Saturday , March 6 2021
تازاترين
Home / تازاترين خبرون / نوابشاھ جي غريب آباد جي رھواسين پاران واپڊا جي عملي خلاف احتجاج ڪيو ويو

نوابشاھ جي غريب آباد جي رھواسين پاران واپڊا جي عملي خلاف احتجاج ڪيو ويو

نوابشاھ (رپورٽ: مزمل چانڊيو) نوابشاھ جي علائقي غريب آباد جي رھواسين پاران واپڊا جي عملي خلاف جميل احمد قريشي، بشير قريشي، عزيز حيدري، منير احمد ڀٽي، فياض قريشي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ھٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ نوابشاھ پريس ڪلب ٻاھران احتجاجي مظاهرو ڪندي دانھيون آھي ته لائين سپرنٽنڊنٽ واپڊا 2 ظفر احمد ۽ لائين مين جاويد اعواڻ گھٽي ۾ لڳل ميٽرن جون تارون مين لائين ۾ بغير ڪنھن ميٽر جي غير قانوني بجلي چوري ڪندڙن کان منٿليون وٺن ٿا، ڪو مجبور ماڻهو اگر بل ادا نٿو ڪري ته ان کي بليڪ ميل ڪري ان کان پئسا وٺن ٿا، ھڪڙي ٻڌايو ته منھنجي ميٽر تي ڪابه بقايا ناھي جنھن جي باوجود منھنجي گھر جي بجلي ڪٽي وئي گھر ۾ انڌيرو ھئڻ جي ڪري منھنجو ڏيڊ سال جو ٻار مٿي ۾ شيشو لڳڻ ڪري فوت ٿي ويو، ھنن چيو ته بجلي چوري ڪندڙن خلاف ڪير به ڪاروائي نٿو ڪري غير قانوني بجلي ھلائيندڙن کان منٿليون وٺي پنھنجا کيسا گرم ڪن ٿا ۽ انھن جي خلاف ڪير به ڪاروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناھي، ھنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته واپڊا ۾ موجود ڪارين رڊن خلاف ڪارروائي ڪري غريبن سان انصاف ڪيو وڃي ـ

Check Also

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي ـ علي عاجز

علي عاجز قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي …