Monday , March 8 2021
تازاترين
Home / مضمون / پاڪستان جي تعليمي بجيٽ ۽ تعليمي معاملو ـ اويس فيض

پاڪستان جي تعليمي بجيٽ ۽ تعليمي معاملو ـ اويس فيض

پاڪستاني جي تعليمي بجٽ ھڪ وڏي گيم رھي آھي، جنھن کي سمجھڻ لاءِ اسانکي ڪجھ قدمن جو سھارو وٺڻو پوندو. گذريل ستر سالن کان اھو موقف واضع ۽ چٽو رھيو آھي تہ تعليم جھڙي روشناس ھٿيار کي سرمائي جي آڙ وٺي، سنڌ سميت سمورن شاگرد جي ذھنن کي ڪاروباري بڻائي وڪيو ويو آھي. جنھن کي جڙتو تعليم چئجي ٿو. جيڪا پڻ سرمائيدارن ۽ جڙتو سياسي ليڊرن، سياستدانن جي پيدا ڪيل آھي. جنھن جا اثر 1947 پاڪستان جي قيام کان وٺي ھن وقت موجود آھن. 1947 ۾ جڏھن ھڪ جاگرافيائي حد پاڪستان جي نالي سان وجود ۾ آيو تہ سياسي صورتحال سان گڏوگڏ تعليم جو بہ نئون وجود ظاھر ٿيو. جو ھتان جي ماڻھن جي نجي ھلندڙ ڪاروبار ۽ ٻولي کي مارئيو ويو ۽ جديد ٽيڪنالاجي تحت شين، ڪاروبارن ۽ تعليم سان لاڳو ڪيو ويو، جنھن چٽو ۽ واضع ثبوت 1947 کان وٺي موجود حالتن ۾ ڪارخانن، مشينرين، انٽرنيٽ، جڙتون سياستدانن مان لڳائي سگھجي ٿو. ويھين صدي کان ايڪويھن صدي تائين تعليم بجٽ کي سمجھڻ لاءِ ھڪ وڏو پيمانو جوڙڻو پوندو، جنھن جي ذريعي انھن پراميٽرس کي توري ۽ تڪي سگھجي ـ
اھڙو ئي ساڳيو ورتاءُ ڪلھ وراري تعليمي بجٽ مان ظاھر ٿيو آھي، جيڪا تعليم لاءِ سراسر وزير پاران تر برابر فيصلو آھي. تعليم وزير پوري پاڪستان جي تعليم لاءِ چار ارب رپين اعلان ڪيو، جيڪو ھڪ شاگرد جي بنيادي تعليمي ضروتن تي ڀاڙي نٿي پئي. تہ ان بجٽ مان پرائيويٽ استادن ۽ سرڪاري استاد جي پگھار جو پورائو ڪيئن ٿيندو. چوندا آھن، ”ھل ڙي اھڙي ٿي، جھڙي ٻرڙي ڪئي ٻارن سان“ پاڪستان جي تعليمي وزير بہ اھو ئي ھٿ رکيو آھي ـ
جڏھن تہ چار ارب رپيہ سموري پاڪستان جي تعليم جي بجٽ آھي ۽ پوري پاڪستان ۾ ھزارن ۽ سون جي تعدادن ۾ اسڪول، ڪاليج، ۽يونيورسٽيون موجود آھن. جنھن لاءِ اھي چار ارب رپيہ تريءَ تي مٽي رکي ڦوڪ ڏيڻ جي برابر آھي. جڏھن تہ پاڪستان جي ٻين سمورن صوبن کان ھٽي ڪري سنڌ جي اندر اسڪولن ۽ ڪاليج، يوينورٽين جي بنيادي مسئلن ساڻ سمجھنداسين تہ اھا بجٽ ڪيئن ڪيتري قدر فائديمند ٿي سگھي ٿي ـ
جڏھن پوري سنڌ جي اندر ٿلھي ليکي 4500 اسڪولن جو تعداد لکيو وڃي ٿو، جن 500 کي ڇڏي ڪر باقي 4000 اسڪول سرڪاري کاتي طور ھلي رھيا آھن. جنھن ۾ ھڪ ٻار جي بنيادي ضرورتن بوٽ، ڊريس، ڪتاب، ڪاپي، قلم، ڪرسي بئچ وغيرہ جو خرچو اندازي موجب 1500 يا 2000 في شاگرد تي خرچ اچي ٿو. اھڙو اندازو جيڪڏھن ھر سنڌ جي اسڪولن ۾ 30 شاگردن جي تعداد ۾ لڳائجي ٿو تہ 220000 لک صرف سنڌ جي پرائمري ۽ سيڪڊري تعليم ۾ اچي ٿو. اھڙي صورتحال ۾ جڏھن ھائرسيڪنڊري ليول جي شاگردن جي بنيادي ضروتن سان گڏوگڏ ٽريول ٽرانسپورٽ جي پورائي لاءِ 12500000 ھڪ ڪروڙ 500 لک خرچ اچي ٿو. جيڪو پڻ ٿلھي ليکي پبلڪ ۽ سرڪاري ڪاليجن جو آھي، جڏھن پرائيويٽ سيڪٽر ۽ پرائيوٽ ڪاليجن جو خرچ الڳ آھي. جڏھن اھڙو ئي خرچ سنڌ جي ميڊڪل ۽ انجنيئرنگ، جنرل، يونيورسٽين جو لڳائجي جتي شاگردن جو تعداد ھزارن ۾ ھجي ٿو، جنھن ۾ موجودہ دؤرجي ٽيڪنالاجيڪل تعليم انٽر نيٽ جي سھولت کي مد نظر رکندي بجٽ اربن رپين اچي ويندي. جڏھن پاڪستان جي ٻين صوبن پنجاب، سرحد، بلوچستان، خيبر ختونخواھ، ۾ ڪھڙي ريت ورھائجي سگھنجندا، جڏھن تہ حڪومت جو ٿورو ھڪ صوبي جي شاگردن جي آباديءَ تي ڀاڙي نٿو پوي.ھڪ نامعلوم شاعر چئيو تہ ”ناناھل اسانجو مالھي آھي، معصوم گلن جو ڇا ٿيندو“ شاعر بلڪل سھي چئيو آھي تہ تعليم وزير نااھل آھن، انھن کي ٽڪي برابر بہ خبر نہ آھي، تعليم ڇا آھي ۽ ان جون بنيادي ضروتون ڪھڙويون آھن؟ بجٽ ڪيتري ھئڻ گھرجي؟ شاگرد ڪيترا آھن؟ اسڪول ڪيترا آھن؟ ٽيچنگ اسٽاف ڪيترو آھي؟ ڪتاب ۽ قلمن جو ساليانو خرچ ڪيترو آھي؟ ٻار سميت شاگرد جو ذاتي خرچ ڪيترو آھي؟ يونيورسٽيءَ جي شاگرد جي ٽريول ٽرانپورٽ جو خرچ ڪيترو آھي؟ يونيورسٽيءَ جي شاگرد جو ليپٽاپ تي ڪيترو خرچ ايندو؟ سالياني انٽرنيٽ جو خرچ ڪيترو ايندو؟ جھڙن ڪافي مسئلن جي ڄاڻ رکي ڪري تعليم بجٽ جو بل پاس ڪيو وڃي تہ جيئن پاڪستاني تعليم جو معيار دينا جي اندر ھڪ مثال ٿي اڀري ـ

Check Also

سدا واھ شاخ جي پڇڙي تي جوڊيشل ميجسٽريٽ ون جج شفيق احمد کرل جو مختلف واٽرن جو دورو

شهدادپور(رپورٽ: رجب رند) شھدادپور لڳ آبادگارن جي شڪايت تي سول جج جو سدا واھ شاخ …