Sunday , June 20 2021
تازاترين
Home / مضمون / ٻوڏ ۽ رياست جو غير ذميداراڻو رويو ـ اويس فيض

ٻوڏ ۽ رياست جو غير ذميداراڻو رويو ـ اويس فيض

ٻوڏ کي سمجھڻ لاءِ اھو سمجھڻ لازمي آھي تہ ٻوڏ ڪيئن پيدا ٿئي ٿي؟ يا ان کي ھن دؤر ۾ ڪير پيدا ڪري ٿو؟ انھن سوالن کي سمجھڻ لاءِ ان ڳالھ کان ڪو بہ اعتراض نہ آھي تہ ٻوڏ گھڻي برسات پوڻ جي ڪري ئي پيدا ٿيندي آھي جيڪو ھڪ فطري عمل آھي. برسات تڏھن پيدا ٿيندي آھي جڏھن سج جا تيز گرميدار ڪرڻا سمونڊ جي پاڻي تي پوڻ شروع ڪن ٿا ۽ اھي سمونڊي پاڻي جا عنصر آبي بخارن جي شڪل ٻاڀ ۾ ظاھر ٿيندا آھن. جيئن جيئن اھي سمونڊي پاڻي جا عنصر ھڪ ھنڌ گڏ ٿي ويندا آھن تہ ڪڪر ٺھي پوندا آھن ۽ اھي ئي سمونڊي پاڻي جا عنصر ھوا جي گھري دٻاءَ جي ڪري ڪرڻ شروع ٿيندا آھن، جنھن ۾ انھن سمونڊي عنصرن جو ئي دٻاء ۽ پاڻي ھوندو آھي، جنھن کي طوفان ۽ برسات جي نالي طور سڃاتو وڃي ٿو. اھو ھڪ فطري عمل آھي، ۽ اھو ارتقائي دؤر ائين ٿيندو پيو اچي ـ
ٿوري عرصو پوئتي دؤر تي ھلون ٿا، جڏھن انسان جنگھل ۾ رھندو ھو ۽ ان جو گذران گوشت ۽ فصلن تي ٿيندو ھو، تنھن دؤر ۾ بنسبت ايڪويھين صديءَ جي برسات گھڻي پوندي ھئي، ان دؤر ‌۾ انسان سميت سموري جنگلي جيوت برسات ۽ ٻوڏ کان بچاءَ لاءِ وڏن وڏن ٻيلن جي آڙ ورتي يا ڪو ننڍو جانور آھي تہ زميني سوراخن ۾ گھڙي وڃي زندگيءَ جي پناھ وٺندا ھئا. بھرحال اھو ارتقائي دؤر ائين ھلندو رھيو انساني زندگيءَ سميت سمورن فطري جيون ۽ سماجن ۾ فطري ۽ سماجي طور تبديل ٿيڻو پيو. اڄ ايڪويھين صدي آھي ۽ پاڪستان سميت سموري دنيا جي انسان جو گذر سفر ٽيڪنلاجي ۽ سائنسي ايجادن تي ھلي رھيو آھي، جو انساني رھڻي ڪھڻي، تعليم، گھر گھاٽ، کائڻ، پيئڻ وغيرہ جو ذريعو بہ ٽيڪنلاجي سان ٿي رھيو آھي. پر اھو سموري دنيا جي ملڪن ۾ ائين نٿو ٿئي، يورپ ۽ اتر امريڪا جي ملڪن ۾ اھڙو نظام جڙيل آھي جتي 18 ڪلاڪ برسات پوڻ سان بہ پاڻي جو ڦڙھو بہ رستن تي نہ ٿو بيھي ڇو جو انھن وٽ برسات جي پاڻيءَ لاءِ نيڪالي نظام موجود آھي، جو رستن ۽ شھرن جي پاڻيءَ جو نيڪال اھڙو ٿيل آھي جو برسات وارو پاڻي وڏن وڏن جبلن يا سمونڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. ۽ اھڙي صورتحال ۾ انھن ملڪن جي ماڻھن جي لڏپلاڻ بہ بنسبت پاڪستان جي گھٽ ٿئي ٿي پر جيئن تہ بطور پاڪستاني رياست جي ھتي بلڪل بہ ابتڙ آھي ـ
پاڪستان ۾ بارش ھر سال جولاءِ ۽ سيبٽمبر جي دوران ٿئي ٿي، ڪڏھن ڪڏھن ايتري بارش بہ پوندي آھي جو پاڻي شھرن ۽ گلين جي اندر بيھي رھي ٿو. جنھن سان بيٺل پاڻيءَ مان ڪيترن قسمن جو بيماريون پيدا ٿينديون آھن جو شھرن جا ماڻھو اڪثر ڪري ڳلي ۾ سور، کنگھ، زڪام جون دانھون پيا ڪندا آھن. پر ائين رڳو شھرن ۾ ئي نہ عام ننڍڙن ٻھراڙي ڳوٺن ۾ ائين ئي ٿئي ٿو. پر بيماريون تہ پيدا ٿينديون آھن پر بدقسمتيءَ سان پاڪستان ۾ اسپتالن جي بہ کوٽ آھي جو اھڙيين ننڍين بيمارين ورتل ماڻھن جو تعداد 100 مان 60 سيڪڙو ھوندو ئي ھوندو آھي. ڪڏھن ڪڏھن وري ائين ٿيندو آھي تہ برسات لڳاتار پندرھن ڏينھن ھلندي رھندي آھي آھي، لڳاتار برساتن جي ڪري شاخن، ننديون، ڊيم، ۽ درياءَ اٿلي پوندا آھن. جنھن جي ڪري ساحلي جي ماڻھن سميت ڪچي جي ماڻھن ۾ بہ ٻوڏ اچڻ شروع ٿيندو آھي. جو ماڻھو ايڪويھين صديءَ ۾ بہ لڏ پلاڻ ڪري ڀٽن ۽ ٿرن جو پاسو وٺن ٿا. اھو فطري عمل تہ ضرور آھي پر ھڪ پاڪستاني رياست جو غيرہ ذميدارڻو رويو پڻ آھي. انھيءَ جاءِ تي اگر رياست ماڻھن جي گذر ۽ سفر سميت نيڪالي جو نظام بھتر ھجي تہ اھي مقامي ۽ ڳوٺاڻا درن ۽ بکن جا ستائيل بہ ھڪ بھترين زندگي گذراري سگھن جيڪو پڻ انھن بنيادي حق آھي. ھئينر بہ ڪراچي سميت 7 يا 8 کان وڌيڪ شھر بہ اھڙي ئي بلا جي ڏنگ ۾ ڏنگيل آھن. ساڳئي ڏنگ ۾ شھرن کان وڌيڪ ٻھراڙيءَ ۽ ساحلي جا ماڻھون ڏنگيل آھن. اھڙي ذھريلي ڏنگ کان بچڻ لاءِ پاڪستان رياست کي انھن جي خوشگوار زندگيءَ لاءِ قدم کڻڻ گھرجي ـ

Check Also

سدا واھ شاخ جي پڇڙي تي جوڊيشل ميجسٽريٽ ون جج شفيق احمد کرل جو مختلف واٽرن جو دورو

شهدادپور(رپورٽ: رجب رند) شھدادپور لڳ آبادگارن جي شڪايت تي سول جج جو سدا واھ شاخ …