Wednesday , March 3 2021
تازاترين
Home / تازاترين خبرون / ٺاروشاھ جي ڳوٺ ڪريم ڏنو ڏھراج جا رهواسي زندگي بچائڻ واسطي نوابشاھ پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي

ٺاروشاھ جي ڳوٺ ڪريم ڏنو ڏھراج جا رهواسي زندگي بچائڻ واسطي نوابشاھ پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي

نوابشاھ (رپورٽ: مزمل چانڊيو) ٺاروشاهه جي ڳوٺ ڪريم ڏنو ڏھراج جي رھواسڻ پيرسن عورت مسمات غلام زھرا پنھنجي نوجوان ڌي حاجران ڏھراج ۽ سماجي ورڪر انيلا رفيق ملاح سان گڏ نوابشاھ پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي دانھيون آھي ته قرباني واري عيد جي ڏينهن جوابدار مجاھد عرف مجو ۽ شاھه رخ ڏھراج جيڪي اسان جا ويجھا رشتيدار آھن، انھن منھنجي پٽن صدام علي ۽ سجاد علي کي روزي موٽر سائيڪل تي وٺي ويا ۽ چيو ته توھان اسان سان موٽر سائيڪل جي ريس لڳايو ٻي صورت ۾ توھان کي گاڏي ھڻنداسين، ھن چيو ته منھنجي پٽن ريس لڳائي ته انھن کي گاڏي مان ھٿ ڪڍڻ جو چيو ۽ جيئن ئي منھنجي پٽن گاڏي مان ھٿ ڪڍيا ته گاڏي وڻ سان ٽڪرائجي وئي، جنھن جي نتيجي ۾ منھنجو ھڪڙو پٽ صدام علي فوت ٿي ويو، جڏھن ته ٻيو پٽ سجاد علي زخمي حالت ۾ نوابشاھ جي ھڪ خانگي ميڊيڪل سينٽر تي داخل آھي، ھنن چيو ته جوابدارن سان اسان جي ڪابه دشمني ناهي جڏھن ته ھن وقت جوابدار اسان کي ڌمڪيون ڏين ٿا ته توھان اسان جي خلاف ڪيس داخل نه ڪرايو ٻي صورت ۾ اسان توھان کي مارينداسين، ھنن چيو ته ظالمن منھنجي ھڪڙي پٽ کي ماري مونسان ظلم ڪيو آهين، جڏهن ته منھنجو ٻيو پٽ زندگي ۽ موت جي ڏيواٽي تي بيٺل آهي، ھنن چيو ته اسان کي جوابدارن مان جان جو خطرو آهي ۽ ھن وقت اسان خوف واري زندگي گذاري رھيا آھيون، ھنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته منھنجي پٽ جي قاتلن کي گرفتار ڪري مونسان انصاف ڪيو وڃي ۽ مونکي تحفظ فراهم ڏنو وڃي ـ

Check Also

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي ـ علي عاجز

علي عاجز قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي …