Wednesday , May 12 2021
تازاترين
Home / تازاترين خبرون / نوابشاھ جي علائقي موھني بازار جي رھائشي پيرسن غلام محمد پنھنجي زال مسمات سڪينه سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي

نوابشاھ جي علائقي موھني بازار جي رھائشي پيرسن غلام محمد پنھنجي زال مسمات سڪينه سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي

نوابشاھ (رپورٽ: مزمل چانڊيو) نوابشاھ جي علائقي موھني بازار جي رھائشي پيرسن غلام محمد پنھنجي زال مسمات سڪينه ۽ پٽ منظور ٻگھيو سان گڏ نوابشاهه پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي دانھيون آھي گذريل ڏينهن اسان جي بيواهه ننھن عرفانہ ٻگھيو منھنجي ۽ منھنجي پٽن خلاف ھڪ ڪوڙ تي ٻڌل پريس ڪانفرنس ڪئي، جيڪو سراسر ڪوڙ آھي، ھنن چيو ته اسان نه جڳھه تي قبضو ڪيو آھي نه ئي وري دوڪانن تي قبضو ڪيو آھي، ھنن چيو ته رات جي وقت اٺن جوابدارن عرفان، فرمان، مدثر، عرفانہ ۽ ٻيا نامعلوم منھنجي گھر ۾ گھڙي اسان کي ڏنڊن ۽ لوھي راڊ سان سخت تشدد ڪيو، جنھن ۾ 60 ورھين جو پيرسن منظور ٻگھيو ۽ عظيم ٻگهيو زخمي ٿي پيا، ھن پنھنجي جسم تي تشدد جا نشان ڏيکاريندي چيو ته ظالمن مونسان ظلم ڪيو آهي، ھنن چيو ته پوليس وٽ اسان شڪايت کڻي وياسين پر پوليس اسان جي ھڪ به نه ٻڌي اسان کي جوابدارن ۾ جان جو خطرو آهي، ھنن مطالبو ڪيو ته اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي ۽ جوابدارن کان تحفظ فراهم ڪيو وڃي ـ

Check Also

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي ـ علي عاجز

علي عاجز قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي …