Sunday , July 25 2021
تازاترين
Home / تازاترين خبرون / نوابشاھ جي پي ايم سي اسپتال جي سامھون واري گلي جو ڊرينيج سسٽم خلاف احتجاج

نوابشاھ جي پي ايم سي اسپتال جي سامھون واري گلي جو ڊرينيج سسٽم خلاف احتجاج

نوابشاھ ( رپورٽر مزمل چانڊيو) نوابشاھ جي پي ايم سي اسپتال جي سامھون واري گلي جو ڊرينيج سسٽم سالن کان تباھه ھئڻ، آلودگي ۽ گندگي سبب وبائي بيماريون پکڙجڻ خلاف علائقي واسين دوڪانن، ميڊيڪل اسٽورن ۽ ميڊيڪل سينٽرن جي مالڪن غلام شبير ڏيپر، شيراز آرائين، زبير شيخ علي مگسي جي اڳواڻي ۾ اسپتال روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو ھنيو، مظاھرين چيو ته ھي نوابشاھ جو مکيه ڪاروباري علائقو آهي جتي سرڪاري اسپتال کانسواءِ ڪيترائي ميڊيڪل سينٽر ۽ ميڊيڪل سينٽر جتي روزانو سوين ماڻهو عورتون ۽ ٻار علاج ۽ دوائون وٺڻ اچن ٿا پر سالن کان تباھه حال ڊرينيج سسٽم ۽ گٽرن جي گندي پاڻي بيھڻ سبب ايندڙ ويندڙ ماڻهن جو جيئڻ جنجال آھي، ھنن چيو ته ميونسپل ڪميٽي انتظاميه وٽ بار بار دانھن باوجود ڪوبه تدارڪ نه ڪيو آهي، ھنن ضلعي انتظاميه ۽ ميونسپل ڪميٽي جي ايڊمنسٽريٽر کان مطالبو ڪيو ته پي ايم يو اسپتال جي سامھون واري گلي جو ڊرينيج سسٽم بحال ڪري علائقي واسين کي گندگي ۽ آلودگي کان بچايو وڃي ـ

Check Also

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي ـ علي عاجز

علي عاجز قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي …