Sunday , June 20 2021
تازاترين
Home / پرڏيهي خبرون / ٽڪ ٽاڪ جي سي اي او ڪيون ميئر پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

ٽڪ ٽاڪ جي سي اي او ڪيون ميئر پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

آمريڪا (ويب ڊيسڪ) دنيا جي مشهور ايپ ٽڪ ٽاڪ جي سي اي او پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، ميئر جي استعيفيٰ تڏهن آئي جڏهن صدر ٽرمپ انتظاميه ٽڪ ٽاڪ چيني ڪمپني سان لاڳاپن کي ٽوڙڻ لاءِ مجبور ڪر ڻ جي مهم کي تيز ڪري ڇڏيو آهي، ٽڪ ٽاڪ جي ملازمن کي ليٽر جي ذريعي ٻڌايو ويو آهي ته ڪمپني جي جنرل ميئنيجر ونيسا پپاز ڪمپني جي قائم مقام سربراھ هوندي، آمريڪا صدر چيني ڪمپني خلاف سخت ڪاروائي جو پڻ حڪم ڪيو آهي. جنهن خلاف چين قانوني ڪاروائي ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ياد رهي ته صدر ٽرمپ ان کان اڳ سمورن چيني ايپليڪيشن کي خطرو قرار ڏيندي پابندي جو اعلان پڻ ڪيو ـ

Check Also

ايڪويھين صدي ۽ ڦر لٽ جو نئون نظام! ـ اويس فيض

اويس فيض جيتوڻيڪ ايڪوھين صدي سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جو دور آھي جنھن کي سائنسي ۽ …