Saturday , May 15 2021
تازاترين
Home / مضمون / ٺڳواديو! اوهين رهبر جو ويس پايو رهزن ٿيا ويٺا آهيو ـ علي عاجز

ٺڳواديو! اوهين رهبر جو ويس پايو رهزن ٿيا ويٺا آهيو ـ علي عاجز

سنڌ اندر حقيقي قومي مسئلن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ ملڪي اسٽيبلشمنٽ هميشه اهو حُربو هلايو آهي ته مظلوم قومن جي ماڻھن جو حقيقي جدوجهد تان ڌيان هٽائي کين وڏا رنگ برنگي نعره ڏئي. معصوم ذهنن کي پنهنجي لفظي ڄار ۾ ڦاسائي سونھري خواب ڏيکاري هنن جون سموريون سگھون ۽ صلاحتون ناڪام ٿيل نام نهاد نظرين جي آڙ ۾ ختم ڪرائي. سياسي جدوجهد مان دل شڪسته بڻائي پاڻمرادو ڌڪي ڌار ڪيو وڃي ٿو يا وڏن سياسي مسئلن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ ڪي ٻيا مسئلا پيدا ڪيا وڃن ٿا ـ
سنڌ مان قوم پرست سياست خلاف سخت رياستي آپريشن شروع ڪرڻ کان اڳ هنن سائين جي ايم سيد جي عدم تشدد واري پُرامن سياسي جدوجهد کي پُرتشدد قرار ڏيارڻ ۾ ڪامياب ويا. سال 2015ع تائين سنڌ ۾ جبري گمشدگيون ٽارچر ڪري شھيد ڪيل سياسي اڳواڻن جون لاشون …! سنڌي قوم پرست اڳواڻن کي زنده جلائي شھيد ڪرڻ جهڙا انسانيت کي لڄائيندڙ واقعا ڪري عارضي طور تي خوف و حراس پکيڙيو ويو ـ
تنهن کان پوءِ فوج نواز اسٽبيلشمنٽ جي لاڏلي پارٽي پاڪستان تحريڪ انصاف کي سينگاري سنواري سنڌ جي سياسي ميدان ۾ موڪليو ويو، هنن وٽ به ڪنن جا پڙدا ڦاڙيندڙ ۽ اُڀ ڏاريندڙ نعره هئا “تبديلي تبديلي جو رينگٽ” “نئين پاڪستان جا سرسبز خواب ” ” ڪرپشن خلاف آپريشن ” هنن جا سلوگن هئا ـ
نتيجي طور قومي تحريڪ کان ڪٽجي ويل سنڌ جي نوجوان نسل جو وڏو حصو پنهنجي نيڪ نيتي سان سٺا ۽ سُونهرا خواب کڻي پي ٽي آئي جو حصو ٿيو، نوجوانن جو وڏو تعداد شامل ٿيڻ بعد پ پ پ قيادت کان رُٺل ۽ هوا جو رخ ڏسي طرف تبديل ڪندڙ سنڌ جا نام نهاد وڪائو وڏيراجاگيردار سرمائيدار سيٺ به پنهنجي جمع پونچي کڻي اچي سياسي شطرنج تي شرطون رکڻ لڳا ـ
نيٺ سال 2018ع جي اليڪشن ۾ اسٽبلشمنٽ پنهنجا نوازي جا پورا رڪارڊ رد ڪندي. ڪراچي مان اينڪر پرسن عامر لياقت کان ويندي اسلم ابڙي تائين پنهنجا ماڻھو چونڊ اسيمبلين جي آڳند تي اچي ويھاريا، عوام بدران اسٽبلشمنٽ کي طاقت جو سرچعشمو سمجهندڙ ھر پارٽي جيان پي ٽي آئي به پنهنجو اهوئي ڪردار ادا ڪيو ـ
جنهن کان بدظن ٿيل سنڌ جي نوجوان کي ڪنهن عوام دوست سنڌ دوست قوم پرست نظريائي ڏانهن موٽ کائي سلهاڙجڻ کان پري رکڻ لاءِ هڪ طرف نوجوانن جي نالي ۾ ڪجھ ڪاميٽيون ٺھرائي ماڻھن کي غيرسياسي سڏرايو ويو ته مشتاق سرڪي جهڙا ماڻھو به لاٿا ويا ته جيڪي سنڌ اندر فساد برپا ڪرائي قبيلائي بنيادن تي جھيڙا جھڳڙا ڪرائين ـ
ٻئي طرف نقلي ترقي پسندن جي سنڌي ڇاڙتن موڪي وسائي ۽ چنيسر جهڙن چُوتن کي چونگ ڏئي ڪيمونزم جو ڪاٺ ڪلھي تي کڻايو ويو آهي. پر هنن ويچارن! جن جي دماغ جي سڀني ڪٻاڙ خانن ۾ رڳو نظريي جي نالي ۾ بوسو ڀري کين مارڪسي ٽرائسڪي روبوٽ بڻايو ويو آهي. اهي وري سنڌ جي ننگر جهڙن نيگرن کي ابتا سبتا فلسفي جا اڌو گابرا رٽيل سبق ٻڌائي مارڪسي فلسفو جدلياتي ماديت ڊارون جي ٿيوري جهڙيون ڳالھيون ٻڌائي پنهنجي ديس ۽ ڌرتي جي حقيقي مسئلن قومي آزادي، وسيلن جي مالڪي، سنڌ ۾ ڌارين جي آباد ڪاري، سنڌ جي ڊومسائيلن تي بهارين، بنگالين پنجابين، افغانين جي نوڪرين سميت اڪيچار مسئلن تان ڌيان هٽائي. عالمگيريت انقلاب فلاڻ فلاڻ جي نالن ۾ ڦاسائي ذهني مونجهارا پيدا ڪري رهيا آھن ـ
جيڪي اهو سمجھڻ کان قاصره آهن ته کين حڪم ڏيندڙن جون واڳون انٽرنشنل ايجينسين وٽ ويڙهيل آهن. سندن اڳواڻن جي اڪثريت چيني ۽ فرانسي پگهار تي پارٽيون پئي هلائي. اهي پنهنجي ماضي جيان اڄ به فقط ئي فقط ابتا سبتا ٻه چار اکر پڙهي وڪامي ئي ڄاڻين ـ
جيئن ماضي ۾ هنن جي وڪري بابت محترم رسول بخش پليجي “تحريڪ “رسالي جي اپريل 1974ع واري شماري ۾ لکيو هو ته ” وڏيرا شاھي کان علاوه اوهان به هڪجھڙا بلڪه ان کان وڌيڪ جوابدار آهيو. کھڙو وزارت لاءِ غدار ٿيو اوهين وڌيڪ نيچ آهيو. اوهان ته ٻن چئن سون جلسن جلوسن، صدارتن، اخباري بيانن چاپلوسين تي سنڌ جا مفاد وڪڻيندا ۽ غداريون ڪندا رهيا آهيو. اوهين ته رهبر جو ويس پايو رهزن ٿيا ويٺا آهيو. اوهين ته علاج جي بهاني زهر ويٺا پياريو. اوهان سنڌ کي اندران جڏو لولو لنگڙو ڪيو آهي. اوهان پنهنجو سڀ عقل ذهن طاقت ۽ لياقت عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجھڻ لاءِ استعمال ڪئي آهي.” ـ
تنهن ڪري هنن نام نهاد عالمگيريت عالمگيريت انقلاب انقلاب جو راڳ آلاپيندڙ چنڊالن جي چوڪڙين کي سڃاڻيو. کين ٻڌايو ته اسان تسلسل آهيون مهاراجا ڏاهر اسان تسلسل آهيون جيئي سينه جو اسان تسلسل آهيون، دودي سومري هاسي سوڍي جو اسان تسلسل آهيون دولھ درياھ خان، مخدوم بلاول، ڄام مٺڻ ڄام محمود جو اسان تسلسل آهيون، هوشو شيدي، روپلي ڪولھي، هيمو ڪالاڻي، پرچو وڌيارٿي، محترم سائين جي ايم سيد، عبدالواحد آريسر، رسول بخش پليجي جو ـ
اسان اوهان جي تالن ترڪالن مڪرن کي سمجھو ۽ سڃاڻيون ٿا، اسان وٽ نه فقط وطن دوستي قوم پرستي جو نظريو موجود آهي پر اسان مساوات ۽ برابري جا قائل آهيون ـ
جنهن وقت اوهان جي وڏن وڏن مفڪرن جا ابا ڏاڏا اگهاڙا نيم وحشي حالت ۾ جهنگل جهاڳيندا هئا. اسان ان وقت به آمري ٽيڪسلا موهن جي دڙي جهڙيون عاليشان تهذيبون اڏاي امن محبت ۽ مساوات سان زندگي گذاري رهيا هئاسين. تنهن ڪري اسان کي پنهنجي جدلياتي ماديت ٻڌائي اسان کان پنهنجون تاريخي راويتون کسڻ ۽ اسان جي نوجوان نسل کي ذهني مونجهارن جو شڪار بڻائڻ بند ڪريو ـ

Check Also

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي ـ علي عاجز

علي عاجز قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي …