Monday , March 8 2021
تازاترين
Home / تازاترين خبرون / نوابشاھ ميونسپل ڪاميٽي طرفان ملتان مان ڏهاڙي تي گهرايل ملازم پگهارون نه ملڻ خلاف مظاهرو ڪندي

نوابشاھ ميونسپل ڪاميٽي طرفان ملتان مان ڏهاڙي تي گهرايل ملازم پگهارون نه ملڻ خلاف مظاهرو ڪندي

نوابشاھ (رپورٽ: مزمل چانڊيو) ميونسپل ڪاميٽي نوابشاھ پاران نوابشاھ جي مختلف علائقن ۽ آفيسرن جي بنگلن جي صفائي ڪرڻ لاءِ ملتان مان ڏھاڙي تي گھرايل عملي کي گذريل ٻن مھينن کان پگھارون نه ملڻ خلاف مردن ۽ عورتن نظير احمد جي اڳواڻي ۾ نوابشاھ پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو ۽ بلديا انتظاميه خلاف سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي مظاهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان کي صفائي جي لاءِ 3 سو روپين جي ڏھاڙي تي ملتان مان گھرايو ويو آهي جڏهن ته اسان کي ٻه مھينا ٿي ويا آھن پگھارون نٿيون ملن جنھن جي ڪري اسان سخت پريشان آھيون ۽ ھن مھانگائي جي دور ۾ اسان جي ڏھاڙي ۾ نه وڌائي وئي آھي جيڪو سراسر ظلم آهي، ھنن چيو ته اسان ھن وقت گھرن ۾ فاقه ڪشي واري زندگي گذاري رھيا آھيون ليڪن بلديا انتظاميه اسان کي پگھارون جاري نٿي ڪري جيڪو اسان سان ظلم آھي، ھنن وس وارن کان مطالبو ڪيو اسان کي ٻن مھينن جون بقايا پگھارون ڏنيون وڃن ته جيئن اسان پنھنجي ٻچن جو پيٽ گذر ڪري سگھون، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو ـ

Check Also

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي ـ علي عاجز

علي عاجز قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي …