Monday , March 8 2021
تازاترين
Home / پرڏيهي خبرون / پرناب مُکرجي دهلي جي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

پرناب مُکرجي دهلي جي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻو صدر ۽ ڪانگريس جو اڳواڻ پرناب مُکرجي 84 سالن جي عمر ۾ دهلي جي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، پرڏيهي خبرن موجب اڳوڻي صدر پرناب 10 آگسٽ کان اسپتال ۾ داخل هو، پنهنجي گهر ۾ ڪري پوڻ سبب دماغ ۾ موجود ڄميل رت ڪڍرائڻ لاءِ داخل ڪيو ويو، اڄ يعني 31 آگسٽ تي صبح ڊاڪٽر ڦڦڙن ۾ تڪليف جو سبب پڻ ٻڌايو، جنهن کان پوءِ سندس فرزند ابهيجيت مُکرجي ٽئيٽر تي سندس ديهانت جي تصديق پڻ ڪئي ـ

ياد رهي ته پاڻ 51 سالن جي عمر ۾ سياست جي باقائيده شروعات ڪئي ۽ پرناب ڀارت جو 13 هون صدر پڻ هيو، پاڻ فينانس، ڊفينس ۽ پرڏيهي معاملن جو وزير پڻ رهيو، پرناب مکرجي جو واسطو ڀارت جي موجوده اپوزيشن ڪانگريس سان هو، جيڪا ڀارت ۾ ڪيترائي ڏهاڪا اقتدار ۾ رهي آهي ـ

Check Also

ڳوٺ مٺا خان جوکيو ۾ ملڪيت جي تڪرار تان ڀائٽي احمد علي جوکيو پنهنجي چاچي لياقت علي کي گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيو

شاهپورجهانيان (رپورٽ اسد جاني) شاهپور جهانيان ڀرسان ڳوٺ مٺا خان جوکيو ۾ ملڪيت جي تڪرار …