
نوابشاھ (رپورٽر مزمل چانڊيو) 25 ڏينهن اڳ وياج جي پئسن تان قتل ٿي ويل محمود ڀٽي جي قتل ۾ ملوث ٽي جوابدار زرداري ھائوس جو ٽيليفون آپريٽر نظير زرداري، ماجد زرداري ۽ جنيد زرداري کي اي سيڪشن پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي، ان سلسلي ۾ ايس ايس پي شھيد بينظير آباد تنوير حسين تنيو ميڊيا کي ٻڌايو ته ھاءِ پروفائيل ڪيس ۾ گھربل ٽن جوابدارن کي خفيه اطلاع تي ڇاپو ھڻي گرفتار ڪيو ويو آهي، ھن چيو ته ڏوھاري ڪيترا بااثر ڇو نه ھجن انھن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻينداسين، ھن چيو ته مقتول محمود ڀٽي وارثن انصاف ڪيو ويندو، ھن چيو ته وياجين خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، جڏھن ته ھن وقت ٽئي جوابدار اي سيڪشن پوليس جي تحويل ۾ آهن ـ