Wednesday , May 12 2021
تازاترين
Home / ڪهاڻيون / والي وارث ـ هدايت ڏيپر

والي وارث ـ هدايت ڏيپر

اڌ رات جو خليفو قاسم ۽ سندس گهر واري سياري جي موسم ۾ اڪيلا ڪمري ۾ بلب ٻاري ميلاپ جي مڪمل تيارين ۾ هئا ته اوچتو موبائيل فون جي رنگ وڳي ٻنهي کان ڇرڪ نڪري ويو. ڄڻ ڪنهن موالي کان هوائي فائرنگ ۾ نشا ٽٽي وڃن. سڄي جذبات ئي ٿڌي ٿي وين ـ
نڀاڳو ڀيڻسان هن وقت ڪير آهي. سڄو مزو ئي خراب ٿي ويو، موبائيل به وڏي مصيبت آهي. خليفي موبائيل اسڪرين تي ڏٺو ته سندس مرشد جي نالي تي نظر پيس، يڪدم پاڻ سوڙ ۾ ڍڪي ڪال اوڪي ڪيائين جي جي بابا قبلا سائين بادشاهيءَ جو خير، حڪم؟ صبح سوير ڍوري واري لانڍي تي اچجانءِ مرشد فون بند ڪري ڇڏي ـ
خليفو وهمن وسوسن جي ڪُن ۾ غوطا کائڻ لڳو سائين جڏهن به فون ڪندو آهي ته اول مون کان منهنجو حال احوال وٺي پوءِ مريدن ۽ درگاهه جو حال احوال وٺي پوءِ ڪو حڪم ڏيندو آهي ۽ اڄ سائينءَ ڪو به حال احوال نه ڏنو نه ورتو ۽ رُکو بس چيائين ته صبح لانڍي تي اچ! ته خليفو ماضي جي ٽٻي ۾ هليو ويو. ضرور ڪا ڳڙ ٻڙ آهي ڪو مسئلو آهي. تنهنجي مرشد کي به هيءُ ٽائيم هٿ آيو آهي. فون ڪرڻ ڄڻ صبح ڪو نه ٿئي ها. پٽيا اهڙي ٽائيم تي فون بند رکبي آهي. زال به رهڙ پٽيس. خليفي کي سڄي رات ننڊ نه آئي. ماضي جا سڀئي ڪرتوت ذهن جي اسڪرين تي ڦرڻ لڳس. ٿي سگهي ٿو ننڍي خليفي خادم سائينءَ کي ٻڌايو هجي ته مان ڏن پٽ جي پئسن مان چوري ڪندو آهيان. ڀلا اسان نانگ آهيون مٽي کائينداسين ۽ ڏن وري ڪهڙو ماڻهو دل سان ٿا ڏين هينئر اهو وقت ناهي جيڪو اڳي هوندو هو. اڃا به وڏي جڳ جا ماڻهو آهن. جيڪي ڏن به ڏين ٿا ۽ عزت به ڏين ٿا. باقي اڄ جو نوجوان نسل ته اڃا ست سُريون ٿو ٻڌائي اڄ جا نوجوان ته ائين به چئي ٿا ڏين. ته مرشد وارن وري ڪهڙي محنت مزدوري ڪري ملڪيت ٺاهي آهي. غريبن مسڪينن جي ملڪيت تي زوري قبضا ڪري ڏن پٽ جي نالي تي ڦرلٽ ڪري ۽ ڌارين جي غلامي عيوض جاگيرون وٺي امير ٿيا آهن ۽ ائين به چون ٿا ته بک ۽ بدحاليءَ ۾ مسڪينن جا ٻچا روز مري رهيا آهن. انهن کي ڏئي انهن جي مالي مدد ڪري ۽ پنهنجي آخرت جي لاءِ سوچين اها ملڪيت قبر ڪو نه ڇڏائيندن ـ
ڳالهه ته نوجوانن جي به صحيح آهي، سائين وارن وري ڪهڙي ڪوڏر هڻي ملڪيت ٺاهي آهي. هونءَ ٻي ڪهڙي ڳالهه ٿي سگهي ٿي؟ ها ياد اچي ويو ٿي سگهي ٿو ته مسيت واري مُلي سائين کي ٻڌايو هجي ڪڏهن ڪڏهن سائين ان کي به گهرائيندو آهي. انهي نپٽي دَکَ مُلي نڀاڳي ڀيڻسان انهيءَ رات الائي ڪيئن ڏسي ورتو، رات جا ٽي ٿيا هئا. اسان سمجهيو ته سموري خلق ننڊ پئي آهي. فقيراڻي کي گهڻو ئي چيم ته پريان هڪ ڦٽل جڳهه آهي اوڏانهن ٿا هلون جاڏي اڪثر مان ويندو آهيان. پر فقيراڻيءَ جو ضد ته درگاهه جي پوئين پاسي ٿا هلون، تون رڳو سائين کان سڳو تعويذ يا پاڻي پڙهائي ڏي من ڪو جيئندي جي ملڪيت جو والي وارث پيدا ٿي پئي، نه ته ڪانوَ ڪتا ملڪيت کائي ويندس. مون به ڌاڳي پاڻي جي ٺڳي ۾ الائي ڪيترن کي والي وارث ڏئي ڇڏيا. ڀلا ان ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوهه؟ ماڻهن جو عقيدو ئي اچي ان ڳالهه تي بيٺو آهي، نه نه دَکَ ملي کي اها جرئت ئي ڪا نه ٿيندي جو ڳالهه کي کولي مون به پنهنجي گناهگار اکين سان پڪڙيو مانس کٿابيءَ سان ڪارو منهن ڪندي، هو ائين نٿو ڪري سگهي ـ
خليفو قاسم سڄي رات وهمن وسوسن جي ڪنن ۾ غوطا کائيندو پاڻ کان سوال ڪندو پاڻ کي جواب ڏئي آٿت ڏيندو رهيو. خليفو سوچن جو جهنم جهاڳي جڏهن صبح جو ڍوري واريءَ لانڍي تي پهتو ته چوڪيدار سان سلام دعا ڪري اندر باغ نما لانڍي ۾ داخل ٿيو مرشد جي ويگو گاڏي طنبيلي ۾ بيٺي هئي. ڦاڙها، هرڻ ٻئي پاسي ڌار ڌار گاهه کائي رهيا هئا. گهوڙا پنهنجي طنبيلي ۾ ٻڌا پيا هئا. اتر پاسي کان شڪاري ڪتن جي ڀونڪڻ جو آواز اچي پيو، ميلائي ڪڪڙ ڇاپري ۾ ٻڌا بيٺا هئا. مور ۽ ڊيل بڙ جي وڻ تي هڪ ٻئي کي ڳراٽيون پائيو ويٺا هئا. ڪارڙي ۽ بگڙي تتر بند پڃري ۾ ٻوليون پي ڪيون. ايراني تتر کليل ميدان تي گهمي رهيا هئا. پاڻيءَ جي ٽيوب ويل به وهي رهي هئي. جنهن جي پاڻي ۾ بدڪون ۽ ڪاز ٽران ٽران پيا ڪن. ڇٻر جا پارڪ ننڍا سرن جا ٺهيل رستا رستن سان قسمين قسمين جا گل ماحول کي خوبصورت ڪري رهيا هئا. ڪونوڪارپس جا ڊگها وڻ سڄي لانڍي ايريا کي سونهن بخشي رهيا هئا. انهن سڀني جي وچ تي مرشد جي جديد طرز جي لانڍي جنهن کي ڪارا شيشي جا در دريون اندر لانڍي وارو سڀ ڪجهه ٻاهر ڏسي سگهي اندر نظر نه پئي. لانڍي تي وڏي ڊش انٽينا لڳل مرشد جا نوڪر چاڪر خليفي سان ملي پنهنجي ڪم ڪار ۾ مشغول ٿي ويا. خليفي کي بوسڪيءَ جو پٽڪو ٻڌل بوسڪيءَ جا ڌوتل ڪپڙا اڌ اڇي اڌ ڪاري چاپئين ڏاڙهي، شهپر مٿي وٽيل، تسبيح هٿ ۾ لانڍي سامهون ڇٻر تي ڪرسي رکي ويٺو، سڄي دنيا جا پير گڏ ڪري دعا گهري رهيو آهي. ته خير ئي خير هجي. اوچتو لانڍي جو دروازو کليو سامهون مرشد قبلا نڪتا قد اندازن ساڍا ڇهه فوٽ رنگ ڀورو، ٿلهو متارو، پيٽ اڳتي وڌيل، شهپر ٿري ڏاند جي سڱن جهڙا عمر اندازن سٺ سال ڪاري اڇي چاپئين ڏارهي اکين مان اوجاڳي ۽ شراب جو جلال پڌرو، مٿو اگهاڙو اڇي رنگ جا ڪاٽن جا ڪپڙا. اچي وئين خليفا؟ مرشد ڳالهايو ته خليفي کان ڇرڪ نڪري ويو. جيڪو سوچن جي وهڪري ۾ لڙهي رهيو هو. جي جي قبلا سائين پاڻ سنڀالي ورندي ڏنائين. اچو اندر خليفا جي قبلا. خليفو جتي لاهي اندر لانڍي ۾ مرشد پٺيان داخل ٿيو. خوبصورت بخملي قالين وڇايل چوڌاي اعليٰ معيار جا صوفا سيٽ پاسي تي هڪ وڏو بيڊ سجايل، شيشي واريون ٽيبلون، سامهون ديوار تي وڏي سائين جي فريم ۾ تصوير ٽنگيل، دنيا جي خوبصورت منظرن جون خوبصورت تصويرون لڳل. ديوار تي وڏي ايل سي ڊي لڳل جنهن تي راجا هندستاني فلم هلي رهي هئي ـ
ايل سي ڊي سامهون هڪ نوجوان ڇوڪري اندازن عمر 20 سال ڪاٽن جا سوڙها ڪپڙا پاتل ٻانهون ڏئورن تائين اگهاڙيون، رئو ڳچي ۾ پيل اکيون وڏيون رنگ ڀورو وڏي ٽچ موبائيل هٿ ۾ جڏهن خليفي ڇوڪريءَ کي ڏٺو ته ڇوڪري پاڻ سنڀالي فلم جو آواز گهٽ ڪري رئو مٿي تي رکيو. خليفو هيٺ قالين تي ويهي رهيو. نه نه خليفا مٿي اچي منهنجي ڀرسان ويهه. جي جي سائين حاضر خليفي چيو. خليفي کي ڪجهه دل ۾ اطمينان ٿيو ته شايد ٻيو ڪو مسئلو هجي منهنجو خير آهي. خليفا مرشد ڳالهايو ته خليفي کان ڇرڪ نڪري ويو. پاڻ سنڀالي چيائين جي قبلا سائين خليفا توکي ته خبر آهي وڏا پاڪ الله کي پيارا ٿي ويا ٻيا پاڪ مون سان ٺهي ڪو نه سگهيا ۽ طلاق وٺي ويا. ٽيان پاڪ بلڊ ڪينسر جا مريض آهن. سو هينئر مون نئين شادي ڪرڻ جو ارادو ڪيو آهي. هوءَ فقيراڻي ڇوڪري ڏي اشارو ڪندي، اسان هڪ ٻئي سان پيار ڪريون ٿا جي عمر ۾ چاليهه سال فرق آهي ته وڏي ڳالهه ناهي، محبت جي مامرن ۾ عمر ننڍي وڏي جي فرق جي ڪا به حيثيت ناهي، هوءَ به مونسان پيار ڪري ٿي. شادي جي لاءِ راضي آهي. لکي پڙهي، وڏ گهراڻي جي آهي، ڪا به زوري زبردستي ناهي هوءَ پنهنجي مائٽن کي ڇڏي آئي آهي. خليفو هر ڳالهه تي جي جي چوندو رهيو. مون وڪيل کي چئي ڇڏيو آهي اهو به ڪورٽ ايندو ۽ چوڪيدار شمن کي به چيو اٿم اهو به تيار هوندو. ڀلا تون شناختي ڪارڊ کڻي آيو آهين يا نه؟ جي قبلا آهي، ڪورٽ تي هلڻو آهي. ٻڌئي خليفا؟ ها سائين ٻڌم. هيءَ هيڏي ملڪيت مريد خادم درگاهه آهي سڀني لاءِ ڪو والي وارث گهرجي ـ
خليفو جيڪو پريشانين جي ٽريفڪ ۾ ڦاٿل هو سائين جي ڳالهه ٻڌي دل ۾ شڪرانو ادا ڪري. چيائين ها سائين بلڪل توهان ڏهه شاديون ڪيو. توهان کي ڪير ٿو جهلي. ها سائين بلڪل والي وارث گهرجي ـ

Check Also

قضا قلم وهائيو ـ سردار احمد ٻرڙو

سردار احمد ٻرڙو هوءَ معصوم ڇوڪري هوندي هئي، اکين ۾ هميشه لڙڪن جو ڪينجهر بيٺل …