Sunday , June 20 2021
تازاترين
Home / تازاترين خبرون / نوابشاھ ۾ سنڌ سڀا طرفان کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي آزادي لاءِ بک هڙتال ڪئمپ لڳائي وئي

نوابشاھ ۾ سنڌ سڀا طرفان کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي آزادي لاءِ بک هڙتال ڪئمپ لڳائي وئي

نوابشاھ (رپورٽ: مزمل چانڊيو) سنڌ مان جبري طور کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن سميت 100 کان وڌيڪ ماڻهن جي آزادي لاءِ سنڌ سڀا پاران انعام عباسي، ڊاڪٽر نظير کوکر، سڪندر چانڊيو، عاشق اوڍاڻو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نوابشاھ پريس ڪلب ٻاهران علامتي بک ھڙتالي ڪيمپ قائم ڪئي وئي، بُک هڙتالي ڪيمپ ۾ جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري سورهه سنڌي، جسقم ضلعي نوابشاهه جي صدر علي رضا خاصخيلي، منير ابڙو، سيد ناصر شاهه ۽ ٻين قومي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي انھيءَ موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي نوجوانن، ٻارن ٻڍن کي بنا جواز ڪنھن ڏوھه جي کنڀي گم ڪيو ٿو وڃي، جيڪو غيرانساني ۽ غيرقانوني عمل آھي، ھنن چيو ته اسان جي گھرن ۾ ڌاڙيلن جيان گھڙي ماڻھو کي کنڀڻ بند ڪيو وڃي، کنڀي گم ڪيل آخري ماڻهو جي آزادي تائين احتجاج جاري رهندو، ھنن چيو ته جڏهن رياستون ڪمزور ٿينديون آهن ته انهن جو ظلم وڌي ويندو آهي، سنڌين سان ظلم به رياستي ڪمزوري جو مظهر آهي، ھنن چيو ته اسان کي يقين آهي ته اسان کي گهڻو عرصو قيد نٿو رکي سگهجي ۽ اسان جي جدوجهد جي ڪري کنڀي گم ڪيل پيارا ضرور آزاد ٿيندا، ھنن مطالبو ڪيو ته سنڌ مان جبري طور کنڀي ڪيل ماڻھن کي آزاد ڪيو وڃي. ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ اندر احتجاج جاري رهندوـ

Check Also

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي ـ علي عاجز

علي عاجز قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي …