Sunday , July 25 2021
تازاترين
Home / تازاترين خبرون / پاپوليشن کاتي شھيد بينظيرآباد جي مرد ۽ عورت ملازمن پاران مطالبن جي مڃتاءِ لاءِ ڪئمپ لڳائي وئي

پاپوليشن کاتي شھيد بينظيرآباد جي مرد ۽ عورت ملازمن پاران مطالبن جي مڃتاءِ لاءِ ڪئمپ لڳائي وئي

نوابشاھ (رپورٽ: مزمل چانڊيو) پاپوليشن کاتي شھيد بينظيرآباد جي مردن ۽ عورت ملازمن پاران پنھنجي جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ محمد لقمان ٻگھيو، شمس الدين ھوت، محمد سعيد، امجد بروهي، مس جوزفين، وحيده دائود، رقيه جمالي، نسرين رياض، شبانه فاروق، فدا زرداري، نور عالم لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ نوابشاهھ پريس ڪلب ٻاهران علامتي بک ھڙتالي ڪئمپ قائم ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاپوليشن کاتي جي ملازمن فلاحي مرڪزن ۽ موبائل سروس يونٽن کي صحت کاتي جي اسپتالن ڏانھن منتقل ڪرڻ واري فيصلي کي رد ڪيون ٿا، ھنن چيو ته سياسي ٽيڪنيڪل ايڊوائيزر طالب لاشاري جو ڪانٽريڪٽ ختم ٿين گھرجي ۽ سندس ڪيل ڪرپشن جي جاچ ڪئي وڃي، ھنن چيو ته سرڪاري ملازمن جي اپ گريڊيشن بحال ڪري انھن جي ٽائيم اسڪيل ڏنو وڃي، ھنن چيو ته ڊرائيور، پروجيڪشن، ٽي او سميت سوشل موبلائيزرن کي تعليمي قابليت تحت يارھون گريڊ ڏئي ان جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي، ھنن چيف جسٽس آف پاڪستان، سپريم ڪورٽ، ھاءِ ڪورٽ ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته پروموشن ۽ سينارٽي ۽ ريگيولر مطابق ڪيون وڃن، ڊي پي سي ويھاري پاپوليشن کاتي جي فلاحي مرڪزن، موبائل سروس يونٽ کي صحت کاتي ڏانھن منتقل ڪرڻ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي ۽ ملازمن مان بي چيني ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو ـ

Check Also

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي ـ علي عاجز

علي عاجز قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي …