪامريڊ سليم آهيان. ڪامريڊ سليم جي ۽ منهنجي ملاقات تقريبن ويهه سالن کانپوءِ ٿي هئي. ڪامريڊ سليم چيو ته مون توکي پهريون سڃاتو هو، پر ڪوشش ڪر ته جيئن هيءُ ائين نه سمجهن ته اسان اڳ جا واقف آهيون. ٺيڪ آهي ڪامريڊ پر مون کي هيءُ ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته سائين ڀورل شاهه نيڪ مرد جي حويلي ۽ اوطاق تي ايترو سخت گهيرو جو چادر ۽ چار ديواري جو به احترام نه ڪيو ويو آهي ۽ خبر ناهي ڇا ماجرا آهي؟ سائين ته هميشه ملڪ جو، حڪومت جو وفادار رهيو آهي. سدائين پنهنجي تقريرن قوم پرستن، ڪامريدن، فرقيوار فسادين سوشلزم، ڪميونسٽن چورن ڌاڙيلن، منشيات فروشن کي ننديندو رهيو آهي ۽ سڀني کي ملڪ دشمن قرار ڏيندو رهندو آهي ۽ هر حڪومت جو منظور نظر هوندو آهي پر اڄوڪي هيءَ پوزيشن مونکي سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته ڇا ماجرا آهي؟ ـ
ڪامريڊ سليم چيو ته هاڻي ٻڌ ته ٻڌايائنءِ سائين کي قوم پرستي ۽ سوشلزم وغيره جي خلاف ڪم ڪرڻ تي ۽ حڪومت ۽ ملڪ جي حق ۾ ڪم ڪرڻ جا لاءِ ڳجها فنڊ ملندا آهن. پر سائين هاڻي ڪجهه ڏينهن ۾ سنڌ پرست ٿي پيو آهي. تقريرن ۾ سنڌ ڌرتي سنڌي قوم جي حقن جي ڳالهه ڪندو آهي سا به اسلامي نقطئه نظر سان شايد ويجهڙ ۾ تو سائين جي تقرير ناهي ٻڌي. مون بلڪل ناهي ٻڌي، جيڪي اصل طاقتون آهن اهي ناراض ٿي پيون اٿس سليم چيو. اوچتو ڏٺم ته مولوي ڀورل شاهه کي اهلڪار ڳلي مان پڪڙيو ڇڪيو وٺي اچي رهيا هئا. مولوي ڀورل شاهه جو مون ايترو آواز ضرور ٻڌو ته مان پنهنجي قوم ۽ ڌرتي جي ظلم تي خاموش نه ويهندس، ڀلي گرفتار ڪري وٺي هلو، يا ڦاسيءَ تي چاڙهيو، ڪجهه ٻيا ماڻهو به گرفتار ڪيا ويا. جيڪي مولوي ڀورل شاهه جي اوطاق تي ترسيل هئا. افراتفري جو فائدو وٺي ڪامريڊ سليم مون کي موبائيل مان لاهي ڇڏيو ۽ ائين چيائين ته سڀاڻي هن واقعي جي پريس رليز پڙهجانءِ. ٻئي ڏينهن اخبارن ۾ وڏي سرخي سان هي خبر شايع ٿيل هئي ته مولوي ڀورل شاهه فرقيوار فساد ڪرائيندو هو ۽ انتهاپسندي کي هٿي ڏيندو هو. ملڪ دشمن ٿي پيو هو اسان کي مولوي ڀورل شاهه جي حويلي ۽ اوطاق تان ڪيترو ئي ڌماڪي خيز بارود ۽ هٿيار ۽ ڪجهه مشڪوڪ ماڻهو مليا آهن جن کان وڌيڪ تفتيش جاري آهي ـ

Check Also

عبدالواحد آريسر جو ڌرتي جو دلير پٽ..! ـ علي عاجز

علي عاجز هو جيڪو روپلي ڪولهي ۽ اڌي سنگھ سوڍي جي پچاڙڪي پناھ گاه رهيو. …