Monday , March 8 2021
تازاترين
Home / تازاترين خبرون / وياجين کان تنگ اچي پورهيت غلام مرتضيٰ ڪوري پريس ڪلب شاهپورجهانيان پهچي ويو

وياجين کان تنگ اچي پورهيت غلام مرتضيٰ ڪوري پريس ڪلب شاهپورجهانيان پهچي ويو

شاهپورجهانيان (رپورٽ اسد جاني) شاهپورجهانيان ۾ محرم الحرام جي ڀلاري مهيني دوران وياجين جي ظلم کان تنگ اچي پورهيت غلام مرتضيٰ  ڪوري قرآن پاڪ ۽ پنهنجن معصوم ٻارڙن سميت پريس ڪلب شاهپورجهانيان پهچي ويو ، جتي هن وياجين جي ظلم خلاف قرآن پاڪ کڻي احتجاج ڪندي چيو تہ وياجي عظيم ڏاهري ۽ سندس ڀاء حبيب الله ڏاهري کان منهنجي ڀاءُ آصف ڪوري لاڪ ڊائون دوران غربت سبب 7 هزار روپيا اوڌارا ورتا هئا، وياجين ظلم جي انتها ڪندي اهي پئسا وياج لڳائي ٽي لک ڪري ڇڏيا آهن، وياج ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ تي وياجين حبيب الله ۽ عظيم ڏاهري مڇرجي هٿيارن سميت منهنجي گهر ۾ گهڙي گهر ڀاتين کي يرغمال ڪري مارڪٽ ڪرڻ بعد مون کي ۽ منهنجي ڀاء آصف ڪوري کي پنهنجي هوٽل تي کڻي تشدد ڪري رسن سان ٻڌي ڇڏيو ۽ ڌمڪائي زبردستي مون کان چيڪ تي صحيحون ورتيون آهن، ھاڻي وياجي منهنجي گهر تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا، هن سنڌ هاء ڪورٽ جي چيف جسٽس، آء جي سنڌ مشتاق مهر، ڊي آئي جي شهيد بينظيرآباد، ايس ايس پي شهيد بينظيرآباد ۽ ٻين کي اپيل ڪئي تہ وياج خورن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري اسان جي جان ڇڏائي وڃي، ٻي صورت ۾ معصوم ٻارڙن ۽ گھر واري سميت خودڪشي ڪندس، جنهن جا ذميوار وياجي هوندا ـ

Check Also

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي ـ علي عاجز

علي عاجز قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي …