Monday , March 8 2021
تازاترين
Home / مضمون / ويو وَڻجارو اوهيري.! قوم پرست شاگرد سياست جو هڪ باب بند ٿي ويو ـ علي عاجز

ويو وَڻجارو اوهيري.! قوم پرست شاگرد سياست جو هڪ باب بند ٿي ويو ـ علي عاجز

ڌوڏ هن سماج کي
لوڏ سامراج کي
ٺاھ سو نئون نظام
جو چڱو چئي عوام
هي نظام آ خراب_ انقلاب! ـ
انقلاب، انقلاب، ڳاءِ انقلاب ڳاءِ! ـ
اياز جي هنن سٽن کي آسماني صحيفي جون سٽون سمجهي سماج کي بدلائڻ جا خواب اهي سامونڊي سوديندا آهن. جيڪي پنهنجون سموريون ذاتي خواهشون ذاتي عزتون ۽ عظمتون ٺُوڪر سان ٺڪرائي اجتماعي خواهشن عزتن ۽ عظمتن جي حصول لاءِ لطيف جا کاهوڙي ڪردار بڻجي مادري وطن جي چپي چپي کي اکين سان چمندي چوندا آهن.غلامدار سماج ۾ جيئڻ ڪهڙو…آزادي بنا خواهشون ڪهڙيون. غلام ديس جي باندي هوائن ۾ ڪهڙو ساھ کڻون.جن ۾ نه ڪا ملير جي مهڪ آهي. نه ئي ساڻيھ جي سرهاڻ ڀريل ڦول واڙين جي ڪا خوشبو ..! ـ
اهي انڌيري ڀوئرين ۽ ڪال ڪوٺڙين ۾ تهمتون ۽ ذلتون عذاب ۽ عقوبتون سهندي به چوندا آهن ـ
واجھائي وَطَنَ کي، ساري، ساهُ ڏِيان؛
هِيُ سِرُ ساڙيہَ سامُهون، مُنهِنجو نِج، ميان!ـ
مُقامِياڻي مارُئين، وَڃِي ٿَرِ ٿِيان!ـ
مُيائِي جِيان، جي وَڃي مَڙهُ مَلِيرَ ڏي
پنهنجي وطن لاءِ وجهائيندي جي اسان جا ساھ سرير منجهان سفر ڪري زمان ۽ مڪان جون سرحدون اڪري اڳتي هليا وڃن. ته به اسان کي (ٿر) آزاد وطن جي مٽي ۾ دفنائجو.اتي دفن ٿيندي اسان جو سرير سون سريکو ٿي پوندو. جڏهن اسان جو روح آزاد وطن جو سرمئي سانجهيون ڏسندو. هاسي سوڍي جي نراڙ تي لڳل تلڪ جيان آڪاس جي نراڙ تي چمڪندڙ چيٽي چنڊ جي چانڊڪين ۾ ٻاڙن کي کيڏندي ڏسنداسين. ڪڪڙن جي داسن تائين ڪانڀ ٻڌي ويٺل مڙسن جي ڪچهرين ۾ ٽھڪن جي ٽانگرن سان گڏ مادري ٻولي جي دانشمندي واري گفتن جا گل ٽڙيندي ڏسنداسين ـ
جڏهن باک جي ويلي اڌ ڀنل چيمپا ڪليون آزاد ۽ سرڪش هوائن ۾ ھِلندي ڏسنداسين. جڏهن ڏاندن جوڙو جوٽي کيڙ لاءِ ويندڙ هاري جي منهن تي مرڪ پسينداسين. جڏهن اسر ويل اٿي ڦلواڙي مان ڦلن چونڊو ڪندڙ مالهڻ کي ڪنهن به رائر جي خوف کان بي خوف ٿي لوڪ گيت ڳائيندي ڏسنداسين .تڏهن اسان ڄڻ ته وري زنده جاويد ٿي پونداسين. آس اندر ۾ سانڊي سيد جي سڌي راھ پرھ جي پاندي بڻيل مڻيادار ماڻھن مان هڪڙو شخص مير مولا بخش لغاري به هو. جنهن ڪالھ پرھ ڦٽي ويل اکيون ٻوٽي ابدي ننڊ سمهي پيو. قومي تحريڪ جي شاگرد سياست جو هڪ دور پنهنجي پڄاڻي تي پهچي ويو. مير مولا بخش لغاري ڀان سيعد آباد جي ڀر ۾ آباد سنڌ جي ان قبيلي ۾ اک کولي هئي. جنهن قبيلي جي هڪ فرد حمل فقير لغاري مجنون کان به مٿانهين دعوا ڪئي هئي. پر هن شخص سنڌ ۽ سيد سان “دلبرا توسان لاتو نيهن” چئي رشتو جوڙيو اهو ساھ جي آخري تند تائين نڀايو. مير مولابخش لغاري جيڪو سنڌ يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ دوران جساف سنڌيونيورسٽي جو صدر پوءِ مرڪزي نائب صدر ۽ قائم مقام صدر رهيو. تنهن وقت ۾ سنڌ يونيورسٽي اندر 1973ع واري آئين جي خالق قانون واري وزير حفيظ پيرزادي کي اعزازي ڊگري وٺڻ وقت اسٽيج تي چماٽ لڳي هئي.تنهن کان پوءِ ھن خطي ۾ ترخانن ۽ ارغونن کان پوءِ ٻيو ڀيرو جڏهن ڪا سنڌي قوم جي تاريخي تذليل ٿي هئي ته اها ڀٽي جي ڪرم نوازي سان ٿي هئي. قوم پرست ڪارڪنن ۽ شاگرد اڳواڻن جون فيمليون گرفتار ڪري ٿاڻن ۾ رکي بي حرمتي ڪندي سندن سٿڻن ۾ ٻليون وڌيون ويون. اها تذليل برداشت ڪندڙ گهراڻن مان مير مولا بخش لغاري جو گهراڻو به هڪ هو. هن کي وطن سان محبت جي جرم ۾ گرفتار ڪري جيل ڀيڙو ڪيو ويو ـ
اردو جي شاعر فيض احمد فيض چواڻي ته
جنہیں جرم ای عشق پے ناز تھا
وہ گنھگار اب چلے ہی گئے..! ـ
هي به انهن مجرمن مان هو جنهن کي مخدوم بلاول شاھ عنايت روپلي ڪولهي هيميو ڪالاڻي مولانا آزاد فيڊل ڪاسترو سائين جي ايم سيد ۽ عبدالواحد آريسر وانگي پنهنجي عشق جي جرم تي ناز هو ـ
ڇاڪاڻ ته اهو عشق پنهنجي ماتر ڀومي سان هو. اهو عشق پنهنجي قوم سان هو. انهي عشق جي راھ ۾ ڏکين کي هن لطيف جي لفظن ۾ ٿي سمجهيو ته
پَرتوو پُنهونءَ جو، سَهائي، سياهُ
مُنهُن ڏيئي مُون آئيو، رَنگارَنگي راهُ
پَهرِين ڏِيندا پاهُ، پوءِ رَڱِيندا رَڱَ ۾
هنن ڄاتو ٿي ته هي عارضي عذاب عارضي اذيتون اسان جي عشق جي آزمائش آهي. سڀاڻي جڏهن سونار هار بنگلاديش جي سڻي خوشبو جيان هتي به ڳنڊير ۽ مريڙي جي مھڪ اٿي نگر نگر واسڻ شروع ڪري. آزادي جي ڪنوار ڳاڙها جوڙا پائي. سنڌ ڄام نندي جو نظامِ حڪومت وري برپا ڪرائي ته تنهن ويل روپا جي ٻرندڙ فانوسن جي روشني ۾ جيڪي ٻه لسٽون پڙهيون وڃن. تن ۾ اسان جو نالو يارانِ وطن واري لسٽ ۾ هجي ـ
تنهن ڪري هنن اياز جي هن شعر تي عمل ڪيو
ڳڀو پاڻي ڍڪ ۾ ٻوڙي جي کائين
پنهمجي اوچي ڳاٽ کي مور نه لڄائين
ته تنهنجي سائين ڏات ڏهوڻي ٿي پوي
انتهائي مفلسي ۾ وقت گذاريندي به دنيا جي انقلابي ماڻھن جيان مير به فڪر سيد جي اجري پهراڻ تي ڪو غداري جو ٽڪو نه هنيو. بلڪه ٿر ڄائي ماروئي جيان چوندو رهيو ـ
اِيَّ نه مارُنِ رِيتِ، جِئَن سيڻَ مَٽائِنِ سونَ تي؛
اچِي عُمرَڪوٽَ ۾، ڪندِيَسِ ڪانَ ڪُرِيتِ؛
پَکَنِ جي پرِيتِ، ماڙيءَ سين نه مَٽِيان
پوءِ اهي آفرون وقت جي فيل مست ۽ ذهين سمجهندڙ ڀٽي جون هجن.ان وقت جي هوم سيڪريٽري جوڻيجي جون هجن يا شيخ اياز جا 17 گريڊ وارا آڊر هجن ـ
پر هن سڀ ٺڪرايا. ذاتي مفاد يا بغص اصل نه رکين. ڀٽي جي دور ۾ ايترو اذيتون سهڻ بعد به بقول آريسر صاحب جي ته چوڌري ظهور الائي ۽ ظهور الحسن ڀوپالي جڏهن ڀٽي کي ماءُ تي گار ٿا ڏين ته هي وڙهڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿو.” ڀٽي سان اسان جا سياسي اختلاف پنهنجي جڳھ تي پر ڀٽي جي ماءُ هڪ سنڌي ماءُ جي حيثيت سان اسان جي به امڙ آهي. “اها ئي مير مولابخش لغاري جي سياسي بصيرت ۽ سنڌيت جو جذبو ـ
هڪ طرف پاڪستان جي وزيراعظم جي سياسي بصيرت اها هئي.جو قوم پرستن جي خلاف هن رڻ ٻاري ڇڏيو هو. ٻئي طرف جي ايم سيد جي هڪ پيروڪار ۽ هڪ ننڍڙي ڪارڪن جي ـ
ڪالھ 23 سيبٽمبر تي انهي ڪارڪن جي سنڌ لاءِ ڌڙڪندڙ دل بيھي وئي. ۽ ڳاڙهي جهنڊي جو ڪفن اوڍي هميشه لاءِ مٽي ماءُ جي هنج ۾ سمهي پيو ـ
سندس وڇوڙو قومي تحريڪ ۾ هڪ پيدا ڪري ويو.اسان ساڻس پيار ڪندڙ ۽ سندس اولاد سان گهري ڏک جو اظهار ڪندي لطيف جي هنن لفظن ۾ موڪلايون ٿا ـ
سي ئِي جوڀَنَ ڏِينهن ، جَڏهن سَڄڻ سَفر هَليا
روئان رَهن نه سُپرين ، آيلِ ڪَريان ڪِيئن
مُون کي چاڙهي چِيئن ، ويو وَڻجارو اوهيري

Check Also

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي ـ علي عاجز

علي عاجز قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي …