
نوابشاھ (رپورٽ: مزمل چانديو) نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران رامي سٽي جي رھواسڻ مسمات حاجران پنھنجي ماءُ زينب ۽ پيءُ غلام حسين سان گڏجي پنھنجي مڙس لطيف کوسو جي ظلمن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي دانھيون آھي ته منھنجو مڙس لطيف کوسو مونتي ھر روز تشدد ڪندو ھو، جنھن جي تشدد ۽ ظلمن سبب مڙس جي گھران نڪري پنھنجي ماءُ پيءُ وٽ پناھه ورتي ۽ طلاق ڏيڻ جو چيو، جنهن بعد گذريل ڏينهن منھنجي مڙس لطيف منھنجي ڏيرن عبدالرزاق، عبدالستار ۽ عبدالحق سميت ڏھه ڄڻن حملو ڪري اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، بي سيڪشن پوليس جي بروقت اطلاع ڪرڻ تي فوري پوليس جي پھچڻ تي جوابدار فرار ٿي ويا، ھنن چيو ته جوابدارن کي ڊي آئي جي آفيس ۾ ٽيليفون آپريٽر نور حسن رند جي پٺڀرائي حاصل آهي، ھن ايس ايس پي شھيد بينظيرآباد ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن مان منھنجي زندگي کي خطرو آهي مونکي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ـ